ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اعتماد جو ووٽ سواليا نشان

اتحادي حڪومت جي وزير اعظم ۽ ن ليگ جي صدر شهباز شريف 27 اپريل خميس تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو کيس 180 ميمبرن اعتماد جو ووٽ ڏنو.
بقول اسپيڪر جي، جي مفتي عبدالشڪور حيات هجي ها ته وزير اعظم کي 181 ووٽ ملن ها ڪجھه ڏينهن پهريان ميڊيا جي باخبر ذريعن اهو ليڪ ڪرڻ شروع ڪيو هو ته وزير اعظم اعتماد جو ووٽ وٺندو انهيءَ کان پهريان پي ٽي آءِ جي ڪجھه حلقن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته هو صدر کي چوندا ته وزير اعظم کي اعتماد جي ووٽ لاءِ چئي پر پاڻ اعتماد جي ووٽ جي سواليا هجڻ تي ان رخ سان ڏسڻ چاهيون ٿا ته جيڪڏهن وزير اعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو هيو ته پوءِ انهيءَ جو کلي عام نه اظهار ڪيو ويو نه اعلان يقينن اسميبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو هوندو ڇو ته جيڪڏهن انهن کي اعتماد ۾ نه ورتو وڃي ها ته تعداد جي پوري هجڻ جو مسئلو پيدا ٿئي ها ۽ ٻيو ته ڪمزور اتحادي حڪومت سان نخري باز اتحادي وڌيڪ نخرا ڪن ها پاڻ هي به سمجهون ٿا ته ان اعتماد جي ووٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پي ڊي ايم جي اتحاد کي ڪهڙا پاپڙ ويلڻا پيا هوندا ۽ سيڪريٽ سپورٽ ڪنهن کان ڪيتري وٺڻي پئي هوندي موجوده حالتن ۾ جڏهن پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ (ڪورٽ جا ڪجهھ جج) اڻ سڌي ٽڪراءَ کان سڌي ٽڪراءَ جي طرف وڌي رهيا هجن تڏهن اهو گمان ڪرڻ بلڪل ٺيڪ ئي رهندو ته وزير اعظم جي اعتماد جو ووٽ هڪ ته ڪورٽ سڳوري کي يعني جن سان معاملا هلن پيا تن کي هي پيغام ڏيڻو آهي ته حڪومت ڪمزور ناهي پر وزير اعظم کي پارليامينٽ جو پورو پورو اعتماد حاصل آهي انهيءَ جو ٻيو پهلو جيڪو خاص معنيٰ رکي ٿو اهو هي ته اتحادين ۾ وقتن به وقتن جيڪي ناراضگيون پيدا ٿين ٿيون جيئن متحده آدمشماري جي مسئلي کي هڪ خاص زاويي سان کڻي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪرڻ جي حڪمتِ عملي ۾ اڳتي وڌندي ٿي وڃي ۽ هنن پنهنجي پارلياماني ميمبرن کان استعيفائون به وٺي ڇڏيون آهن جيڪڏهن ڪمزور امڪان جي باوجود به ڪجھه ٿئي ٿو ته وزير اعظم پنهنجي اڪثريت وڃائڻ جي خوف کان بچڻ جي لاءِ اعتماد جو ووٽ وٺي ڇڏي ڇو ته هاڻي کيس آئيني تحفظ ڇھه مهينن تائين ملي چڪو آهي هن خلاف بي اعتمادي جي رٿ نٿي اچي سگھي ۽ نه وري صدر کيس اعتماد جي ووٽ لاءِ چئي سگھي ٿو.
انهيءَ ۾ امڪان هن تي به بحث ٿي رهيو آهي ته سپريم ڪورٽ جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي ميمبرن جون استعيفائون تحليل ٿي ڪري ڇڏي ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي واپس اسيمبلي ۾ ويهڻ جو موقعو ملي ٿو ته هو حڪومت جي مٿي جو سور وڌيڪ نٿا بڻجي سگھن ۽ ڪا به بي اعتمادي جي رٿ نٿا آڻي سگھن گھڻ رخي سوالن جي بحثن جي دنيا ۾ وڪوڙيل هي حالتون اسان کي ٻڌائن ٿيون ته موجوده ٽڪرائن ۾ ڪمزور اتحادين جو پلڙو وڌيڪ ڀاري ٿيندو ٿو وڃي ۽ ايندڙ وقت ۾ اپوزيشن خاص طور تي پي ٽي آءِ پنهنجا پتا وڌيڪ لوز ڪري ويندي هاڻي ته هي به مطالبو وڌيڪ زور پڪڙيندي اڳتي پيو وڌي ته چيف جسٽس ڪورٽ جي فيصلائتي وقارن کي بحال رکڻ جي لاءِ فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ جو فيصلو ڪري ۽ هن بحران مان سڀني جي جان ڇڏائي ڇو ته هاڻي معاملو تيزي سان ان طرف وڌي رهيو آهي جتي جيڪڏهن ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ پارليامينٽ جي خلاف ڪو فيصلو ڏي به اٿي ته (جنهن جو امڪان تمام گھٽ آهي) پارليامينٽ انهيءَ جو ڀرپور دفاع ڪري سگھي ٿي هي تاريخ جو عجيب امتحاني ٽڪرائن جو دور آهي جنهن ۾ ٽڪراءَ ۾ ايندڙ ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي پر ۾ جيڪا آئين جي تشريح ڪن پيون اهي نه رڳو پنهنجي تشريحن ۾ مطمئن آهن پر گڏوگڏ پي پناھه مونجھارن جو شڪار به آهن تنهن ڪري حڪومت ۽ پي ٽي آءِ اپوزيشن نه چاهڻ جي باجود ڳالهين جي ميز تي ويٺا آهن ڀلي بظاهر تاثر هي ملي ته اهو ڪورٽ جو دٻاءُ آهي ممڪن آهي ته ڪنهن پهلو کان اهو هجي به پر پاڻ کي هي صاف نظر اچي پيو ته ٻنهي ڌرين جون هلندڙ ڳالهيون ڪنهن اهڙي نتيجي نٿيون پهچندي نظر اچن جنهن کي ڳالهين جو حل چئجي ها البته ايترو ضرور ٿئي پيو ته وقت کي گذارڻ جي لاءِ ڪجھه نه ڪجھه سياسي بحران کي گھٽ ڪرڻ جي حڪمتِ اختيار ڪندي طاقت جي توازن کي پنهنجي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جي لاءِ گفتگو در گفتگو جي پاليسي اڳتي وڌائجي ۽ وقت گذارجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button