پاڪستان جي مشهور اداڪارا لائبا خانب جي شادي لاءِ ٽيڪسي ڊرائيور جو رشتو اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق لائبا خان جا والدا ٻڌايو تھ سعودي عرب ۾ عمرو ڪرڻ بعد واپس ڪراچي اچڻ تي ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪئي، گهر آياسين تھ هڪ فون آئي، جنهن ٻڌايو تھ مان ان ٽيڪسي جو ڊرائيور آهيان، جنهن ۾ ايئرپورٽ تان اوهان آيا. ڊرائيور سنجيدا لهجي ۾ چيو تھ مان لائبا سان شادي ڪرڻ گهران ٿو، اوهان گهٻرايو نھ، هي ٽيڪسي منهنجي پنهنجي آهي ۽ مان کيس خوش رکندس. لائبا جي والدا ٻڌايو تھ مون ڊرائيور کي ڪجهه نھ چيو ۽ فون رکي لائبا کي مبارڪ ڏني ۽ چيو تھ تنهنجو رشتو آيو آهي، لائبا چيو تھ ٻيهر ان جي فون اٽينڊ نھ ڪجو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close