
پاڪستاني ڊرامن جي خوبصورت اداڪارا حنا الطاف انڪشاف ڪيو آهي تھ آغا علي ۽ منهنجي وچ ۾ شادي کان اڳ نھ دوستي هئي، نھ اسين هڪٻئي جي ويجهو هئاسين. ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ، آغا اڪيلي زندگي مان بيزا ٿي چڪو هو، مان بھ شادي جو سوچي رهي هئس، تنهنڪري هڪ ڏينهن آغا مون کي آڇ ڪئي ۽ اسان شادي ڪري ورتي. آغا علي ٻڌايو تھ اسان جي شادي روايتي آهي، ان ۾ غيرمعمولي ڪابھ ڳالهه ناهي. حنا جو چوڻ هو تھ شادي ٿيڻ کان اڳ مون سوچيو هو تھ ڪنهن خودمختيار عورت جيان شادي نھ ڪنديس، پر اهو خيال درست نھ هو.