ڪجهه سالن ۾ سوشل ميڊيا سڄي دنيا جي ماڻهن جي زندگين کي نئين ترتيب ڏيندڙ قوت طور سامهون آئي آهي. فيس بوڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙن پليٽ فارمن جو استعمال هر نسل ۽ عمر لاءِ روزاني معمول جو لازمي حصو بڻجي ويو آهي. بلاشڪ، سوشل ميڊيا اسان جي سماج ۾ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آنديون آهن ۽ ان جا سماج تي اثر به پيا آهن، جن مان ڪي نتيجا نقصانڪار پڻ آهن.
نمايان اثرن ۾ ڪميونيڪيشن جي تبديلي آهي. سوشل ميڊيا ڪميونيڪيشن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. رابطي ۾ آساني ڪارڻ ماڻهو هڪٻئي سان لهه وچڙ، وڊيو ڪالز، فوري پيغام ۽ مواد جي ڏي وٺ ۾ تمام تڪڙا ۽ اڳڀرا ٿيا آهن. خاص طور خاندان ۽ دوستن لاءِ جيڪي جاگرافيائي طور جدا ٿيل آهن. ان کانسواءِ سوشل ميڊيا سماجي مسئلن بابت آگاهي وڌائڻ، سماجي تنظيمن کي منظم ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪيو آهي.
سمارٽ فونز ۽ انٽرنيٽ تائين آسان رسائيءَ جي ڪري، سوشل ميڊيا نوجوان نسل کي سستي ۽ تڪڙي معلومات توڙي تفريح جو اهم ذريعو بڻيل آهي. جتي نوجوان پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو اظهار ڪري رهيا آهن. نوجوان، رقص، موسيقي ۽ فن جهڙن شعبن ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکاري رهيا آهن. آن لائين سکيا جي سهولت پڻ سوشل ميڊيا ذريعي ڏني ٿي وڃي. مهانگائيءَ جي دور ۾ تعليمي وسيلن تائين سستي رسائي، ٻين سکندڙن سان سهڪار، توڙي مختلف شعبن ۾ ماهرن سان ڳنڍجڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي.
سوشل ميڊيا مختلف عمر جي ماڻهن تي مختلف اثر ڇڏيا آهن. اهي اثر روين، جذباتن ۽ طرز زندگيءَ تي ڏسي سگهجن ٿا. ان جو جيڪڏهن تفصيلي جائزو وٺبو ته خبر پوندي ته 80 واري دور جا پيدا ٿيل ماڻهو جن کي جنريشن Y چيو وڃي ٿو. ان دور ۾ پيدا ٿيندڙ نسل ڪيترن ئي سوشل ميڊيا جي فورمن کي استعمال ڪري رهيا آهن ته جيئن پنهنجن گم ٿيل پراڻن دوستن سان رابطي ۾ رهي سگهن. ان کانسواءِ مختلف سياسي ۽ سماجي مسئلن تي پنهنجي راءِ جو اظهار پڻ ڪن ٿا. مثال طور سوشل ميڊيا احتجاج کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جيئن 2014ع ۾ اسلام آباد ۾ عمران خان، طاهر القادريءَ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو. جن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي وڏي مقبوليت ماڻي.
سال 1995ع ۾ پيدا ٿيندڙ نسل سوشل ميڊيا دورن ۾ پروان چڙهيو آهي. جنهن کي جنريشن Z چيو وڃي ٿو. هن دور ۾ پيدا ٿيندڙ نسل ۾ انسٽاگرام، سنيپ چيٽ ۽ ٽڪ ٽاڪ مشهور سوشل ميڊيا فورم آهن. انهن جي طرز زندگيءَ جي چونڊ، فيشن جي لاڙي، آن لائين رابطي ۽ آن لائين خريد ۽ وڪري تي اثرانداز ٿين ٿا. هن نسل جو سوشل ميڊيا تي گهڻو اثر رسوخ آهي. انهن مان ئي ڪجهه کي سوشل ميڊيا انفليوئنسر يا يوٽيوبر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو ئي واحد جوان نسل آهي، جيڪو ڊجيٽل دور جي پيداوار آهي. 2013ع کانپوءِ پيدا ٿيل نسل کي ايلفا جنريشن چيو ٿو وڃي، جن جي هٿن ۾ ڄمندي ئي سمارٽ فونز آهن ۽ هو انهن کي ئي پنهنجي دنيا سمجهن ٿا. اهي سڄو ڏينهن سوشل ميڊيا تي گذاري سگهن ٿا. بنا ڪنهن زمان مڪان ۽ خيال جي. ان نسل کي ته اها به خبر ناهي ته اصل ڇا آهي، نقل ڇا آهي. صحيح ۽ غلط ڇا آهي. سوشل ميڊيا جتي ڪيترن ئي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو ۽ سماج ۾ مثبت اثر ڇڏيا آهن. ان سان گڏوگڏ ڪجهه مسئلن ۽ مونجهارن کي پڻ جنم ڏنو آهي. جن ۾ ڊپريشن، خود اعتماديءَ جي ڪمي جهڙا مسئلا اهم آهن. سوشل ميڊيا تي غلط معلومات ۽ جعلي خبرن جي پکيڙ، سماجي ۽ سياسي ڇڪتاڻ کي جنم ڏنو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ انتشار وڌيو آهي. بنا تصديق جي خبرون ڦهلائڻ عوام ۾ خوف ۽ حراس پيدا ڪرڻ جي نتيجي ۾ بي چيني وڌي ٿي. سوشل ميڊيا جي ڦهلاءُ جي نتيجي ۾ سائبر بلنگ ۽ هراسان ڪرڻ به اڄڪلهه عام آهي. جنهنڪري سماج ۾ بي اعتمادي ۽ ذاتي رازداري پڻ خطري ۾ آهي.
هر وقت سوشل ميڊيا تي آن لائين رهڻ جي نتيجي ۾ جسماني سرگرمي يا ڪسرت جو نه هجڻ بيچينيءَ کي اڃا وڌائي ٿو. سوشل ميڊيا جي نتيجي ۾ خانداني لاڳاپا ۽ مٽن مائٽن سان ڳالهائڻ، ڏک سک ۾ همت وڌائڻ جو لاڙو پڻ گهٽيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سوشل ميڊيا تي هر وقت سرگرم رهڻ وارا ماڻهو حقيقت ۾ اوترا ئي اڪيلا ۽ ويڳاڻا ٿيندا وڃن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سوشل ميڊيا جي مثبت ۽ منفي ٻنهي اثرن کي اجاگر ڪيو وڃي. پاليسي سازن لاءِ پڻ انتهائي اهم آهي ته سوشل ميڊيا جي منفي اثرن کي گهٽائي، ان جي ذميوار استعمال، تعليم ۽ ضابطي ذريعي ان جي اثر کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪن. صحتمند ۽ خوشحال سماج لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته سوشل ميڊيا جي فائدن ۽ خطرن جي وچ ۾ توازن رکيو وڃي.