ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي تياري آهي؟

سنڌ ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. موسمياتي تبديلين جي ڪري برساتون پنهنجي مقرر وقت کان اڳ وسڻ شروع ٿي ويون آهن، جنهنڪري نه رڳو آبادگار پريشان لڳا پيا آهن پر انهن کي ان ڳالهه جي به ڳڻتي ورائي وئي آهي ته کين ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪيئن ڪيو ويندو. گذريل سال آيل ٻوڏ سبب جيڪي ماڻهو متاثر ٿيا آهن، انهن مان گهڻن جو انگ اڃا تائين ڪئمپن ۾ موجود آهي، مٿان وري برسات جي ڪري صورتحال خراب ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي پيا آهن. سنڌ ۾ برسات وسڻ کان پوءِ جنهن ڪوتاهي جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي، اهو ڏسڻ وٽان هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته برساتن کان پوءِ نه رڳو صورتحال ويتر خراب ٿي ويندي آهي پر برساتن جو پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾ به ڏينهن لڳي ويندا آهن، تنهنڪري عام ماڻهن لاءِ پريشانيون به وڌي وينديون آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي مڪاني ادارن، ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز ۽ ضلعي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي کين هدايت ڪئي آهي ته برساتن دوران مناسب اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ٿي سگهي. وڏي وزير چيو ته تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن سان شهري ٻوڏ جو خدشو آهي. تنهنڪري پاڻيءَ جي مناسب وهڪري لاءِ نالن جي نگرانيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته تازو ٽن وڏن نالن جي صفائي ۽ لائننگ ڪئي وئي آهي، ان ڪري برساتي پاڻيءَ جي نيڪال ۾ ڪا به پريشاني نه ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي نالا ڊي ايم سي ۽ ضلعي ڪائونسل جي حدن ۾ اچن ٿا انهن کي هر حال ۾ برقرار رکيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته مون ڏٺو آهي ته ماڻهن کي نالن جي ڪنارن تي ملبو اڇلائي ڇڏيو آهي، جيڪا ناقابل قبول آهي. مون اڳ ۾ ئي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته اهڙين گاڏين کي پڪڙي انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڊي ايم سيز کي خبردار ڪندي هن چيو ته سندن لاڳاپيل حدن ۾ اها ڳالهه يقيني بڻائي وڃي ته ڪنهن به گاڏي کي گند ڪچرو ۽ ملبو اڇلائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. وڏي وزير ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز کي هدايت ڪئي ته اهي روينيو وڌائڻ لاءِ ضروري قدم کڻن. هن چيو ته جيڪڏهن بلدياتي ادارن جي انتظاميا پراپرٽي ٽيڪس جي صحيح وصولي تي ڌيان ڏئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن سميت انهن جون سموريون مالي ضرورتون پوريون ڪري سگهندا. وڏي وزير واٽر بورڊ کي به سندن ريڪوري بهتر بڻائڻ ۽ اداري کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪي هدايتون وڏي وزير پاران جاري ڪيون ويون آهن، انهن تي ترت عمل ٿيڻ گهرجي ته جيئن وڏي نقصان کان بچي سگهجي. نالن جي صفائي رڳو شهرن تائين محدود نه هئڻ گهرجي پر ٻهراڙين ۾ به برساتي نالن جي صفائي ضروري آهي ته جيئن گهڻي برسات وسڻ جي صورت ۾ پاڻيءَ جو گذر سولو ٿي سگهي ۽ شهرن توڙي ٻهراڙين کي ٻڏڻ کان بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button