شوبز

جيا خان جي ماءُ ڪمزور ثبوت ڏنا، ڪيس هارائڻ جي ذميوار آهي: عدالت

بالي ووڊ اداڪارا جيا خان جي ڪيس مان سندس دوست سورج پنچولي جي آزاد ٿيڻ واري فيصلي بابت وڪيل استغاثا عدالتي فيصلي جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيا آهن، جنهن ڄاڻايو آهي تھ سي بي آئي جي عدالت قرار ڏنو آهي تھ جيا خان جي ماءُ رابعا خان ڪمزور ثبوت ڏنا، اها ئي هي ڪيس هارائڻ جي ذميوار آهي. وڪيل ٻڌايو تھ رابعا خان جيا جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن، سندن پوسٽ مارٽم رپورٽ، صفائي واري وڪيل، جاچ آفيسر سميت هر هڪ تي شڪ ڪندي رهي، جنهن سان ڪيس تمام گهڻو ڪمزور ٿيو. عدالت فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي تھ جيا جي ماءُ پنهنجا اڳوڻا بيان بھ پاڻ رد ڪيا، آپگهات کي قتل ظاهر ڪيو ۽ ڪو ثبوت ئي نھ ڏنو. وڪيل موجب عدالت قرار ڏنو تھ جيا جي لاش وٽان مليل خط بھ شڪي هو، جيا جي ڊائري بھ رابعا خان کي چئن ڏينهن بعد ملي، جيڪا هن عدالت ۾ جمع ڪرائڻ بدران ۾ ميڊيا ۾ ڇپرائي ڇڏي. هوڏانهن جيا جي والدا رابعا خان ميڊيا کي ٻڌايو تھ مان هاڻ هائي ڪورٽ ويندس، عدالتي فيصلي منهنجي قتل جي شڪ کي مضبوط ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button