
عالمي جوڊو چيمپيئن شپ ۾ شريڪ يوڪرين جي رانديگرن بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق انٽرنيشنل جوڊو فيڊريشن پاران روس ۽ بيلاروس جي رانديگرن کي ايونٽ ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ تي يوڪرين جوڊو فيڊريشن ايونٽ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد فيڊريشن پنهنجا رانديگر پڻ واپس سڏائي ورتا آهن، جنهن سان هڪ تڪرار اڀريو آهي.