گذريل ڏينهن مزدورن جو عالمي ڏينهن هو. شڪاگو جي شهيدن جي ياد پوري دنيا ۾ ملهائي ويندي آهي. ۽ انهن انسانن کي عزت ۽ محبت سان ياد ڪيو ويندو آهي، جن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو. جن پنهنجي زندگين جو نذرانو پيش ڪري، پوري دنيا جي پورهيتن جي ان حق کي تسليم ڪرايو ته مزدور انسان آهي. هن کي مشين نه سمجهيو وڃي. هن کان ايترو پورهيو ورتو وڃي جو اهو پورهيو ڪرڻ کان پوءِ هو سڪون سان سمهي به سگهي ۽ پنهنجي سماجي زندگي به گهاري سگهي. ڇو ته ڪو وقت اهڙو به هو، جڏهن مزدور کي صرف ۽ صرف سمهڻ جو وقت ملندو هو. هو پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن سان ته ڇا پر پنهنجي ٻارن ۽ گهر وارن سان به مشڪل سان ملي سگهندو هو. ۽ اهو سڀ ڪجهه يورپ جهڙي کنڊ ۾ هو. اهو انگلينڊ هو، جنهن ۾ سرمائيداريءَ جنم ورتو. ملون ۽ فيڪٽريون وجود ۾ آنديون ويون. ان وقت انهن ملين کي هلائڻ لاءِ بجلي تمام گهٽ هئي. ان ڪري انسان لوهي ازدهائن کي هلائيندا هئا. اهو هڪ عجيب دور هو.
پراڻي انگريزي ادب ۾ ان دور جو تذڪرو پڙهي تمام گهڻو عجب ۽ افسوس محسوس ٿيڻ لڳي ٿو. هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن انگريزن جا غريب ۽ معصوم ٻار اسڪولن ۾ وڃڻ بدران صبح جو گهرن ۽ ڪارخانن جون دوهانٽيل چمنيون صاف ڪندا هئا. انهن جي نازڪ ۽ ننڍڙن هٿن ۾ ڏول هوندا هئا. انهن جي مٿن مٿان ٽوپيون هونديون هيون. انهن جو اهڙو مشڪل ڪم ڏسي ان دور جي اديبن ۽ خاص طور تي حساس شاعرن کي تمام گهڻو افسوس ٿيندو هو ۽ هو انهن پورهيت ٻارن لاءِ احساس وارا اجرا نظم لکندا هئا.
يورپ ۾ جڏهن نئين نئين سرمائيداري آئي، تڏهن انساني حقن جو ڪو نالو نشان نه هو. شهرن ۾ مزدورن کان ٻارنهن ۽ چوڏانهن ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو ۽ اهو ڪم به تمام گهڻو ڪٺن هوندو هو. ان دور ۾ مزدورن جي وسندين ۾ گگهو لڳل هوندا هئا. انهن پورهيتن کي گگهوءَ جي ڀيانڪ آواز تي اٿاريو ويندو ۽ هو اکيون مهٽي محنت ۽ مشقت ۾ جنبي ويندا هئا. ان دور جا حڪمران به انهن سرمائيدارن سان گڏ هئا. انهن کي به پنهنجي پورهيت عوام جو ڪو احساس نه هو. نتيجي ۾ مزدور مظلوميت جي علامت بڻجي ويا.
19هين صديءَ جي اهڙي ڀيانڪ دور ۾ يورپ جي اندر هڪ انساني ۽ انقلابي شعور به جنم ورتو. مزدورن جي ان حالت کي ڏسي باضمير ذهين ماڻهن انقلابي ليک لکيا. ميڙاڪا مچايا. تقريرون ڪيون. احتجاج ڪيا. ان دور ۾ ئي ڪميونسٽ فڪر جو جنم ٿيو هو. ان دور ۾ ئي ”ڪميونسٽ مينيفيسٽو“ لکيو ويو هو. پر مجموعي طور تي ان وقت مزدورن جو اهو مطالبو هو ته انهن جي ڊيوٽيءَ جو ٽائيم 8 ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي. هن وقت پوري دنيا ۾ مزدوريءَ جو آفيشل وقت 8 ڪلاڪ آهي. جڏهن ته اهو بنيادي حق حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ کان ڏيڍ صدي اڳ ۾ اولهه جي انسانن کي پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪرڻو پيو هو.
پهرين مئي 1886 ڌاري شڪاگو جي ”هي مارڪيٽ“ ۾ ڪافي تعداد ۾ مزدور ڪٺا ٿيا هئا ۽ انهن جو صرف هڪ مطالبو هو ته مزدوريءَ جو وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪيو وڃي. ان ميڙ ۾ تمام گهڻو جوش ۽ جذبو هو. ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ان وقت هڪ نامعلوم شخص پوليس جي مٿان بم اڇلايو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي پوليس وارا مري ويا ۽ پوليس احتجاجي مزدورن جي مٿان گوليون هلائڻ شروع ڪيون. اڌ درجن مزدور اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ تمام گهڻا گهائجي پيا. جڏهن ته ان واقعي جي حوالي سان مزدورن ۽ پورهيتن جي بغاوت کي ڪچلڻ جي لاءِ تمام گهڻيون گرفتاريون ڪيون ويون ۽ مزدور اڳواڻن کي ڦاسين تي لڙڪايو ويو. ان واقعي کي ان دور ۾ به ”انصاف جي ڇڪي“ يعني (Miscarriage of Justice )ڪوٺيو ويو هو. پر شڪاگو ۾ شهيدن جي خون سان روشن ٿيل شمع جو سفر جاري رهيو ۽ اهڙو وقت به آيو جو نه صرف آمريڪا پر انگلينڊ، آسٽريليا، جرمني ۽ فرانس ۾ پورهيت طبقي جي حق ۾ زبردست تحريڪون هليون ۽ انهن جي نتيجي ۾ يورپي ملڪن جون حڪومتون مجبور ٿي پيون ۽ انهن مزدورن جو اهو مطالبو تسليم ڪيو ته پورهئي جو آفيشل وقت 8 ڪلاڪ ئي هوندو ۽ ان وقت کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪنهن به پورهيت کان ڪم ورتو ويندو ته اهو هن جو ”اوور ٽائيم“ هوندو ۽ ان جو اجورو هن کي الڳ ڏيندو ويندو.
اسان کي انهن انسانن جو تاريخي طور تي طرفدار ۽ شڪرگذار ٿيڻ گهرجي، جن مزدورن جي حقن کي پنهنجن ملڪن تائين محدود رکڻ بدران عالمي بڻايو. اهڙي طرح ان حق جي حوالي سان انهن ملڪن جا ماڻهو به مستفيد ٿيا، جن کي مزدور جدوجهد جو ڪو اتو پتو نه هو. اسان وٽ انقلابي فڪر به انهن ملڪن مان پهتو، جن ملڪن ۾ ڪارل مارڪس جهڙا انسان پنهجي علم ۽ عقل کي فروخت ڪرڻ بدران هن دنيا کي تبديل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ هڪ عظيم انقلابي تحريڪ جنم ورتو.
هن وقت عام طور تي پوري دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ پورهيت جدجهد جو بظاهر انت اچي چڪو آهي. جڏهن ته هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن هارين ۽ مزدورن جي جدوجهد جا سرخ پرچم هوائن ۾ جهومندا هئا. ان وقت کي گذري اڃان گهڻو وقت نه گذريو آهي. اهو وقت تمام گهڻو پرعزم هو، جنهن وقت ۾ عام طور تي پوري پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ سرخ سوچ کي تمام گهڻي مان ۽ شان سان پيش ڪيو ويندو هو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ سوڀو گيانچنداڻي ته ان تحريڪ جون علامتون هئا پر ان دور ۾ مجموعي طور مزدورن جي حقن جو ملڪي سياست تي تمام گهڻو اثر هو. کاٻي ڌر جون پارٽيون ته پنهنجو فرض ادا ڪنديون هيون. پر وچ واري پوزيشن تي بيٺل اقتداري سياست ڪندڙ پارٽيون به ان وقت مجبور هيون ۽ اهي به مزدورن ۾ تنظيم ڪاري ڪرڻ کي ضروري سمجهنديون هيون. اهوئي سبب هو ته مزدورن جون ٽريڊ يونين پيدا ٿيون ۽ انهن جي وڏي حيثيت هئي. ان وقت جي دوران جڏهن يوم مئي جو ڏينهن ايندو هو ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ مزدورن جا وڏا وڏا جلوس نڪرندا هئا. مزدورن جا جلسا ٿيندا هئا ۽ انهن ۾ باهه جيان ڀڙڪندڙ تقريرون ڪيون وينديون هيون.
گذريل ڏينهن يوم مئي جو ڏينهن مغموم هو. اهو ڏينهن موڪل وارو هوندي به سياسي طور تي ملول هو. ڇو ته ملڪ ۾ اهو ڏينهن اها پارٽي ملهائي رهي هئي، جنهن جي قيادت مزدورن جي انساني حقن کي دٻائي ويٺي آهي. نالي ۾ ته اها ”تحريڪ انصاف“ آهي پر اها جماعت اقتداري لالچ جي ملڪي علامت بڻجي وئي آهي. پوري پاڪستان جا پير، مير ۽ سرمائيدار ان پارٽيءَ جي اڳين صف ۾ آهن ۽ اها پارٽي مزدورن جي حقن لاءِ ريليون ڪڍي رهي هئي. ان کان وڌيڪ افسوس جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سرمائيدار سياست سرگرم هجي ۽ پورهيت دوست جدوجهد جو ڪو نالو نشان نظر نه اچي. ان صورت ۾ اهو ڏينهن اداس ڇو نه هوندو؟