شوبز

اڳوڻيون دوست سٺيون هيون، هڪ زال هجڻ گهرجي: سلمان خان

بالي ووڊ فلمن جي 57 ورهين جي ڪنواري سپر اسٽار سلمان خان چيو آهي تھ منهنجون سموريون اڳوڻيون دوست سٺيون هيون، لڳي ٿو تھ غلطي منهنجي هئي. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ شادي بابت سوال جي جواب ۾ سلمان خان جو چوڻ هو تھ جڏهن خدا چاهيندو تھ منهنجي شادي ٿيندي، مان 57 سالن جي عمر ۾ ڪنوارو آهيان، تنهنڪري ڇا چوان. هن ٻڌايو تھ اڳوڻين دوستن مان ڪجهه مون سان شادي کان انڪار ڪيو، جڏهن سامهون ها ٿي تھ مون بھ رڪيو هو، بس نتيجو اهو آهي تھ مان بنا شادي جي رهجي ويو آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ هڪ زال هجڻ گهرجي، پر في الحال ٻنهي پاسي نھ ئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button