
آمريڪي راڳي جيسن ڊيرولو جون ميٽ گالا 2023ع ۾ ريڊ ڪارپٽ تي ڏاڪڻين تان ڪرڻ واريون تصويرون وائرل ٿي ويون آهن. ميڊيا مطابق راڳي جيسن ڊيرولو جي وائرل تصويرن بابت ميڊيا پڻ گهڻو بحث ڪيو، پر بعد ۾ پتو پيو تھ جيسن ايونٽ جي ان سيشن ۾ شريڪ ئي نھ هو، سندس اهي تصويرون 2015ع جون آهن، جيڪي چٿر طور وائرل ڪيون ويون آهن.