
ڀارتي شهر پوني ۾ اي آر رحمان جي ميوزڪ ڪنسرٽ کي روڪڻ تي تنقيد بعد پوليس وضاحت جاري ڪندي چيو آهي تھ اي آر رحمان کي قانون موجب رات 10 وڳي ڪنسرٽ ختم ڪرڻو هو، پر سر وکيريندي راڳي کي پتو نھ پيو، جنهن تي موجود اهلڪارن کيس وڃي ياد ڏياريو تھ هن پاڻ ئي ڪنسرٽ ختم ڪيو. اي آر رحمان پوني جي مداحن کي چيو تھ جلد ايندس.