شوبز

ڊرامن ۾ پرڻيل عورتن جا ٻين مردن سان عشق ڏيکاريا وڃن ٿا: ناديا خان

پاڪستاني اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان ناديا خان پاڪستان جي ڊرامن جي ڪهاڻين ۽ منظرنگاري تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي تھ اسان جي ڊرامن ۾ اڪثر ڪري پرڻيل عورتن جا ڌارين مردن سان عشق ڏيکاريا وڃن ٿا، آخر ائين ڇو آهي. مٿيرا جي پروگرام ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن ڊرامن تي تنقيد ڪئي ۽ چيو تھ پاڪستان جي ڊرامن ۾ اڪثر ڪري عورتون پنهنجي پنهنجي مڙس کي دوکو ڏيندي نظر اينديون آهن، ڊرامن ۾ مڙس بدران ٻئي مرد سان تعلقات ڪهاڻين جي ترجيح هجن ٿا يا ڪو پراڻو دوست پراڻي دوست عورت ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي هوندو. هن ٻڌايو تھ اسان جي ڊرامن ۾ شادي، محبت ۽ دوکو ڏيڻ کانسوا ڪهاڻي ۾ ٻيو ڪجهه ناهي، منهنجي خيال ۾ هي ڪوتاهيون ليکڪن ۾ ئي آهن. هن چيو تھ اهڙا ڊراما ڇو نٿا ٺاهيون، جن ۾ مرد عمر ۾ وڏي عورت ۽ بيوهه سان شادي ڪري، ڇوتھ اسان جو مذهب ان کان نٿو روڪي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button