رانديون

نيپال اي سي سي ليگ کٽي ورتي، يو اي اي کي شڪست

اي سي سي ون ڊي ليگ جو فائنل کٽي نيپال نئون چيمپيئن بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ يو اي اي جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ملي آهي. ميڊيا مطابق کٽمنڊو ۾ کيڏيل ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ يو اي اي جا بيٽر 117 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، جن ۾ رڳو آصف خان 46 رنسن سان نمايان رهيو، 6 بيٽر سنگل ڊجٽ ۾ واپس موٽي ويا. نيپال جي بالر لليت راجبنشي 4 وڪيٽون وٺي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو. نيپال جي ٽيم 3 وڪيٽن تي 118 رنسن سان هدف ماڻي فتح حاصل ڪئي، جن ۾ گلشن جها 67 ۽ ڀيم شرڪي 36 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button