رانديون

اي سي سي پاران ايشيا ڪپ ملتوي ٿيڻ واريون خبرون رد

ڀارتي ميڊيا پاران هلايل انهن خبرن کي ايشيا ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ذريعن رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ ايشيا ڪپ ون ڊي وارو ايونٽ ملتوي ٿيڻ جي خبر ڏني وئي آهي. ميڊيا مطابق اي سي سي جي ذريعن جو چوڻ آهي تھ اڃا تائين ايشيا ڪپ جي ميزباني جا حق پاڪستان وٽ آهن، اسان کي ميمبر ملڪن پاران متبادل جي حوالي سان ڪابھ تجويز ناهي ڏني وئي. هوڏانهن انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي هڪ عهديدار نالو ظاهر نھ ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو تھ ميزباني اڃا پاڪستان وٽ آهي، جيڪڏهن اهڙو فيصلو ٿئي ها تھ پهرين آگاهي پي سي بي کي ڏني وڃي ها، اسان جون ڳالهيون لاڳاپيل عهديدارن سان ٿيون، پر انهن ۾ ايونٽ ملتوي ڪرڻ يا متبادل جي ڪابھ ڳالهه ناهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button