رانديون

ڀارت ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ نمبر ون بڻجي ويو، ٽي 20 ۾ بھ بادشاهت برقرار

ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽيسٽ فارميٽ ۾ نمبر ون پوزيشن حاصل ڪري آسٽريليا کان ان جي بادشاهت کسي ورتي آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي پاران جاري ڪيل نئين سالياني ٽيسٽ رينڪنگ ۾ ورلڊ چيمپيئن شپ کان اڳ ڀارت آسٽريليا کي نمبر ون تان پوئتي ڌڪي پاڻ نئون نمبر ون بڻجي ويو آهي. نئين ٽيسٽ رينڪنگ ۾ آسٽريليا 2 پوزيشن تي هليو ويو آهي، هاڻ انگلينڊ 3، ڏکڻ آفريقا 4، نيوزيلينڊ 5 ۽ پاڪستان 6 نمبر تي رهيا آهن. جڏهن تھ زمبابوي ۽ سريلنڪا بھ ٽاپ ٽين ۾ آهن. هوڏانهن ٽي 20 ۾ بھ ڀارت پهرين پوزيشن تي قبضو ڄمائي رکيو آهي، نئين جاري ٿيل رينڪنگ ۾ پاڪستان 4، انگلينڊ 2، نيوزيلينڊ 3، ڏکڻ آفريقا 4 ۽ آسٽريليا 6 پوزيشن ماڻي ورتي آهي. آئي سي سي جي ويب سائيٽ تي ڄاڻايو ويو آهي تھ آسٽريليا جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 15 مهينن کان جاري حاڪميت ڀارت اچي کسي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button