ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بدلجندڙ سياسي صورتحال

2018 جي عام چونڊن کان اڳ پيدا ٿيل ڊان ليڪس واري معاملي کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ جو مسلم ليگ نواز ۽ خاص ڪري مريم نواز سان بلڪل ويرُ پيدا ٿي پيو. ميان نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم بلڪل ڌڪارجي ويا. پاناما ليڪس جو سهارو وٺندي عدالتن کي سرگرم ڪيو ويو ۽ ميان نواز شريف کي سياسي طور نااهل بڻجڻ کان پوءِ ڌيءَ سميت ملڪ به ڇڏي وڃڻو پيو. ملڪي سياسي صورتحال بلڪل بدلجي وئي پر حالتون هميشه هڪ جهڙيون نه رهنديون آهن ان ڪري اڄ اسين ڏسون ٿا ته عمران خان ۽ سندس پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي ڌڪار جو نشانو جڏهن ته نواز ليگ سندس لاڏلي لڳي پئي آهي. مريم نواز ملڪ جي اهم ترين، مقبول ۽ چالاڪ سياسي اڳواڻ طور اڀري آئي آهي.
هڪڙي پاسي مسلم ليگ نواز ۽ ان جي پليٽ فارم تان خاص ڪري مريم نواز جي مقبوليت وڌي رهي آهي ته ٻئي پاسي پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو پاران تازو ئي هندوستان جو دورو يا سندس عمومي سرگرميون پيپلز پارٽي ۽ بلاول کي مقبول بڻائي رهيون آهن. خاص ڪري پنجاب اندر پيپلز پارٽيءَ جو خاموشيءَ سان وڌندڙ ڪردار ان سلسلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.
پاڪستان جي اليڪشني سياست جي تاريخ شاهد آهي ته مرڪزي چونڊون اها جماعت ئي کٽيندي آهي جيڪا پنجاب صوبي ۾ اڪثريت ماڻي سگهي. هن ڀيري ائين لڳي رهيو آهي ته نواز ليگ جي سموري ڪوشش باوجود ان جو چاڙهو ٿيندي نظر نه پيو اچي. جيتوڻيڪ ڏسڻ ۾ ائين اچي رهيو آهي ته پنجاب اندر نواز ليگ کي تحريڪِ انصاف کان خطرو آهي پر ان کي حقيقي خطرو پيپلز پارٽيءَ کان آهي. آصف علي زرداري نهايت ئي خاموشيءَ سان پنجاب اندر پنهنجو وڃايل ووٽ بينڪ ٻيهر حاصل ڪرڻ جون ڪامياب ڪوششون ڪري رهيو آهي. هڪڙي پاسي اهو پي ڊي ايم جي حڪومت جو حصو آهي ته ٻئي پاسي وري نواز ليگ کي اندران ئي اندران کاٽ به هڻي رهيو آهي. هُو مفاهمتي سياست جو ماهر ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻ جي معاملي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. پٽ کي ملڪ جو وزيرِ اعظم بڻائڻ لاءِ پرڏيهي وزارت وٺي ڏيڻ ۽ کيس دنيا اڳيان اهڙي نموني پيش ڪرڻ جو کيس مستقبل جو وزيرِ اعظم بڻجڻ جي سند ملي وڃي، جهڙيون چالون ڏسي چئي سگهجي ٿو ته زرداري صاحب نهايت ئي سهڻي نموني کيڏي رهيو آهي. جهڙي نموني زرداري صاحب پنجاب اندر بنا ڪنهن پارٽي ٽيڪ جي پنهنجي ٻلَ تي چونڊون کٽي سگهندڙ شخصيتن (اليڪٽبلز) کي پاڻ سان ملائيندو ٿو وڃي ان کي ڏسي لڳي ٿو ته پنجاب خاص ڪري ڏکڻ پنجاب اندر پيپلز پارٽيءَ جي ڪاميابيءَ جا امڪان وڏي پيماني تي چٽا آهن. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته گذريل ٻن عام چونڊن دوران پيپلز پارٽي پنجاب منجهان ته لڳ ڀڳ لڏو ئي کڻي چڪي هئي. 2018 وارين عام چونڊن ۾ ته پنجاب جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ وڏي مشڪل سان 7 سيٽون حاصل ڪري سگهي هئي. 2013 جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ پنجاب منجهان 8 سيٽون کٽيون هيون. ياد رهي هيءَ اها ئي پارٽي آهي جنهن 2008 وارين عام چونڊن ۾ پنجاب منجهان 93 سيٽون کٽيون هيون. پر هاڻي لڳي ٿو ته مظفر ڳڙهه منجهان جيڪي سگهاريون ڌريون پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيون آهن ان کان پوءِ اها ان هڪڙي ضلعي جي 11 سيٽن منجهان پيپلز پارٽي گھٽ ۾ گھٽ 6 سيٽون کٽي وٺندي.
ملڪ جي اندروني صورتحال اها آهي جڏهن ته پرڏيهي پاليسيءَ ۾ به ڪجهه هاڪاري تبديليون ٿي رهيون آهن. هندوستان جنهن زماني ۾ پنڊت جواهر لال نهروءَ جي سربراهيءَ هيٺ هو ان زماني ۾ اهو اڻ ڌري قوت طور عمل ڪندو رهيو.
2011 کان پوءِ پهريون ڀيرو بلاول ڀٽو جي صورت ۾ ڪنهن وڏي رتبي وارو پاڪستاني هندوستان جي سرڪاري دوري تي ويو. بلاول ڀٽو هندوستاني شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي گڏجاڻي ۾ شرڪت لاءِ ويو هو جيڪا هلندڙ مهيني جي چوٿين ۽ پنجين تاريخ تي ٿي گذري. هڪڙي پاسي اسان جو ملڪ اڳي ئي تمام گھڻي سياسي، مذهبي ۽ سماجي ويڙهاند جو ميدان بڻيو پيو آهي. دنيا کان ڪٽيو پيو آهي. آمريڪا هندوستان کي ايشيا اندر فرنٽ لائين اسٽيٽ قرار ڏيندي پاڪستان جي ڪردار کي غير اهم بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري اسان جي پنهنجي ملڪ اندر بلاول ڀٽو جي ان دوري تي هروڀرو جي تنقيد ٿيندي رهي. حالانڪه اسان کي ان تي خوش ٿيڻ گھربو هو ته ڏهاڪو سالن کان به وڌيڪ عرصي کان پوءِ اعلى رتبي وارو هڪڙو ذميوار سرڪاري عملدار پاڙيسري ملڪ ويو آهي ۽ ان سرڪاري دوري دوران دنيا اڳيان پاڪستان جي سٺي صورت پيش ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي. هندوستان ۽ چين سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي هر ڪوشش کي ساراهڻ گھرجي. پر اسان وٽ ان جي ابتڙ ان سموري ڪوشش کي خاص ڪري سوشل ميڊيا تي ويٺل مجاهدن تڪراري بڻائڻ ۽ تنقيد جي نشاني تي رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. ان دوري سبب بلاول صاحب جي پنهنجي شخصيت يا سندس پارٽيءَ کي جيڪو فائدو پوي ٿو سو ته پوندو پر ان جو اهو مطلب ڪونهي ته ان دوري يا سرگرميءَ جي نتيجي ۾ هن ملڪ کي جيڪو فائدو پوڻو آهي اسان ان جا به انڪاري بڻجي بيهون. شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي آبادي دنيا جي اڌ آباديءَ تي مشتمل آهي. پوري دنيا جي جي ڊي پي جو 25 سيڪڙو ان تنظيم جا ميمبر ملڪ ڏئي رهيا آهن. ان ڪري شنگهائي تعاون تنظيم انتهائي سگهارو ۽ اعتماد جوڳو فورم آهي جتان پاڪستان پنهنجو پاڻ کي دنيا اڳيان بهتر صورت ۾ پيش ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي اندروني صورتحال امن امان جي حوالي سان ڪا خاص بهتر ڪانهي. نه وري عالمي طور تي بدامني ڦهلائيندڙ قوتن سان اڳي وانگر سندس سٺا لاڳاپا آهن. ان ڪري ان ڳالهه جا گھڻا امڪان موجود آهن ته ملڪ اندر بدامني ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي جيڪا آسانيءَ سان ڪامياب پڻ ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته هن ملڪ جا حقيقي مالڪ پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن خاطر هر قسم جو گند ڦهلائيندا رهيا آهن. هاڻي جيڪڏهن پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جهڙي سگهاري فورم تي ڳڻپ جوڳي صورت ۾ موجود آهي ته سندس ڪجهه نه ڪجهه بچاءُ ۽ ڀلو ٿي سگهي ٿو پر جيڪڏهن اهو اتي موجود ڪونهي ته پوءِ سمجهو سموري دنيا اڳيان به اهو غير حاضر ئي آهي.
آخري ڳالهه اها ته اوهان سڀني ڏٺو ته جڏهن هن ملڪ جا اصل واڳ ڌڻي ڪو فيصلو ڪري وٺندا آهن ته پوءِ ملڪ جي ڪا به عدالت سندن فيصلي کي روڪي نه سگهندي آهي. جڏهن اهي ڪو فيصلو ڪري وٺندا آهن ته پوءِ پنجاب جو ڊوميسائل به ڪنهين ڪم جو نه رهندو آهي. هن ملڪ اندر ڦاهي يا هٿڪڙيون، بم يا گولي فقط حاضر سروس يا اڳوڻي وزيرِ اعظم لاءِ آهن (لياقت علي خان، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، ميان نواز شريف ۽ هاڻي عمران خان ان جا ثبوت آهن)، حاضر سروس ته ٺهيو ڪنهن اڳوڻي جرنيل لاءِ به نه.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button