ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي گرفتاري: پنجاب ڏکيو ملهه

جڏهن کان ملڪ وجود ۾ آيو آهي تڏهن کان ٻڌندا پيا چون ته پنجاب ڏکيو ملهه آهي جنهن جي به سندري ۾ هٿ وجهندو آهي تنهن کي نپوڙي پوءِ ئي پٽ تي گهلي گهلي اڇلائيندو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي هڪ صحافي به پنجاب بابت اهڙائي ڪجهه ريمارڪس ڏئي چڪو آهي ته پنجاب سدائين ننڍن صوبن تي حڪمراني ڪئي آهي ۽ ننڍن صوبن جا حق پائمال ڪيا آهن ۽ ٻيا ڪافي ڪجهه مثال ڏنا آهن، جن کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ننڍن صوبن جي سياستدانن کي به پنجاب جي روين مان اڻ کٽ شڪايتون رهيون آهن، جڏهن به ڪنهن ننڍي صوبي وفاق تي حڪمراني ڪئي آهي ته ان کي انتقام جو منهن ڏسڻو پيو آهي ۽ کيس ڪڏهن به برداشت ناهي ڪيو ويو ۽ کين سدائين هٿرادو ڪيسن ۾ جڪڙيو ويو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترما بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به هڪ نه ٻه نه پر ڪيئي ڀيرا ڪيسن ۾ جڪڙيا ويا جيلن جو منهن ڏٺائون.
پي ٽي آءِ جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان نيازي جنهن جو تعلق به ننڍي صوبي ڪي پي ڪي سان آهي تنهن تي به اقتدار تان لهڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو جي مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ کيس وقت بوقت گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر عدالتن مان عبوري ضمانتن ملڻ ڪري گرفتار نه ٿي سگهيو هو. تنهن کي ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هو هڪ ڪيس ۾ پنهنجي ضمانت ڪرائڻ لاءِ بايومئٽرڪ ڪرائڻ لاءِ ڪورٽ ۾ پهتو هو، جتي اڳواٽ ئي بيٺل رينجرس گهيري ۾ آڻي هٿيڪو ڪري ورتو. جنهن ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو تنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو القادر ٽرسٽ ۾ ٻن ارب رپين جي گهوٻي وارو ڪيس آهي جنهن جي جاچ نيب راولپنڊي ڪري رهي هئي ۽ سندس هفتو اڳ گرفتاريءَ جا وارنٽ نڪتل هئا.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاريءَ جي عمران خان کي تڏهن کان پوري پڪ هئي، جڏهن هن کي بي اعتماديءَ جي رٿ هيٺ هٽايو ويو هو ۽ هن پنهنجي ميمبرن کان ترت استعيفائون ڏياري قومي اسيمبليءَ کان علحدگي اختيار ڪئي هئي ۽ حڪمرانن کي رستو صاف ڪري ڏنو هو. ان کانسواءِ هن اقتدار مان نڪرڻ وقت سگهارن ادارن ۽ آمريڪا خلاف سخت ردعمل ڏيکاريو ۽ پنهنجي سر تي دشمني سوار ڪرائي ۽ ٻيهر اقتدار جي جلدي لاءِ تڪڙو فيصلو ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليون ٽوڙائي نين چونڊن لاءِ راهه هموار ڪئي، جنهن سان به هو نه فقط ڪمزور ٿيو پر مخالفن کي رستو صاف ڪري ڏنائين.
ڪجهه سياسي حلقن عمران خان جي گرفتاريءَ کي انصاف جي تارازي جي پڙن کي برابر ڪرڻ طرف پهريون قدم قرار ڏنو آهي جنهن لاءِ (ن) ليگ قيادت ڪجهه مهينن کان اظهار ڪندي پئي اچي. (ن) ليگ قيادت ان خيال جي آهي ته جيئن ميان محمد نوازشريف نااهل ٿيو ۽ قيد ڪاٽيو چونڊن کان الڳ رهيو اهڙي ريت عمران خان به سزا کائي قيد ڪاٽي نااهل ٿي چونڊن کان پري رهي جنهن کانپوءِ ئي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿين. ٻيو ته (ن) ليگ کي اهو پورو پورو يقين آهي ته 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊن نه ٿيڻ جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ ڪوبه مخالفت ۾ فيصلو ڏئي سگهي ٿي، تنهنڪري به عمران خان کي اڳواٽ گرفتار ڪرائي اندر جي باهه تي پاڻي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
پنجاب (ن) ليگ جي هٿن مان نڪري چڪو آهي فقط ئي فقط پي ڊي ايم جو سهارو اٿس. عمران خان جيل ۾ رهندي به سگهارو ٿي اڀرندو. عمران خان مٿان سون جي انگ ۾ هڪٻئي پٺيان داخل ٿيل ڪيس ۽ سندس عدالتي احاطي ۾ گرفتاري دنيا اندر سوال اٿاري ڇڏيا آهن ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انصاف نالي ڪا به شيءِ موجود ناهي. هتي جڏهن به ڪا حڪومت اچي ٿي ته پنهنجي مخالفن جي تذليل ڪري ٿي ۽ پاڻ کي سگهارو بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ جي آئين ۽ قانون کي نظر ۾ رکندي ڪو اهڙو وچون رستو ڪڍيو وڃي جنهن سان ملڪ ۾ پرامن شفاف چونڊون ٿين اقتدار چونڊيل نمائندا سنڀالين ته جيئڪن ملڪ هر قسم جي بحران مان ٻاهر نڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button