ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪي امن کي داءُ تي لڳائيندڙ پي ٽي آءِ

تازو عمران خان جي گرفتاريءَ کان پوءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيو آهي، ان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارو ماحول وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي. هر پاسي کان باهه، پٿراءُ ۽ ڀڃ ڊاهه لڳي پئي آهي، پي ٽي آءِ جا ڪارڪن عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا آهن. بسن، گاڏين سرڪاري عمارتن کان وٺي پوليس وينن کي باهه ڏئي ساڙي رهيا آهن. جڏهن ته پرامن احتجاج هر ماڻهو توڙي سياسي پارٽيءَ جو حق آهي پر جيڪڏهن پرامن احتجاج جي آڙ ۾ تباهي آندي وڃي ته اهو ڪنهن به ريت برداشت جوڳو عمل ڪونهي. پي ٽي آءِ جا ڪارڪن هڪ پاسي احتجاج ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي باهيون ڏئي حملا پڻ ڪري رهيا آهن. هن وقت تائين 4 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 27 زخمي ٿي چڪا آهن.
عمران خان جي گرفتاري خلاف تحريڪ انصاف طرفان شديد احتجاج ڪيو ويو، مختلف شهرن ۾ روڊ رستا بند ڪري ملڪيتن کي پڻ باهيون ڏنيون ويون، راولپنڊي ۽ لاهور جي حساس هنڌن تي پٿرا ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. پوليس شديد لٺبازي ڪندي سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل مطابق تحريڪ انصاف پنهنجي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو جنهن تي ڪيترن ئي شهرن ۾ پي ٽي آ ڪارڪنن رستا بند ڪري ڇڏيا، پنجاب جي نگران حڪومت امن امان جي قيام لا رينجرز کي طلب ڪري موبائل فون سروس بند ڪري ڇڏي. پي ٽي آ ڪارڪنن اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ احتجاج ڪيو ۽ ڪارڪنن مارچ ڪندي ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا. پوليس ترجمان مطابق سياسي جماعت جي ڪارڪنن جي پٿرا جي نتيجي ۾ 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا جڏهن ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي 43 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن بي بي سي ڄاڻايو آهي ته عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪندي پي ٽي آ ڪارڪن راولپنڊي ۾ فوج جي هيڊ ڪوارٽر جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر هڪ تي پهچي ويا. ان حوالي سان بي بي سي کي مليل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مڇريل مظاهرين گيٽ نمبر هڪ جي ٻاهران ڀڃ ڊاهه ڪن ٿا ۽ ان کانپو گيٽ کي زبردستي کولي اندر داخل ٿين ٿا. موقعي تي موجود صحافي خالد چوڌري مطابق في الحال ان هنڌ تي احتجاجي مظاهرو جاري هو. جڏهن ته مري روڊ تي واقع حمزه ڪيمپ ٻاهران موجود سيڪيورٽي چوڪي کي به باهه ڏني وئي آهي. رپورٽن مطابق ڪپتان جي گرفتاري خلاف ڪارڪن وڏي انگ ۾ راولپنڊي جي مال روڊ، مري روڊ سميت ٻين شاهراهن ۽ رستن تي نڪري آيا، مختلف هنڌن تي ٽائرن کي باهه ڏئي ٽريفڪ بلاڪ ڪري ڇڏي. پوليس ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لا شديد لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي جڏهن ته رٻڙ جون گوليون به هلايون ويون.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ هن وقت جيڪا ڏڦيڙ واري صورتحال آهي، ان جي ذميوار پي ٽي آءِ تي لاڳو ٿئي ٿي. جيڪا ماضي ۾ به افراتفري پکيڙيندي رهي آهي ۽ هاڻ به ساڳي ريت ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سان ملڪي امن امان جي صورتحال بنهه گهڻي خراب ٿي وئي آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهي عنصر جيڪي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏئي ساڙي رهيا آهن، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي ۽ ملڪ ۾ آيل هن ڀونچال مان جان ڇڏائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button