شوبز

مهوش ۽ ڪبرا بابت نامناسب مواد نھ هٽيو، جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نھ ٿيو

پاڪستاني اداڪارائن مهوش حيات ۽ ڪبرا خان بابت نامناسب مواد نھ هٽيو آهي، جڏهن تھ سنڌ هائي ڪورٽ ۾ درخواستن جي ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نھ ٿيو آهي. ميڊيا مطابق سنڌ هائي ڪورٽ ۾ يوٽيوبر عادل فاروق راجا پاران ڪبرا خان ۽ مهوش حيات بابت اعتراض جوڳي وڊيو رکڻ خلاف هتڪ عزت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جاچ آفيسر پيش نھ ٿيو، جنهن تي عدالت ڪاوڙ ڏيکاري آهي. عدالت ۾ اداڪارائن جي وڪيل خواجا نود ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي موقف اختيار ڪيو آهي تھ، اڃا تائين رڳو ڪاغذي ڪاروائي بنا ٻيو ڪجهه ناهي ٿيو، اعتراض جوڳو مواد ناهي هٽايو ويو آهي. جڏهن تھ عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آئي اي کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي کي 3 مهينا يعني 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button