شوبز

حديقا ڪياني سميت فلمي شخصيتن کي ملڪي حالتن تي ڳڻتي

پاڪستان جي فلمي شخصيتن کي گذريل ٽن ڏينهن کان ملڪ ۾ جاري حالتن تي تمام گهڻي ڳڻتي ورائي وئي آهي، جن پريشاني واريون پوسٽون پڻ شيئر ڪيون آهن. 9 مئي کان پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کان شروع ٿيل خراب صورتحال تي عتيقا اوڍو، عيني خالد، زارا پيرزادا، قرت العين بلوچ ۽ ٻيا اڳ ئي پريشاني جو اظهار ڪري چڪا آهن. جڏهن تھ مايا علي بھ ماڻهن کي پرتشدد احتجاج نھ ڪرڻ جي اپيل هڪ ڏينهن اڳ ڪئي آهي. هوڏانهن هاڻ وري حديقا ڪياني ۽ ياسر حسين ملڪ جي حالتن تي ڳڻتي ڏيکاري ڇڏي آهي. حديقا ڪياني جو چوڻ هو تھ ملڪ جي موجودا حالتن ۾ هڪ قوم طور اسين مڪمل طور تباهه ٿي وياآهيون، پر قوم جي فرد جي حيثيت ۾ اسان بهتري آڻڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. ياسر حسين چيو تھ ننڍپڻ ۾ وڊيو گيمز گهڻيون کيڏيون، هي گيم تھ سمجهه کان ٻِاهر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button