رانديون

زمبابوي جو ڪرڪيٽر هيٿ اسٽريڪ ڪينسر ۾ مبتلا، حالت خراب

زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان هيٿ اسٽريڪ ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، جنهن جي حالت انتهائي خراب ٻڌائي پئي وڃي. ميڊيا مطابق هيٿ اسٽريڪ کي گهرڀاتين ڏکڻ آفريقا جي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، جتي سندس صحت ۾ معمولي بهتري ڄاڻائي وئي آهي. هوڏانهن هيٿ اسٽريڪ جي گهرڀاتين جو چوڻ آهي تھ هيٿ اسٽريڪ جا حوصلا بلند آهن، سندس بهتر علاج ٿي رهيو آهي. ياد رهي تھ هيٿ اسٽريڪ 2004ع ۾ ڪرڪيٽ جا معاملا خراب ٿيڻ تي ٽيم جي ڪپتاني ڇڏي ۽ 2005ع ۾ 31 سالن جي عمر ۾ رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي هئي. هن 65 ٽيسٽ، 189 ون ڊي کيڏيا، ٽيسٽ ۾ 216 ۽ ون ڊي ۾ هن 239 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button