هندستان جي مشهور ليکڪه انيتا ديسائي پنهنجي لکڻ جي نرالي انداز جي ڪري هڪ اهم ناول نگارا طور ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. هن وڏن سا گڏ ٻارن لا پڻ لکيو آهي ۽ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سن 1982ع ۾ هن کي دي گارڊين ايوارڊ مليو. ايئن ته هن جي افسانن جو مرڪز فرد جي اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ رهي آهي جنهن جو بهترين مثال هن جو ناوليٽ “فائر آن دي مائونٽين” آهي. پر سن 1984ع ۾ ڇپيل هن جو ناول “ان ڪسٽڊي” هڪ ڇرڪائيندڙ موضوع تي لکيل آهي. هي ناول 1984ع جي بُڪر انعام لا پڻ شارٽ لسٽ ٿيو. هن ناول جي ٽين باب ۾ دلي ۾ اردو ٻولي جو جيئرو مهان شاعر نور جنهن جو گهر چاندني چوڪ تي آهي، جتي هو پنهنجين ٻن زالن سان رهي ٿو، ديوان نالي مک ڪردار کي چئي ٿو:
“اردو شاعري ڪيئن بچي سگهي ٿي جڏهن اردو ٻولي ئي نه هوندي!” نور جو چيل اهو جملو ننڍي کنڊ ۾ شروع ڪيل ٻولين واري ڇڪتاڻ ڏانهن ڇرڪائيندڙ نموني اشارو ڪري ٿو. اها ڇڪتاڻ مذهب جي بنيادن تي شروع ٿي، جنهن ۾ اردو مسلمانن جي ٻولي ٿي پئي ۽ هندي هندون جي ٻولي ٿي پئي.
هن ناول جو مک ڪردار ديوان نالي هڪ همراهه آهي جيڪو ميرپور ۾ هڪ ڪاليج ۾ هندي جو ليڪچرار آهي، پر هن کي اردو سان جنون جي حد تائين عشق آهي ۽ هو نور نالي اردو جي شاعر کي ديوتا ڪري مڃي ٿو. هڪ ڏينهن مراد نالي هن جو دوست جيڪو “آواز” نالي هڪ رسالي جو ايڊيٽر آهي دلي کان هن وٽ اچي ٿو ۽ هن کي پنهنجي رسالي لا نور جو انٽرويو ڪرڻ جو چئي ٿو. ديوان نور جي حوالي سان هڪ منوگراف پڻ لکي چڪو آهي ۽ جڏهن پنهنجي دوست جي اهڙي آڇ ٻڌي ٿو ته هن جي دل ۾ نور سان ملڻ جي آس وڌي وڃي ٿي. هو دلي ڏانهن وڃي ٿو، مراد سان ملي ٿو ۽ اتان چاندني چوڪ نڪري وڃي ٿو، جتي هن کي نور سان ملڻو آهي. جڏهن هو پوڙهي شاعر سان ملي ٿو هن کي ٻڌائي ٿو ته هن کي مراد هن ڏانهن انٽرويو لا موڪليو آهي ته شاعر چڙي پئي ٿو ۽ هن کي چئي ٿو:
“اهو جوڪر، اهو پنهنجي منهن تي رنگ هڻي ڪوڙو نڪ لڳائي ۽ ڪنهن سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکاري.” ان مان ديوان سمجهي وڃي ٿو ته هي انٽرويو ڪو سولو ڪونه هوندو. هو جڏهن ٻيو ڀيرو مراد سان ملي ٿو ته مراد هن کي ڏٽو ڏيندي چئي ٿو هو هڪ ٽيپ ريڪارڊ وٺي ۽ نور جيڪو به ڳالهائيندو وڃي ان کي ريڪارڊ ڪندو وڃي پو ان مان ڪم جون ڳالهيون لکي رسالي کي موڪلي. ديوان مراد جي اهڙي صلاح تي عمل ڪندي پنهنجي ڪاليج جي پرنسيپال کي نور تي تحقيق ڪرڻ لا ٽيپ ريڪاڊر وٺڻ جو پرپوزل ڏئي ٿو. هڪ ميٽنگ ۾ هن سان ڪاليج جي اردو شعبي جو انچارج صديقي به آهي ۽ اهو هن جي حمايت ڪري ٿو. نيٺ ڪاليج جي فنڊ مان ڏوڪڙ ڪٽي ديوان کي ٽيپ ريڪارڊر وٺڻ لا چيو وڃي ٿو. مراد وري هن کي ڏٽا ڏئي سيڪنڊ هينڊ ريڪارڊر وٺرائي ٿو ۽ هن کي نور ڏانهن موڪلي ٿو. هو ڪيترن ئي ڏينهن تائين نور سان ڪچهري ڪندو رهي ٿو. ان وچ ۾ مراد هن کي زور ڀريندو رهي ٿو ته جلدي ڪري پرچي ڪڍڻ ۾ باقي ڪجهه ڏينهن بچيا آهن. پر نور وٽ ڪجهه اهڙيون حالتون ٿي وڃن ٿيون جو انٽرويو ڪرڻ جو ماحول ئي نٿو جڙي. نيٺ هو ڪچهريون گڏ ڪري ميرپور موٽي ٿو ۽ رسالي لا انٽرويو جو مواد لکڻ ويهي ٿو. جڏهن هو ريڪاڊر ٻڌي ٿو ته هن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي رڳو کُر کُر جو آواز ۽ ابتا سبتا جملا. ان هوندي به هو رسالي لا ڏيڍ صفحي جو مواد ڪڍي موڪلي ٿو. ان وچ ۾ هن کي نور جو خط ملي ٿو جنهن ۾ هو بيماري جو ڄاڻائي هن کي پيسا گهري ٿو. ديوان مراد سان رابطو ڪري ٿو ۽ ڏوڪڙ ڏيڻ جو چئيس ٿو جنهن تي مراد پيسا ڏيڻ کان منع ڪندي چئيس ٿو اول ته ايتري مواد جا پيسا ٺهن ڪونه ٿا ٻيو جيڪڏهن اهو مضمون هن جي نالي سان ڇپيو ته پو پيسا ملندس. ان وچ ۾ ڪاليج وارا هن کان ريڪارڊ گهرن ٿا ۽ هو ويتر مونجهارن جي ور چڙهي وڃي ٿو. ديوان اردو جي عشق ۾ ذري گهٽ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي ويهي ٿو. هن خوبصورت ناول کي پڙهندي احساس ٿئي ٿو ته ٻولي محبت ۾ ماڻهو کي ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون سهڻيون پون ٿيون!