ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ منشيات جا اڏا

سنڌ ۾ ڪجهه وقت کان گٽڪي ۽ منشيات جي ٻين اسمن تي بندش لاءِ وٺ وٺان لڳي پئي آهي، اهو هڪ بهتر عمل آهي. ڇاڪاڻ ته منشيات جي واهپي سنڌ جي نوجوانن کي اڏوهي وانگر کائي ڇڏيو آهي. ڪيترائي نوجوان منشيات سبب ڪئنسر جي مرض جو شڪار ٿي گذاري چڪا آهن، منشيات نه رڳو کلي عام وڪرو ٿي رهي آهي پر ان جي دستيابي بنهه گهڻي آسان پڻ آهي، جنهنڪري اها اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به آسانيءَ مان ملي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ڪئي به ويندي آهي ته اها عارضي هوندي آهي. منشيات جو ڪاروبار جيئن جو تيئن هلندو رهندو آهي. منشيات جي اڏن ۽ دڪانن تي ڇاپا لڳندا آهن ته اها شيءِ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. مڪمل طور ان جو خاتمو ممڪن نٿو لڳي. ان جو هڪ سبب پوليس ۽ سياسي ڌرين جي سرپرستي پڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي منشيات جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ٿو وڃي ته ان تي هٿ رکڻ لاءِ سياستدان موجود هوندا آهن. جيڪي نه رڳو ان جي مالڪي ڪندا آهن پر ڪيسن مان آجو ڪرائي ڇڏيندا آهن، جنهنڪري اهو ڪاروبار بنا ڪنهن رنڊڪ جي هلندو پيو اچي. گٽڪي جي ڪارخانن کي به سياسي ۽ پوليس جي سرپرستي حاصل آهي.
سنڌ ۾ گٽڪا ۽ ٻيون نشي واريون شيون ٺاهيندڙ ڪيترن ئي ڪارخانن کي سياسي ۽ پوليس جي سرپرستي حاصل هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اسپيشل برانچ جي رپورٽ موجب ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ گٽڪا ٺاهيندڙ 151 ڪارخانا موجود آهن، جن مان 41 ڪارخانا پوليس جي سرپرستي هيٺ هلي رهيا آهن. رپورٽ موجب ڪراچيءَ ۾ 733 گٽڪا فروش موجود آهن، جن مان 103 کي پوليس ۽ سياسي اڳواڻن جي پٺڀرائي حاصل آهي. پوليس رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ گٽڪا ٺاهڻ جا 523 ڪارخانا موجود آهن، 74 ڪارخانن کي پوليس جي سرپرستي حاصل آهي. ميرپور خاص ۾ 102، سکر ۾ 35 ۽ لاڙڪاڻي ۾ گٽڪن جا 34 ڪارخانا آهن، شهيد بينظير آباد ۾ گٽڪا تيار ڪندڙ 84 ڪارخانا آهن. ٻئي پاسي ٽائيم نيوز تي خبر بريڪ ٿيڻ کان پوءِ سچل ۾ آءِ جي سنڌ جي اسپيشل ٽاسڪ فورس جي انچارج ايس پي اياز خان جي سربراهي ۾ ڪارروائي ڪري 1000 ڪلو کان وڌيڪ گٽڪو هٿ ڪيو ويو. ايس پي لياقت آباد پاران وڏي مقدار ۾ سوپاريون، تماڪ، چونو ۽ تيار ڪيل گٽڪو هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. اسپيشل فورس جي ايس پي اياز خان واقعي واري هنڌ ايس ايڇ او سچل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن هن ڀيري منشيات خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ته اهو تيستائين نه رڪجڻ گهرجي، جيستائين هڪ به منشيات فروش موجود آهي. هاڻوڪي نسل ۽ ايندڙ نسل لاءِ ضروري آهي ته ان کي منشيات کان بچائي هڪ صحت مند زندگي ڏني وڃي ته جيئن اهو نوجوانيءَ ۾ نه گذاري وڃي ۽ نه ئي اهو ڪنهن خطرناڪ بيماريءَ جو شڪار ٿئي. پر اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن منشيات فروشن تان سياسي سرپرستي هٽائي وڃي ۽ پوليس کي انهن جو ڀرجهلو ٿيڻ بدران قانون جو رکوالو ٿيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button