رانديون

آمريڪي ريسلر سپر اسٽار بلي گراهم لاڏاڻو ڪري ويو

آمريڪا جو مشهور ريسلر ۽ ڊبليو ڊبليو اي جو فيم آف هال بلي گرام 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق ريسلر بلي گراهم هڪ سال اڳ ڪرونا ۾ مبتلا ٿيو هو، جنهن دوران کيس ۾ ڪن ۾ انفيڪشن ٿيو، جيڪو دماغ تائين پکڙجي ويو ۽ سندس صحت ڪرندو وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ بلي گراهم کي 3 هفتا اڳ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي ڪجهه ڏينهن کان وينٽيليٽر تي هو،

سپر اسٽار ريسلر بلي گراهم جو يادگار فوٽو

جيڪو فوت ٿي ويو.بلي گراهم جي گهرڀاتين سندس بيماري سبب موت جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن ريسلنگ جي دنيا ۾ بلي گراهم جي موت تي سوڳ پکڙجي ويو آهي ۽ دي آئرن شيڪ ۽ رچ فليئر سميت مشهور ريسلرن کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي تھ بلي گراهم هميشا احترام طور ياد رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button