عمران خان کي جن قوتن پاليو تاتيو، هاڻي بظاهر هو هنن جي خلاف وڃي رهيو آهي. پر ان حقيقت کي بهرحال نظر ۾ رکڻ گهرجي ته عمران خان ظاهري طور ڀلي ڪيڏو به اسٽيبلشمينٽ مخالف نظر ايندو هجي، پر هو اسٽيبلشمينٽ جي هڪ وڏي حصي جي حمايت کانسوا ايئن ڪجهه ڪري سگهي اهو ممڪن ڪونهي. تنهنڪري، کيس اسٽيبلشمينٽ مخالف سمجهندڙ اصل ۾ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. اهو ممڪن آهي ته اسيبلشمينٽ جا موجوده ڪجهه ڪرتا ڌرتا کانئس پاسيرا هجن، ۽ هو چاهيندا هجن ته پي ٽي آ واري معاملي کي هاڻي هڪ پاسي ڪجي، پر منجهن ئي اداري ۾ عمران خان جي حمايت ۾ جيڪا پروپئگنڊا ڪئي وئي، ان سان هڪ اهڙي ذهن سازي ٿي چڪي آهي جو هاڻي پاڻ اداري ۾ ئي عمراني سياست بابت وڏي حمايت موجود آهي. تنهنڪري، ٿلهي ليکي عمران خان جي موجوده پيشقدمي اسٽيبلشمينٽ اندر موجود سندس سگهاري حمايت کان سوا ممڪن ئي ڪونهي.
هاڻي سوال اهو آهي ته ان جا اصل ڪارڻ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟ موجوده صورتحال پويان ڪهڙا تضاد موجود آهن؟ هڪڙا تضاد ته داخلي نوعيت جا آهن، جن بابت اسان اڳ ۾ لکي چڪا آهيون ته پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ کي عمراني منصوبي کي متعارف ڪرائڻ جي ڇو ضرورت پئي. جڏهن ته ٻين تضادن جي نوعيت خارجي نوعيت جي آهي، جنهن ۾ عالمي طاقتن جو عمل دخل نظر اچي ٿو.
شروع ۾ عمراني منصوبو ٺاهڻ جي سلسلي ۾ سڄي اسٽيبلشمينٽ ۾ اتفاق راءِ موجود هو، پر آهستي آهستي عمران جي اصليت واضح ٿيڻ کان پوءِ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ اندر به پولرائيزيشن جو عمل تيز ٿيو. ڇاڪاڻ ته عمران خان شطرنج جو هڪ اهڙو مهرو آهي، جنهن کي آمريڪا کيڏي رهيو آهي. بنيادي طور عمران خان آمريڪا جو ماڻهو آهي. سندس مقصد آمريڪي مفادن کي محفوظ ڪرڻ آهي. جيئن ته پاڪستاني اسٽِيبلشمينٽ اندر آمريڪا نواز ڌڙو به موجود آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڌڙي جا ڪاروباري مفاد آمريڪا سان سلهاڙيل آهن، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جو ٻيو ڌڙو، جيڪو چين نواز آهي ۽ اهو هينئر “طاقت” ۾ به موجود آهي، اها اصل ويڙهه دراصل انهن ڌڙن جي مفادن جي ٽڪراءُ جو اظهار آهي، ان ٽڪراءُ جون پاڙون وري چين-آمريڪا ٽڪراءُ سان وڃن ملن ٿيون.
آمريڪا جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ وڌندڙ چين جي اثررسوخ کي روڪجي. خاص ڪري سي پيڪ واري معاملي سدباب ڪجي. اهو ئي سبب آهي جو عمراني مهري تي سيڙپڪاري ڪري، هڪ سياسي “عدم استحڪام” پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان رٿابنديءَ ۾ آمريڪا هن مهل تائين ڪامياب وڃي رهيو آهي. 9 مئي کان پوءِ پاڪستان ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان تي آمريڪي عهديدارن جي “ڳڻتي” ڪيترائي ڳجهه کولي ٿي. تازو آمريڪا جي اڳوڻي سفارتڪار زلمي خليل زاد جون ڳالهيون به اهم آهن. هو چئي ٿو:
“پاڪستان ۾ عدم استحڪام سڄي خطي کي غير مستحڪم ڪري سگھي ٿو ۽ جنگ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.” خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته ڪيئن پاڪستان جي مقامي تڪرار هن کي خيالن جي اظهار تي “مجبور” ڪيو. جڏهن زلمي خليل زاد کان پڇيو ويو ته پاڪستان ۾ سندس وڌندڙ “دلچسپيءَ” جو سبب ڇا آهي ته هن چيو ته مان پاڪستان ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ معاشي، سياسي ۽ سلامتي جي بحران بابت “فڪرمند” آهيان، پاڪستان غير مستحڪم، غريب ۽ گھٽ محفوظ ٿيندو پيو وڃي. هن نشاندهي ڪئي ته عدليا ۽ فوج سوڌو رياستي ادارا اندروني طور تي سياست جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ملڪ ائين ئي هلندو رهيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ هڪ الميو هوندو، معاشي سرگرميون ٺپ ٿي وينديون، غربت وڌندي، شهري بدامني زندگي کي درهم برهم ڪري ڇڏيندي.
لڳي ٿو ته آمريڪا بهادر پاڪستان جي “عدم استحڪام” مان ڪي نتيجا حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. اهو ممڪن آهي ته ڪجهه وقت لا اهو بحران ماٺو ٿي وڃي پر وري اڀرندو ۽ لازمي طور اڀرندو.
ان ڏس ۾ اسان جي هڪ محڪوم قوم جي حيثيت ۾ ان سڄي معاملي ۾ ڪهڙي رٿابندي هجڻ گهرجي، ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ نه ته سڀاڻ هن خطي اندر عالمي طاقتن جي هڪ وڏي ڇڪتاڻ شروع ٿيڻي آهي. جنهن جي شروعات پاڪستان مان ٿي چڪي آهي. اهو ئي سبب آهي جو خليل زاد جهڙا ماڻهو خطي ۾ جنگ شروع ٿيڻ بابت بيانيو ٺاهي رهيا آهن. سو، ان ڇڪتاڻ مان اسان پنهنجي وطن (سنڌ)، ان جي جاگرافيائي وحدت کي ڪيئن بچايون، اسان لا اهو سوال ئي اهم سوال هئڻ گهرجي.