ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪي صورتحال-1

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

گذريل پنجھتر سالن ۾ پاڪستان اندر ڪئين حڪمران آيا ۽ ايئن ھليا ويا جو تاريخ جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ کان پوءِ اڄ سندن ھڏا به نه ٿا لڀن! طاقت جي زور تي مفت ۾ مليل اقتدار توڙي ملوڪيت جي ورثي طور حڪمرانيءَ جا مزا ماڻيندڙ ڊڪٽيٽر دنيا جي تاريخ ۾ شھنشاھه ايران رضا شاھه پهلوي، انڊونيشيا جي جنرل سؤھارتو، چليءَ جي جنرل پنوشي، فلپائن جي مارڪوس، مصر جي حسني مبارڪ، يوگنڊا جي ڪرنل عيدي امين ۽ پاڪستان جي جنرل ايوب خان کان يحيٰ خان توڙي جنرل ضياءَ کان جنرل پرويز مشرف تائين ڪنهن به ھڪڙي ڊڪٽيٽر کي خدا جي خلق بد دعائون ڏئي ٿي. آخر ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اھڙن ئي نڀاڳن آمرن جي ظلم، جبر ۽ ظالماڻن طريقن سان ڪيل راڄ ۽ پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ خاطر پنهنجي وطن واسين جي فائدي لاءِ سوچڻ بدران، ھنن عالمي سامراجي مفادن جي نگراني ڪري ايشيا، آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا کي ٿرڊ ورلڊ جا ملڪ بڻائي ڇڏيو.
ايشيا، آفريقا، لاطيني آمريڪا جي اربين انسانن آخر ڪھڙو ڏوھه ڪيو جو ھنن سڀني ملڪن کي ٽئين درجي جا ملڪ ٺهرائي ڇڏيائون؟ ڇا عالمي سامراج ھنن ملڪن جي ماڻهن کي ڪڏهن به سندن ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو جائز موقعو ڏنو آهي يا سدائين پنهنجن مفادن جي حفاظت ڪندڙ ڊڪٽيٽرشپ کي زوريءَ ٿاڦيو آهي؟ گذريل ھڪ صديءَ جي تاريخ ڪروڙين انسانن جي ارمانن ۽ خوشين کي رت ۾ وهنجارڻ جي واقعن سان ڀريل آهي. جنھن جنھن ملڪ جي ماڻهن پنهنجي تقدير کي بدلائڻ خاطر سوشلسٽ انقلاب ذريعي سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام جي بدمعاش رکوالن جو تختو اٿلائي، انساني برابريءَ وارو سرشتو اڏڻ لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏيئي ھڪ نئون نظام آندو، ان کي برباد ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي سي آئي اي ۽ يورپي قوتن جي ايجنسين اربين ڊالر پاڻيءَ وانگر وھائي، انسان دوست نظام جي پاڙ اکوڙي ڇڏي. انھيءَ حقيقت جا تازا مثال افغانستان ۾ صدر نور محمد ترڪئيءَ جي سرخ انقلاب جا تختا ڪڍڻ کان وٺي سوويت يونين کي ٽوڙي ٽڪرا ڪرڻ آھن.
عالمي سرمائيداري سرشتي جا گماشتا سويلين توڙي نان سويلين واڳ ڌڻي جيڪڏهن پنهنجي ناجائز ۽ غير قانوني حڪمرانيءَ ۾ انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ جي نڙيءَ تي لت رکي، اڻ اعلانيل ڊڪٽيٽر شپ لاڳو ڪري ڇڏين ته سندن سامراجي آقا انھن ظلمن خلاف ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍندا آهن جڏهن ته روس، چين ۽ ھانگ ڪانگ ۾ سماجوادي ڀلائيءَ جي نظام جي خلاف مظاهرا ڪندڙن تي جڏهن اتان جي سرڪار ڪو ايڪشن کڻي ٿي ته آمريڪا ۽ يورپ جي حاڪمن کي انساني آزادين ۽ بنيادي جمهوري حقن لاءِ پيٽ ۾ سور پئجي ويندو آهي. اڄ جڏهن پاڪستان ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف ڪيناڊا ۽ يورپي پارليامينٽ توڙي آمريڪي ڪانگريس جا انيڪ ميمبر آواز اٿارين پيا ته اتان جي حڪمرانن کان ايترو به نه ٿو پڄي ته رڳو رسم پوري ڪرڻ خاطر پاڪستان سرڪار ڏانهن ھڪڙو خط لکي پي ڊي ايم جي تيرھن جماعتي سرڪار کي احساس ڏيارين ته سندن ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني اوھان جي ظلم ۽ جبر تي ڪاوڙيل آهن ڇاڪاڻ ته لاھور کان پشاور تائين انھن جا ويجها مٽ مائٽ انھيءَ غير قانوني بدسلوڪي جو شڪار ٿي رهيا آهن.

ھاڻي اچون ٿا ملڪي صورتحال تي جنهن ۾ عام ماڻهن سان ته جيتامڙن ۽ ڪيڙن ماڪوڙين وانگر سلوڪ ڏھاڪن کان ٿيندي ڏسون پيا. پر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي لاھور واري گھر زمان پارڪ تي ھر ٻئين ٽئين ڏينهن جيڪا بدسلوڪي ٿي رهي آهي سا ڪوبه جمھوريت جو دعويدار نٿو ڪري سگهي. سعودي عرب ۽ ابوظهبي جا خاص ايلچيءَ ۽ ڏکڻ ايشيا لاءِ آمريڪي سفارتڪار ظلمئي خليل زاده پڻ بار بار ان ڳالهه تي احتجاج ڪيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ٽارگيٽ ڪري نشانو نه بڻايو ڇاڪاڻ ته ان سان سڄي پاڪستان ۾ گھرو ويڙھه شروع ٿي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ اوهان جو ملڪ روانڊا ۽ سوڊان ٿي ويندو. عرب امارات ۽ سعودي عرب جي وزيرن پاران عمران خان سان ملاقات ڪري کيس سمجھايو ويو ته ھڪ يا ٻن سالن لاءِ اسان جو مھمان ٿي رهو پر عمران خان ملڪ ڇڏڻ کان ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو آهي.
(ھلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button