ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ “جي 20” (G20) ڪانفرنس ڪوٺائڻ وارو عمل ڪنهن به طور تي درست نه هو. ڇو ته پوري دنيا کي پتو آهي ڪشمير جو! صرف جي 20 جي ميمبر ملڪن کي نه پر سموري دنيا کي معلوم آهي ته ڪشمير گذريل 75 سالن کان وٺي مزاحمت ڪري رهيو آهي. دنيا کي اها به خبر آهي ته گڏيل قومن ڪشمير جي حوالي سان اها قرارداد پاس ڪئي آهي ته ڪشمير جي عوام کان پڇيو وڃي ته هو ڪنهن سان گڏ رهڻ چاهين ٿا؟ ڀارت سان يا پاڪستان سان؟ ڪشميرين کي اهو به حق آهي ته هو الڳ پنهنجي آزاد وطن جو بنياد وجهن. ڇو ته هن وقت تائين ڪشمير ۾ هڪ نه پر ڪيتريون ئي پارٽيون ۽ ڌريون آزاد ڪشمير لاءِ جدوجهد ڪنديون رهيون آهن. اسان کي اهو به معلوم آهي ته ڪشمير جي ماڻهن صرف پنهنجي سرزمين جي لاءِ آواز نه اٿاريو آهي پر اتان جي عوام تمام گهڻيون قربانيون به ڏنيون آهن. انهن جون قربانيون ايتريون آهن جو انهن جو صحيح شمار به ممڪن نه آهي. جنهن جدوجهد ۾ هن وقت تائين هڪ لک ماڻهو شهيد ٿيا هجن. جنهن جدوجهد ۾ هزارين عورتون ريپ ٿيون هجن. جنهن جدوجهد ۾ هن وقت به سوين انسان قيد ۾ هجن. جنهن جدوجهد سبب ڪشمير دنيا جو واحد علائقو هجي، جتي سڀ کان وڌيڪ فوج هجي. ان ڌرتيءَ جي انسانن جي قربانين جو ڪاٿو ڪرڻ آسان نه آهي.
ڪشمير جي سلسلي ۾ اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته ان سرزمين تي شديد ترين انساني حقن جي لتاڙ ٿيندي رهي آهي. اهڙي هنڌ تي دنيا جي ملڪن جا نمائندا گهرائي ڪانفرنس ڪرڻ جو مقصد ڪشمير جي حيثيت کي ڀارت جو جائز حصو بڻائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جڏهن ته دنيا جي ملڪن کي ان سلسلي ۾ سوچڻ گهرجي. انهن کي ڪشمير جي عوام اسان اهو ظلم نه ڪرڻ گهرجي. انهن کي ڀارت سان ملي ڪشمير جي مٿان وار ڪرڻ کان اڳ ۾ سوچڻ گهرجي ته هو ان ماڳ تي ڪهڙي منهن سان ڪٺا ٿيندا، جيڪو ماڳ انساني حقن جي لتاڙ جو سڀ کان وڏو هنڌ آهي ۽ اها حقيقت ڪنهن پروپيگنڊا جو حصو ناهي. پر گڏيل قومن جي فلور تي ڪيترائي ڀيرا اها حقيقت بيان ٿي چڪي آهي ته ڪهڙي ريت ڀارت آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي گهر ڪندڙ ماڻهن سان ويل وهايا آهن. ان صورت ۾ دنيا کي اهو نه ٿو سونهين ته ان جا 19 ملڪ ان اسڪيم جو حصو ٿين، جيڪا اسڪيم ڪشمير جي ماڻهن جي قتلام کي جائز قرار ڏيڻ ۽ ڪشمير جي مٿان پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
چين اهو پهريون ملڪ آهي، جنهن جي 20 ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪيو آهي. چين جو چوڻ آهي ته جي 20 جو اجلاس ڪشمير ۾ نه ٿيڻ گهرجي. چين کي شابس هجي. پر اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ تمام پراڻي دشمني آهي. چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ سرحدي تڪرار هن وقت به هلندڙ آهي. هن وقت به لداخ واري پاسي تي چين ۽ ڀارت جون فوجون هڪ ٻئي مٿان هٿيار تاڻي بيٺيون آهن. ان ڪري چين ڪشمير جي سلسلي ۾ پنهنجو موقف نه رڳو رکيو آهي پر هن ڀارت کي وائکو به ڪيو آهي ۽ هن ثابت ڪيو آهي ته هو ڀارت جي ان اسڪيم جو حصو نه ٿيندو ۽ چين جي شريڪ نه ٿيڻ سان پوري دنيا کي اهو پيغام ملي رهيو آهي ته ڀارت ڪشمير جي سلسلي ۾ ڪهڙي طرح پنهنجي تڪراري مقصدن جو حصول چاهي ٿو.
دنيا جي هڪ تمام وڏي داناهه جو قول آهي ته جيڪڏهن اوهان حقيقت کي تبديل نه ٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ اهي اکيون تبديل ڪيو، جيڪي حقيقت کي ڏسن ٿيون. دنيا جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن. جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن عرب دنيا ڪشمير جي ماڻهن جي مسلمانيءَ جو خيال ڪندي انهن جي حق ۾ ٻه ٻول ٻولي ته جيڪر ڪشمير جو مسئلو وڏي حد تائين حل جي طرف وڌي به سگهي ٿو. پر هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته انهن مفادن جي ڪري هو ڀارت جو ان حد تائين ساٿ ڏين جو انهن جو پنهنجو ڪردار عيب جوڳو بڻجي وڃي. هونءَ به ڀارت ۾ دنيا جا ايڏا وڏا مفاد به ناهن جو ڀارت کي خوش ڪرڻ دنيا جي مجبوري بڻجي وڃي.
ڀارت وڏي آباديءَ وارو ملڪ آهي. اها ڀارت جي مجبوري آهي ته دنيا جي ملڪن ۽ خاص طور تي امير ملڪن سان ٺهي هلي ته جئين هن جي ماڻهن کي انهن ملڪن ۾ نوڪريون ملي سگهن. دنيا کي ڀارت جي ايتري ضرورت ناهي، جيتري ڀارت کي دنيا جي ضرورت آهي. ان ڪري دنيا کي ڪجهه خيال ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت جي خوشيءَ لاءِ جي 20 جي ملڪن کي ڪشمير جي انهن ماڻهن کي رنج نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي اڳ ۾ ئي تمام گهڻا ڏکويل آهن.
هيءَ دنيا ايتري سادي ۽ معصوم ناهي ته جو هوءَ مودي حڪومت جي ان چال کي نه سمجهي سگهي ته مودي سرڪار ڇا لاءِ جي 20 ڪانفرنس کي ڪشمير ۾ ڪوٺايو آهي؟ مودي حڪومت کي ثابت ڪرڻو آهي ته جهڙي طرح دهلي ۽ ممبئي ڀارت آهن، تهڙي طرح ڪشمير به ڀارت آهي، جڏهن ته اصل حقيقت اها ناهي. حقيقت صرف مختلف نه پر تمام گهڻي تلخ به آهي. ڪشمير جو عوام مني صديءَ کان وٺي مسلسل تشدد کي برداشت ڪري رهيو آهي ۽ رياست جو تشدد ته سڀ کان برو ۽ ڀيانڪ تشدد هوندو آهي. هن وقت تائين ڪشمير جي سلسلي ۾ ڀارت جا اهڙا قدم به رهيا آهن، جن جو ذڪر تمام تڪليف ڏيندڙ آهي. ڇو ته ڪشمير ۾ اڄ به اهي ماڻهو موجود آهن، جيڪي تشدد سبب هڪ نارمل زندگي جيئڻ کان مڪمل طور تي محروم ٿي ويا آهن. ڇا اها حقيقت ناهي ته ڀارت انهن جي دامن تي انهن ماڻهن جي رت جا داغ آهن ۽ اهي داغ جيڪڏهن ڀارت جي 20 ملڪن جي ڪانفرنس ذريعي مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان ۾ دنيا جا ملڪ ڀارت جي مدد ڪري رهيا آهن ته اهو عمل عالمي ضمير لاءِ هڪ افسوسناڪ عمل هوندو.
ڀارت کي معلوم هجڻ گهرجي ته ڪشمير ايترو ته اڳتي وڌي ويو آهي جو هاڻي ڪشمير کي ڪنهن به ڪانفرس جي ذريعي دٻائي ۽ هن جي ناجائز حيثيت کي جائز بڻائي ٿو سگهجي. ڇو ته ڀارت سمورا هٿڪنڊا استعمال ڪري ڏٺا آهن پر ڀارت ڪشمير کي ڦٻائڻ ۾ سدائين ناڪام ٿيو آهي ۽ هن ڀيري به ساڳي ناڪامي ڀارت جي پلئه پوندي. ڪشمير تي قبضو اڄ نه ته سڀاڻي اوس ختم ٿيڻو آهي.