ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سڀ ٺيڪ نه آهي

Editorial-Article- Asar Imam

عمران خان ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هلندڙ تڪرار گھڻو ڀاڱي ماٺو ٿي ويو آهي. اسٽيبلشمينٽ جي ڪُلهن تي سوار ٿي سياست جي شروعات ڪرڻ کان اليڪٽبلز جي آسري تي پارليامينٽ ۾ پهچڻ تائين جي سمورين غلطين جڏهن پنهنجي قيمت وصول ڪرڻ شروع ڪئي آهي ته سڀ ڪجهه پنهنجي پراڻي حالت تي ايندي نظر اچي رهيو آهي. ڌوڙ ويهندي پئي وڃي. اڳ جنهن جي نظر چِٽي نه پئي پئي هاڻ ان کي به نظر اچي رهيو آهي ته ڪوئي انقلاب ڪونه پيو اچي. پنجاب کان شروعات واريون سموريون اميدون ٽُٽي چڪيون آهن. تحريڪِ انصاف جي هزارين ڪارڪنن ۽ لڳ ڀڳ سموري اعلى قيادت خلاف ڪيس داخل ٿي چڪا آهن. جن منجهان ڪجهه ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايا ويندا. وڌيڪ ڪيس داخل ٿين پيا. ريزڪي نه، ٻَڌي جي حساب سان تحريڪِ انصاف جا پارليامينٽيرين پارٽيءَ کان جدا ٿي رهيا آهن. جيڪي اڃان تائين جدا نه ٿيا آهن، انهن جا عمران خان سان “ازلي ۽ اصولي اختلاف” سامهون اچي رهيا آهن. ان ڪري ضروري نه رهيو آهي ته تحريڪِ انصاف تي به ايم ڪيو ايم وانگر پابندي مڙهي وڃي. اهڙي ضرورت ان ڪري به نه رهي آهي جو پابندي مڙهڻ کانسواءِ ئي اها جلد توهان کي شيخ رشيد احمد جي عوامي مسلم ليگ يا وري چوڌري ڀائرن جي مسلم ليگ (ق)
جهڙي ۽ جيتري پارٽي نظر اچڻ لڳندي. ظاهر آهي اهڙي سنگڙيل ۽ سوڙهي ٿيل پارٽيءَ تي پابندي مڙهڻ جو ڪو فائدو يا ضرورت نه آهي.
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي معاشيات ۽ سياسيات جو حال اڳي ئي برو آهي، اتي اهڙي قسم جا حملا ملڪ کي ويتر پٺتي ڌڪي ڇڏيندا آهن. ملڪ هلائڻ لاءِ پيسا ڪونهن. آءِ ايم ايف ۽ چين اسان کي قرض ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهن. انهن جا ڪجهه ڪڙا شرط آهن جيڪي ان وقت تائين پورا نه ٿا ڪري سگهجن، جيستائين حڪمران اشرافيا عوام کي سخت فيصلا مڃرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ٿئي. ظاهر آهي اهڙا فيصلا عوام ان وقت ئي مڃيندو، جڏهن کيس حڪومت ۽ رياستي ادارن تي اعتماد هوندو. انهن جي ڪيل فيصلن ۽ ٺاهيل پاليسين تي ڀروسو هوندو. ان کانسواءِ ته اهو سڀ ڪجهه ممڪن ڪونهي.
جنهن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ معاشي سرگرمين ۾ ان سطح تائين ملوث هجي جيتري پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ملوث آهي، ان ملڪ اندر سندس سياست ۾ مداخلت، سياسي انجنيئرنگ ڪري پنهنجي پسند جي پارٽيءَ کي حڪومت ڏيارڻ ۽ ناپسنديده پارٽيءَ کي اقتدار کان محروم ڪرڻ وارو ڌنڌو ڇڏي ڏيڻ اصل ۾ ساهه کڻڻ جي مشق ڇڏي ڏيڻ برابر آهي. اهي ماڻهو ڀليل آهن جيڪي تمام وڏي سادگيءَ سان اها ڳالهه رکندا آهن ته اسٽيبلشمينٽ هيئن ڇو نه ٿي ڪري يا اسٽيبلشمينٽ هونءَ ڇو نه ٿي ڪري؟ بابا اهي خودڪشي ڪندا ڇا؟ يقينن نه. ان ڪري ننهن چوٽيءَ جو زور ڏئي سياست تي پنهنجي ڇاپ ۽ پنهنجو اثر برقرار رکندا ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته معيشت تي ڪنٽرول به ان صورت ۾ ئي قائم رهي سگهندو، جڏهن سياست تي ڪنٽرول هوندو. ڪارل مارڪس تڏهن ئي ته چيو هو ته جيڪو معيشت تي ڪنٽرول رکي ٿو اهو هر شيءِ تي ڪنٽرول رکي ٿو. اهو سڀ ڪنهن کي پنهنجي کيسي ۾ رکڻ چاهيندو آهي.
مسلم ليگ نواز اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي تحريڪِ انصاف جي حڪومت ختم ڪرائڻ ۾ ته ڪردار ادا ڪيو پر جهڙي نموني 2018ع ۾ سندس خلاف سياسي انجنيئرنگ ڪئي وئي هئي، ائين 2023ع جي عام چونڊن کان اڳ تحريڪِ انصاف خلاف ٿيندڙ سياسي انجنيئرنگ کي وڏي احترام ۽ پيار وچان ڏسي ۽ دل سان قبولي رهي آهي. اهڙن روين سان يقينن ملڪ اندر سياسي ادارا، سياسي روايتون ۽ حڪمران اشرافيا جي جمهوريت سگهاريون ڪونه ٿينديون. ان سان چاڪيءَ جي ڏاند واري روايت سگهاري ٿيندي. ان سان هِن جي ٽوپي هُن جي مٿي تي، واري روايت سگهاري ٿيندي. ان سموري جهڳڙي ۾ ڀل ڪير به کٽي وڃي پر هارائيندو هيءُ ملڪ ۽ ان جو عوام.
اسان کي اميد اها آهي ته پاڪستان اندر موجوده بحراني ڪيفيت گھڻي ڊگهي نه ٿي وڃي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته هن ملڪ کي شام، لبيا، يمن، روانڊا يا گهرو ويڙهه جو کاڄ بڻيل ٻين اهڙن ملڪن جهڙو بڻجڻ کان ڪوئي نه روڪي سگهندو. هيءُ ملڪ عالمي قوتن لاءِ هڪ ٻئي سان جنگ جو ميدان بڻجي ويندو. جنهن جي نتيجي ۾ به سڀ کان وڌيڪ نقصان ملڪ ۽ ان ۾ رهندڙ عام غريب پورهيت عوام جو ٿيندو. عوام دوست قوتن جو فرض آهي ته وڙهندڙ ڌرين منجهان گھٽ نقصانڪار جو ساٿ ڏيڻ سان گڏوگڏ پورهيت طبقن ۽ مظلوم عوام جي حقيقي نمائنده سياسي پارٽيءَ جي قيام لاءِ پاڻ پتوڙين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button