ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نورين مهر جو بيرحماڻو قتل ۽ پوليس جاچ

Editorial-Article-Rashid Leghari

سنڌ ۾ روزانو قتل جي ڪيترن ئي واقعن جي جاچ ڪورٽ ڪچهرين ۽ پوليس ٿاڻن ۾ دٻجي وڃي ٿي. اڪثر قتل ڪيسن جو نتيجو ٺاهه جي صورت ۾ ئي نڪري ٿو. مون جيتري قدر رپورٽ ڪيو آهي ته جنهن قتل ڪيس ۾ ما فريادي ٿيندي آهي، اها ممتا مشڪل سان ئي قاتل کي معاف ڪري سگهندي آهي. ڀان سعيد آباد ۾ مقتول نورين فاطمه مهر جو قتل ڪيس به قتل يا خودڪشيءَ جي جي وچ ۾ لڙڪي رهيو آهي. جنهن ڪيس ۾ گرفتار جوابدار محسن پوليس آڏو قتل جو اعتراف پڻ ڪري چڪو آهي. جيڪو بيان به مٽائيندو رهي ٿو. نورين مهر جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پوليس کي ملي وئي آهي. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر قرت العين ميمڻ پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نورين مهر کي ويجهي کان گولي لڳي، جيڪا گولي ساڄي پاسي کان لوندڙي ۾ لڳي ۽ کاٻي پاسي کان نڪري وئي ۽ مٿي ۾ 4 کان 6 سينٽي ميٽر سوراخ ٿيو. اي ايس پي سيوهڻ محمد بيدار بخت موجب ته قتل ۾ استعمال ٿيل پستول فارنزڪ لا موڪليو ويو آهي، ڊي اين اي ٽيسٽ پڻ ڪرائي وئي آهي. موبائلن جي پڻ فارنزڪ ڪرائي ويندي، پوليس فارنزڪ سائنس، جوابدارن جي بيان ۽ ٽيڪنيڪل ڄاڻ سان نورين جي خون سان انصاف ڪري سگهي ٿي.
پوليس کي قتل ڪيسن ۾ فارنزڪ سائنس جي اهميت کي حد کان وڌيڪ سمجهڻ گهرجي. حيدرآباد ۾ فارنزنڪ سائنس جا ماهر اهو اعتراف ڪندا رهيا آهن ته پوليس قتل ٿيندڙ ماڻهن جون شاهديون گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڄ به اڻڄاڻ آهي. هڪ اندازي موجب ته فارنزڪ سائنس جي ڄاڻ نه هجڻ ڪري سنڌ ۾ 300 ڪيسن جي فارنزڪ رپورٽ متاثر ٿي چڪي آهي. قاسم آباد ۾ شهيد واحد بخش لغاري آڊيٽوريم هال ۾ فارنزڪ سائنس جي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس اڄ به سکڻ لا گهڻو ڪجهه مواد فراهم ڪري ٿي.
اتي موجود ماهرن ٻڌايو ته سڀ کان پهرين قتل ٿيل شخص جي ننهن جا سمپل ورتل وڃن، قتل وقت ڪو مرد، عورت يا ٻار ننهن سان ئي زور لڳائيندو آهي. ننهن جي مدد سان ڊي اين اي وسيلي جوابدارن جو آسانيءَ سان پتو لڳائي سگهبو آهي. زيادتي يا قتل جي واقعن جي شاهدين لا ورتل جزن کي محفوظ ڪرڻ لا عام دوائن جي خالي بوتلن ۽ پلاسٽڪ جي ٿهلين جو استعمال نه ڪيو وڃي، اهي مخصوص ٺاهيل ٽيوب ۾ وجهي سيل ڪيا وڃن، پراڻي لاش جي ڊي اين اي لا لاش جي جسم جي پاڙ وارا وار، 6 ننهن ۽ ڏند ڪڍيا وڃن ٿا. سڙيل لاش جي سڃاڻپ لا ڪالر بون جي مدد ورتي وڃي ٿي. مهارت سان جزا محفوظ ڪري ليبارٽريءَ ۾ پهچايا وڃن ته قتل ڪيسن ۾ مقتولن سان انصاف ٿي سگهندو آهي.
فارنزڪ سائنس ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ جي ماهر ڊاڪٽر فرزانا ٻڌايو هو ته لاش جا جزا وٺڻ وقت رت کانپو ٻي ڪا به شيءِ ۽ ٽيشو فريز نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صفوران واقعي کانپوءِ ورتل رت جا نمونا پلاسٽڪ جي ٿهلين ۾ رکيا ويا، جيڪي ليبارٽري پهچڻ تائين فنجائجي وائرس جي زد ۾ اچي ويا. تنهنڪري ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرڻ وقت تڪليف مان گذرڻو پيو. هن ٻڌايو هو ته انسان جي جين جي سڃاڻپ ڏاڏي سان ئي ٿيندي آهي، صفوران واقعي ۾ هڪ شخص جي سڃاڻپ نه پئي ٿي، جيڪو غير شادي شده هو، ان جو هڪ ڀا آمريڪا ۾ رهندو هو، جڏهن ته ڀاڻيجي جي ٽيسٽ جي مدد سان خبر پئي ته اهو فلاڻو شخص آهي، جنهن جو ڏاڏو ٽيسٽ ۾ هڪ ئي نظر آيو.
حيدرآباد ۾ ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاهه فارنزڪ سائنس تي وڏي اٿارٽي رکي ٿو. ان وقت ايس ايس پي حيدرآباد پير محمد شاهه هو. جنهن ٻڌايو هو ته فارنزڪ سائنس جي سلسلي ۾ پوليس عملدارن کي ڄاڻ نه هجڻ ڪري حيدرآباد ۾ ٻن قتل ڪيسن جي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. هڪ اعظمى ڪليري ۽ ٻيو لطيف آباد ۾ ٻن عورتن جي قتل جا واقعا ٻڌايا ويا. جنهن ۾ پوليس قتل وقت ننهن جا جزا نه ورتا، جنهن سبب قاتلن تائين نه پهچي سگهياسين. هن چيو ته قتل ۽ زيادتيءَ جي شڪار عورتن ۽ ٻارڙن کي تڪڙو انصاف ڏيارڻ لا فارنزڪ سائنس جي ماهرن کي سڏايو آهي، جنهن مان سڀني پوليس عملدارن کي سبق سکڻ گهرجي ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ وقت غلطي نه ڪرڻ گهرجي. اهڙي ريت جيڪڏهن نورين جي لاش جي فارنزڪ ورتي وئي آهي ته پوليس جوابدار سزا کان نه بچي سگهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button