ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اختلافن جا بنياد ۽ مفروضا

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

پي ٽي آءِ حڪومت 17 نومبر 2021 جي گڏيل پارلياماني اجلاس ۾ 33 بل پنجن ڪلاڪن ۾ منظور ڪرائي هن ملڪ جي حيرتناڪ تاريخ ۾ هڪ وڌيڪ حيرتناڪي باب جو اضافو ڪندي جشن ڪاميابي ملهايو آهي. پاڻ جيڪڏهن 33 بلن جي پاس ٿيڻ جي ايوريج ڪڍنداسين ته پنجن ڪلاڪن ۾ هر بل جو ٽائيم 9 منٽ ٿئي ٿو. انهيءَ ۾ گفتگو، بحث ۽ احتجاجن جو وقت جيڪڏهن ڪڍجي ته ڇهن ستن منٽن جو وقت بيهندي محسوس ٿو ٿئي، پاڻ جيڪڏهن هي چئون ته هي دنيا جي تاريخ جي واحد ڪرشما ساز اسيمبلي آهي جيڪا پنجن منٽن ۾ بل تي بحث مڪمل ڪري پاس ٿي ڪري، ٿي سگھي ٿو ته پارليامينٽ جي اندر پي ٽي آَءِ سندس اتحادي ميمبر ايترا باصلاحيت ۽ پڙهيا لکيا آهن يا انهيءَ کان به وڌيڪ هنن جي اندر ڪا ڪرشماتي طاقت آهي جو هو بل ڏسڻ سان ئي پورو مواد سمجھي وڃن ٿا، ممڪن آهي ته ائين هجي پر مخالف ڌر جيڪا اسيمبليءَ جي اندر احتجاج ۽ ماتم ڪندي رهي، انهيءَ کي ايجنڊا جون ڪاپيون ان وقت ڏئي ۽ پوءِ بل پاس ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو دنيا جي اندر ڪو به قانون ساز ادارو ۽ ان جو ميمبر اهڙي قانون سازي جي پاس ٿيڻ تي جيڪا راءِ ڏيندو انهيءَ کي سمجھڻ ڏکيو ناهي، مخالف ڌر انهيءَ تي جيڪا به احتجاجي واويلا ڪري پئي پر بلاول ڀٽي پوءِ به هي جملا چيا ته “پارليامينٽ مقدس ادارو آهي هن جي پاس ٿيل بلن کي اسان عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين” يعني اڻ سڌيءَ طرح سان هو اهو تسليم ڪري ٿو ته انهن بلن جي قانوني حيثيت آهي ۽ انهي کي سامهون رکندي عدالت ۾ وڃڻ جو چئي ٿو، مخالف ڌر بشمول پي ڊي ايم اهو اعلان ناهي ڪيو ته هو هاڻي پارليامينٽ کي تسليم ئي نه ڪندا، جنهن جي اهميت هڪ رٻڙ اسٽيپ کان وڌيڪ نه ٿي سمجھي وڃي.
کائڻ ۽ روئڻ جي اها پاليسي هن ملڪ جي تاريخ جو رڳو ڪلچر ناهي پر قيمتي سرمايو به آهي هو هڪڙي هٿ سان کائيندا آهن ته ٻئي هٿ سان ماتم ڪندا آهن، حڪومتي اتحاد جيڪي ڏينهن ڇڪتاڻ جو شڪار هو ۽ انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ وڏي اتحادي ڌر اسٽيبلشمينٽ پنهنجا رنگ مٽائيندي نظر ٿي آئي، انهن جي رنگن جي خوشگواري جي اثر پوري مخالف ڌر جي چهرن تي مسڪراهٽون آنديون هيون، جو سڀ الڳ الڳ انداز بيان سان اهوئي دهرائي رهيا هيا ته سلڪيٽرز کي پنهنجي سليڪشن تي پريشاني آهي. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ ويڇا وڌي رهيا آهن تنهن ڪري مخالف ڌر ۾ ان اميد جا بنياد مضبوط ٿي رهيا هئا ته هاڻي اقتدار جو باز هنن جي ڪلهن تي اچي ويهندو.
پ پ پ، ن ليگ ۽ پي ڊي ايم سڀ پنهنجي پنهنجي پر ۾ خوش ٿي نظر آيا ته حڪومت جو وڏو اتحادي ڌڙو اسٽيبلشمينٽ حڪومت کان الڳ ٿيندي. مخالف ڌر ووٽنگ مشين جي استعمال تي صاف لفظن ۾ چئي چڪي هئي ته ان جي بنيادن تي ٿيندڙ اليڪشن جو هو بائيڪاٽ ڪندا پر 17 نومبر جي تاريخ پوري مخالف ڌر کي هي چٽو پيغام ڏنو ته حڪومتي اتحاد ۽ انهيءَ جي ٿنڪ ٽينڪ ناراضگين جي باوجود هڪ ٻئي سان گڏ آهن ۽ هو پوري پلاننگ سان پنهنجي مستقبل جي حڪمتِ عمليءَ کي جوڙيندي اڳتي وڌي پئي.
اسان سڀنيءَ کي اها خبر آهي ته هن حڪومت جي اندر اتحادي طاقتور ڌڙو هڪڙو ئي آهي جنهن جو نالو آهي اسٽيبلشمينٽ. بيشڪ عمران خان يا پي ٽي آءِ جا چاڪليٽي دانشور هي سوچن ته ايندڙ اليڪشن ۾ هنن جو پلڙو ڀاري هوندو، ممڪن آ ته مستقبل جي وڌيڪ غلامي ڪرڻ جي لاءِ هي سڀ تيار هجن پر غلامي جو واڪ جڏهن هلندو ته اقتدار جي مفاد ۾ هيٺين کان هيٺين قيمت تي هلندڙ ڌر جو ئي ٽينڊر پاس ٿيندو ۽ پاڻ هي باآساني سمجھي سگھون ٿا ته گھٽ قيمت تي هلڻ وارا ڪير آهن. هن وقت تائين هن ڪمزور حڪومت کي جنهن وڌ کان وڌ سگھه بخشي آهي اها بيشڪ اسٽيبلشمينٽ آهي پر انهيءَ کان وڌيڪ حڪومت کي سگھه ڏيندڙ پوري مخالف ڌر آهي، مخالف ڌر جيڪڏهن پنهنجي سياسي تحريڪ کي طاقتور بنيادن تي اڳتي وڌائي ها حڪومت جا ٽي سال ته ڇا ٽيهھ ڏينهن گذرڻ به ڏکيا ٿي وڃن ها، مخالف ڌر تحريڪ جا اعلان ڪندي هڪ قدم اڳتي ۽ چار قدم پوئتي هٽندي پنهنجي سياسي حڪمتِ عمليءَ جو رڳو هي مظاهرو ڪيو آهي ته حڪومتي اتحاد ۾ اختلافن جو انتظار ڪجي ۽ خاص ڪري اسٽيبلشمينٽ جو ديوتا جڏهن حڪومتي پوڄا پاٽ کان بيزار ٿيندو ته هو مجبور ٿي مخالف ڌر جي طرف ڏسندو پوءِ ان ۾ ڪروڌ نه هوندو پر وڌيڪ نرم گوشي هوندي ۽ هو ان جو پورو فائدو کڻندا.
جدوجهد کان سواءِ اختلافي انتشارن جو شڪار انتظار ڪندڙ مخالف ڌر ڇا ايتري معصوم ۽ اٻوجھه آهي ڇا هو اختلافن کي عام سطح جون ناراضگيون سمجهن پيا، هن ملڪ جي پوري تاريخ ۾ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي اتحاد ۾ ڪهڙي وقت اختلافن جو شگاف وڌو آهي يعني هڪ پهريون ته خود اسٽيبلشمينٽ جي اندر ڪڏهن به ڪو اختلاف اهڙو اڀريو آهي، جنهن کي پاڻ دشمن تضاد چئون، پوري ملڪ جي تاريخ ۾ ڪو هڪ به اهڙو اسٽيبلشمينٽ جو فرد گذريو آهي جنهن ماضي جي گناهگار آمرن تي ڪڙي تنقيد ڪئي هجي، هنن وٽ ته ملڪ جي ٽوڙيندڙ لاءِ به اهوئي رويو رهيو آهي ته هو سڌي انهن تي تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ سياستدانن کي غدار سڏيندا آهن، ها ناراضگيون ۽ اختلاف جن بنيادن تي هجن ٿا، انهن جو اظهار ٿيندو رهندو آهي، مثال ذوالفقار علي ڀٽي سان اسٽيبلشمينٽ جو اتحاد شيخ مجيب جي طاقتور حيثيت جي ڪري ٿيو هو، مجيب جو خوف انهن کي ڀٽي جي ويجھو وٺي آيو پر هنن ڪڏهن به ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجو مضبوط اتحادي اڳواڻ تصور نه ڪيو هو، هو هر وقت هن کان ناراض ۽ چڙيل هوندا هئا پر تاريخ جون مجبوريون، هنن کي ڪمپرومائيز ڪرائينديون رهيو، ائين ٿيو جو 77 جي اليڪشن کان پوءِ رنگ بدليا ۽ ڀٽي سان اتحاد جو پورو ڍينگو ڍيري ٿي ويو. 77 کان هن وقت تائين مذهب ۽ لبرلزم جا جهانسا ڏيندي اسٽيبلشمينٽ جڏهن عمران خان جي ڪلهي تي هٿ رکيو آهي ته پاڻ کي هي ڪڏهن به نه سمجھڻ گھرجي ته هو نواز شريف جي طاقت کان خوفزده آهن، بس هيٺين قميت تي ڪير ٿو هلي هر دور ۾ کين اها چونڊ ڪرڻي پوندي آهي ۽ هي مفروضو جيڪو مخالف ڌر عوام ۾ باربار اڀاري پئي ته سليڪٽر نااهليت جي ڪري بيزار آهن نااهليت جي بيزاري تڏهن ٿئي، جڏهن هنن کي اهليت جي اميد هجي، اهليت جي خواهش رکندڙ ڪڏهن اهليتن جا دشمن ناهن ٿيندا، جيڪو پنهنجو پاڻ کي وڌ کان وڌ اهل سمجھي ته ان کي اهليت جي ڳولها ناهي هوندي، انهي کي صرف ۽ صرف پوئلڳن جي تائيد ڪندڙ جي حڪم مڃيندڙن جي ڳولها هوندي آهي ۽ هو پنهنجي پوري طاقت سان اهليت کي به نااهل بڻائڻ جي حڪمتِ عملي ڄاڻيندا آهن هي اسان جو مفروضو آهي ته هنن کان غلطي ٿي وئي آ غلط اسان آهيون جو هنن کي سمجھي نٿا سگھون.
پاڻ کي هي به سمجھڻ گھرجي ته اسٽيبلشمينٽ سان گڏوگڏ مخالف ڌر جيڪا سياست جي اڌ صديءَ جي تاريخ رکي ٿي، انهيءَ کي پوري طرح سان خبر آهي ته اختلاف ڪنهن جا ڪهڙن بنيادن تي پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ ڪيتري شدت هوندي آهي، رنجشن ۽ ناراضگين کي هميشه سياست جي ٻوليءَ ۾ دوست تضاد جو نالو ڏنو ويندو آهي، انهيءَ ۾ دشمن تضاد ناهي هوندو، تنهن ڪري هر وقت ٺاھه جي گنائش هوندي آهي، دشمن تضاد جو بنياد مڪمل طور تي سياسي اصولن تي عوام دوستي ۽ دشمني جي بنيادن تي بيٺل هجي ٿو، پاڻ هي به سمجھُون ٿا ته پوري مخالف ڌر جيڪو حڪومتي اختلافن جو ڍنڍورو پٽي ٿي، انهيءَ کي اهو پوري طرح سان علم آهي ته هي اختلاف ڪيتري نوعيت جا آهن پر مخالف ڌر جي حڪمت عملي به اها آهي ته عوام کي سياسي جدوجهد جو حصو ناهي بڻائڻو، اختلافن جي ڍنڍوري ۾ وقت گذاري واري جو انتظار ڪرڻو آهي حقيقي معنيٰ ۾ عوامي جدوجهد سان قائم ٿيندڙ جمهوريت مخالف ڌر جي حق ۾ ناهي، تنهن ڪري هو مفروضن جي گريٽ گيم سان وقت گذارن ٿا ۽ پنهنجو بچاءُ ڪندي وقت جو انتظار ٿا ڪن ۽ حڪومت جو وقت گذاريندي مستقبل جي ميڙ منٿ پاليسيءَ تي عمل پئي ڪري هاڻي هر روز توازن جو پلڙو وڌ کان وڌ هڪ ئي طاقت جي حق ۾ ٿيندو ٿو وڃي ۽ جنهن جي رحم جا طالب هي تمام جو تمام رولنگ ڪلاس ۽ ايليٽ ڪلاس جا سياستدان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button