عالمي

آمريڪي ناياب دستاويز 4 ڪروڙ 32 لک ڊالرن ۾ نيلام

نيويارڪ ۾ نيلام گهر اندر آمريڪي ناياب دستاويزن کي 4 ڪروڙ 32 لک ڊالرن ۾ نيلام ڪيو ويو آهي، جيڪا ڪنهن بھ ڪتاب يا ڊاڪيومينٽ جي ملندڙ رقم جو تمام وڏو رڪارڊ آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ نيلام گهر سوٿ پيز اعلان ۾ چيو آهي تھ، دستاويز جو خريدار هيج فنڊ مينيجر ڪيٿ گرفن آرڪنساس ۾ واقع ڪرسٽل برجز ميوزيم آف آمريڪن آرٽ کي عوامي نمائش خاطر اهي دستاويز قرض ۾ ڏيندو. ڪينٿ گرفن ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي 17 هزار ماڻهن کي دستاويز وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي اهي خريد ڪيا آهن. هن ٻڌايو تھ آمريڪي آئين هر عام آمريڪي جي پهچ ۾ رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button