ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اي وي ايم جا آپريٽر

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ڪجهه ڏينهن اڳ مخالف ڌر جي پارٽين کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ هڪ ڀيرو وري شڪست نصيب ٿي آهي ۽ عمران خان نيازي پاڻ کي سوڀارو سمجهي رهيو آهي. جڏهن اجلاس شروع ٿيڻ وارو هو ته عمران خان نيازي جي چهري تي ڪافي اعتماد هو، ظاهر آهي اهو اعتماد ان ڪري به هو جو کيس يقين ڏياريو ويو هو ته سندس پارٽي جيڪي به بل گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪندي، سي هر صورت ۾ پاس ڪرايا ويندا. انهن بلن جو انگ لڳ ڀڳ 40 آهي، جن مان ٻه بل تڪراري آهن. هڪ چونڊ سڌارن وارو ۽ ٻيو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين وارو.
اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) بل لا پي ٽي آ سرڪار ان ڪري به بي چين هئي جو اڄ کان جنرل فيض حميد ڊي جي آ ايس آ واري عهدي تي نه رهندو. هو پنهنجي سڄي مدي ۾ هڪ تڪراري ڊي جي طور سامهون آيو ۽ هاڻ کيس پشاور ڪور ڏني وئي آهي. عمران خان نيازي کي هر بحران مان ڪڍائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. اي وي ايم مشين جو بل پاس ڪرائڻ لا اتحادين کي ڪيئن راضي ڪيو ويو هو، اهو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي. گذريل ٽن سالن کان اپوزيشن جماعتن حڪومت خلاف جيڪي به رٿون آنديون آهن، سي ان ڪري ناڪام ويون جو بقول سياسي پارٽين جي پي ٽي آ حڪومت کي ڊي جي آ ايس آ جي وڏي حمايت حاصل رهي آهي. هو نه رڳو پي ٽي آ کي هر بحران مان ڪڍندو پئي آيو پر مخالف ڌر توڙي پي ٽي آ جي اتحادي جماعتن کان دڙڪي دهمان وسيلي ڪم ڪرائيندو رهيو. جڏهن ته پي ٽي آ جي سڀ کان وڏي سهولتڪار پيپلز پارٽي به رهي آهي، جنهن پي ڊي ايم جهڙي اهم اتحاد سان دوکو ڪري پي ٽي آ حڪومت کي نئون جيئدان ڏنو آهي.
پي ٽي آ حڪومت جي جيڪا ڪارڪردگي گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ رهي آهي، ان کانپو جيڪڏهن عوام کي پنهنجي کل بچائڻ جو ذرو به احساس هوندو ته اهو پي ٽي آ کي وري ووٽ نه ڏيندو. ان ڪري اي وي ايم کي ايندڙ چونڊن ۾ استعمال ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. ملڪ ۾ صاف شفاف چونڊون ٿيڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهن. ان ڪري پاڪستان ۾ چونڊون سدائين مينيج ٿينديون رهيون آهن. 2018ع واريون چونڊون جهڙي ريت چوري ڪيون ويون ۽ پي ٽي آ کي اقتدار ۾ آڻي “ڪمپني بهادر” سڀئي معاملا پنهنجي هٿ ۾ ڪري ڇڏيا. گذريل ڏينهن جيڪي بل پاس ٿيا آهن، اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اڃا تائين “ڪمپني بهادر” ملڪي سياست تان ڪنٽرول ڇڏڻ لا تيار ناهي ۽ اها جنهن کي چاهي ان کي اقتدار ۾ آڻي، عوامي را کي ٿڏي سگهي ٿي. هن وقت عمران خان نيازي جهڙو ماڻهو اسٽيبلشمينٽ کي ملڻ مشڪل آهي. اهو ئي سبب آهي جو عمران خان نيازي به چوندو رهيو آهي ته هن کان سوا ڪا چوائس ناهي.
بهرحال، هاڻوڪن ڏينهن جو اهم ترين معاملو اي وي ايم جو ايندڙ چونڊن ۾ استعمال جو آهي. مشين تيار ته ٿي وئي، بل به پاس ٿي ويو پر ڇا ان جو استعمال ايندڙ چونڊن ۾ ممڪن آهي. دنيا ۾ لڳ ڀڳ 150 ملڪن مان رڳو 8 ملڪ اها مشين استعمال ڪري رهيا آهن پر اهي ٻڏتر جو شڪار آهن ته ان مشين کي اڃا به استعمال ڪجي يا ڇڏي ڏجي، ڇاڪاڻ ته ڪئين ملڪ آهن، جيڪي ان مشين جو استعمال چونڊن ۾ بند ڪري چڪا آهن. ڇو ته اها مشين اعتبار جوڳي ناهي. جيئن آمريڪا وارين چونڊن لا اڃا به اهو چيو وڃي ٿو ته جڏهن ٽرمپ ملڪ جو صدر ٿيو هو ته انهن چونڊن جي نتيجن ۾ هير ڦير ڪرڻ ۾ روس ڪردار ادا ڪيو هو.
عمران خان نيازي کي اي وي ايم مشين استعمال ڪرڻ جي تڪڙ آهي. جنهن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ڪيترائي اعترض واري ڇڏيا آهن. جڏهن ته جتي جتي اها مشين استعمال ٿي رهي آهي، انهن ملڪن رڳو هڪ سال ۾ اها مشين استعمال نه ڪئي هئي پر ڪٿي ويهه سال ۽ ڪٿي وري ٻاويهه سال لڳا آهن. پر ڇا هاڻوڪي حڪومت انهن مشينن جو خرچ برداشت ڪري سگهي ٿي، جيڪو اربن ۾ ايندو. ان کانسوا اليڪشن ڪميشن به اڃا تائين اهو طئي نه ڪري سگهي آهي ته ان مشين جو استعمال ٿي سگهي ٿو يا نه.
اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت قانون جي منظوري باوجود اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۾ ان جي استعمال بابت ٻڏتر جو شڪار آهي. پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ قانون ۽ انصاف بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي دوران ميمبرن اليڪشن ڪميشن اختيارين کان ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال بابت سوال ڪيا. اپوزيشن اسيمبلي ميمبر عاليه ڪامران سوال اٿاريو ته بلوچستان ۾ تڪ بنديون ڪيئن ٿينديون؟ بلوچستان جو عوام مشڪل سان ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندو آهي، جتي انٽرنيٽ نه آهي اتي اي وي ايم مشين ڪيئن استعمال ٿيندي؟ پارليامينٽ جي حڪومتي ميمبرن چيو ته پارليامينٽ سپريم آهي، اليڪشن ڪميشن کي بنا دير جي قانون تي عمل ڪرڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد خان چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال ايندڙ عام چونڊن ۾ ٿيندو يا نه؟ هن وقت ڪجهه چئي نٿو سگهجي. اي وي ايم جي استعمال ۾ چئلينج پيش اچي رهيا آهن. ايندڙ عام چونڊن ۾ اي وي ايم جي استعمال کان اڳ مشين جي خريداري ۽ عملي جي ٽريننگ سميت 14 مرحلن مان گذرڻو پوندو. اي وي ايم جي استعمال بابت وڌيڪ 3 کان 4 پائلٽ پراجيڪٽ ڪرڻا پوندا. هڪ پولنگ اسٽيشن تي ڪيتريون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هونديون ان جو اندازو لڳائڻ اڃان باقي آهي.
هاڻ هڪ پاسي ته ان مشين جا 14 مرحلا آهن ۽ ٻئي پاسي جيڪو سڀ کان وڏو خدشو آهي سو اهو آهي ته مشين وسيلي ڪاسٽ ٿيندڙ ووٽ ڪنهن به وقت تبديل ٿي سگهن ٿا. 2018ع وارين چونڊن ۾ جهڙي ريت آر ٽي ايس سسٽم ويهي رهيو هو ۽ ان کان پو نتيجن ۾ تبديلي ڪئي وئي هئي، اهي امڪان هاڻ به موجود آهن. اهو به ممڪن آهي ته مشينن ۾ اڳ ۾ ووٽ داخل ڪيا ويا هجن. جنهن ملڪ ۾ ٺڳ سم ڪڍائڻ جي بهاني آڱوٺي جو نشان وٺي، نقلي آڱوٺا ٺاهي سمون ڪڍندا هجن، اتي اهڙين مشينن کي هيڪ ڪرڻ يا وري ٽيمپرنگ ڪرڻ ڪهڙو مسئلو آهي، جنهن جو خدشو اليڪشن ڪميشن به ڏيکاري چڪي آهي. اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ان مشين کي “شيطاني مشين” قرار ڏنو آهي. هي مسئلو سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو ناهي پر اصل ۾ چونڊن کان اڳ ۾ چونڊون چورائڻ جو آهي. ان بل خلاف اپوزيشن پارٽيون في الحال ته وڏي گرم جوشي سان اهو چئي رهيون آهن ته اهي سپريم ڪورٽ ۾ وينديون پر انهن تي ڪهڙو اعتبار، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين اهي عوام سان ڪيترائي دوکا ڪنديون رهيون آهن. جيڪڏهن انهن کي به سڀاڻي ڪو فون اچي ويو ته اهي ماٺڙي ڪري ويهي رهنديون ۽ اي وي ايم وسيلي چونڊ نتيجن کي قبول ڪرڻو پوندو.
اي وي ايم جو استعمال ان ڪري به يقيني بڻايو پيو وڃي ته جيئن “ڪمپني بهادر” تي آڱريون نه کڄن، جيئن 2018ع وارين چونڊن کان پو سڄي دنيا ۾ اها ڳالهه وائکي ٿي وئي ته ڪهڙي ريت ان چونڊون چوري ڪري عمران خان نيازي کي اقتدار ۾ آڻي ملڪ جي تباهي ڪري ڇڏي آهي.
اصل مسئلو ملڪ ۾ چونڊن جي طريقيڪار جو ناهي پر انهن نتيجن کي بدلائڻ ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جو آهي. هن وقت عمران خان نيازي کي اقتدار ۾ آڻيندڙ سليڪٽر چورائين ٿا پر جڏهن چونڊون مشين وسيلي ٿينديون ته اهي آپريٽر چورائيندا. ان ڪري صاف شفاف ۽ غير تڪراري چونڊون ڪرائڻ لا ضروري آهي ته آپريٽر جو ڪردار ختم ڪيو وڃي ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن سياسي پارٽيون به همت ڪن. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ جي فيصلن مان لڳي ٿو ته هن اهو طئي ڪري ورتو آهي ته اها پنهنجو پاڻ کي بدلائڻ لا تيار ناهي، ان کي جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي اها ڪندي رهندي. جيڪڏهن هڪ ڀيرو وري به اقتدار ۾ عمران خان نيازي کي آڻڻ لا تياريون ٿي رهيون آهن ته پو ملڪ ۽ عوام کي وڌيڪ تباهي لا به تيار رهڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button