ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ بابت پي سي بي جي هائبرڊ ماڊل کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي هوڏ تي قائم آهي، جنهن سبب ايشيا ڪپ بابت ڊيڊلاڪ ختم ٿي ناهي سگهيو. ميڊيا مطابق بي سي سي آئي ايونٽ کي مڪمل طور غيرجانبدار جڳهه تي ڪرائڻ جا جتن جاري رکيا ۽ ان ڏس ۾ لابنگ ڪري رهيو آهي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي هڪ ميمبر ميڊيا کي ٻڌايو تھ ايونٽ ۾ ڀارتي بورڊ اڃا تائين رڪاوٽ بڻيل آهي، جنهن جي ڪوشش آهي تھ ايونٽ کي مڪمل غيرجانبدار جڳهه تي منتقل ڪيو وڃي. هن چيو تھ ايشيا ڪپ جي ميزباني ۽ جڳهه بابت فيصلو هاڻ اي سي سي پاڻ ڪندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close