ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وال آف شيم

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان نيازي پنهنجي منهن حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي. اها ڪميٽي حڪومت سان ڳالهيون ڪري سياسي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي آهي. هي اهو ئي عمران خان نيازي آهي جيڪو ڪڏهن چوندو هو ته هو چورن سان ڳالهيون نه ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن معاملي تي ٺاهه ڪندو، پر هاڻ هو پاڻ ڳالهين لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي. پر هاڻ ائين ٿو لڳي ڄڻ گهڻي دير ٿي وئي آهي. سياست ۾ جڏهن ڳالهين جو رستو ڪونه چونڊبو آهي ته مسئلا جيئن جو تيئن موجود رهندا يا انهن جي نوعيت وڌيڪ خراب ٿي ويندي آهي.
عمران خان نيازيءَ جي پارٽي تحريڪ انصاف هن وقت سياسي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي. اقتدار مان تڙجڻ کان پوءِ هن اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن کيس وري اقتدار نه مليو ته هو هر پاسي تباهي مچائي ڇڏيندو. جنهن جا منظر اسان 9 مئي تي ڏٺا. پر ملڪ ۾ اقتدار ڪنهن کي ملندو ان جو فيصلو عوام جو ووٽ نه هتان جي اسٽيبلشمينٽ ڪندي آهي. هاڻوڪي دور جي اسٽيبلشمينٽ اها اسٽيبشلمينٽ ڪونهي جيڪا 2018ع واري دور ۾ هئي، جنهن عمران خان کي نه رڳو وزير اعظم ٿيڻ جي اين او سي ڏني پر ان لاءِ هر قسم جي سهولتڪاريءَ جو ڪردار پڻ ادا ڪيو هو. اهو ئي سبب هو جو هو ان جي ٻل تي پنهنجي سياسي مخالفن کي جيلن ۾ واڙيندو رهيو، نيب حوالي ڪري انهن کان پڇاڻو ڪندو رهيو پر ڪو هڪ ڪيس به ثابت نه ٿي سگهيو. ڪالهه جيڪو عوام عمران خان نيازيءَ کي پنهنجي هيرو سمجهي رهيو هو، اهو هاڻ ان خلاف آواز اٿاري رهيو آهي ۽ شهرن ۾ هن جي خلاف غدار وطن جا پوسٽر لڳي رهيا آهن.
ڇا اهو سڀڪجهه هڪ رات ۾ ٿيو آهي؟ ڪنهن سياسي عمل جا نتيجا رات پيٽ ۾ ڪونه ايندا آهن، ان جي پويان هڪ پسمنظر هوندو آهي، اهڙي ريت اڄ جيڪي ڪجهه پي ٽي آءِ سان ٿي رهيو آهي، ان جي پويان به هڪ پسمنظر موجود آهي. اهو پسمنطر عمران خان نيازيءَ جو پنهنجي تيار ڪيل آهي. جنهن ۾ هن اهو طئي ڪري ورتو هو ته هو نه رڳو ملڪ ۾ گهرو ويڙهه لاءِ ماحول تيار ڪري ڇڏيندو پر صورتحال اهڙي پيدا ڪري ڇڏيندو جو ان کي ڪوبه ڪنٽرول نه ڪري سگهندو. اڄ جڏهن هو اهو چوي ٿو ته کيس خبر ئي نه هئي ته ٻاهر ڇا ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو جيل ۾ هو. پر هن کي سڄي خبر هئي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جيڪي ڪجهه 9 مئي تي ڪيو، ان جون سڀي هدايتون هو اڳواٽ ڏئي چڪو هو.
پاڪستان ۾ ڪنهن سياسي پارٽيءَ کي اوج تي آڻڻ ۽ وري زوال ڏانهن ڌڪي ڇڏڻ عام ڳالهه آهي. ڪالهه پي ٽي آءِ جو ائين اوج هو، جيئن ڪنهن زماني ۾ ايم ڪيو ايم جو هو. اڄ اها اهڙي ريت زوال جو شڪار ٿي آهي، جيئن ايم ڪيو ايم ٿي هئي. پر عمران خان نيازي وڌيڪ خطرناڪ ان ڪري به آهي جو هو پنهنجن سڄڻن سان دغا ڪندي دير ڪونه ڪندو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ هن وقت منهن لڪائيندا وتن ۽ هاڻ جڏهن اهي پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ته اهي اهو جواز ڄاڻائي رهيا آهن ڄڻ انهن جا پي ٽي آءِ سان اختلاف سالن کان هلندڙ هئا ۽ کين رڳو ڪنهن موقعي جي ڳولا هئا. ڪالهه جڏهن ٻين پارٽين مان ماڻهو ٽُوڙي پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪرايا پئي ويا ته اهي پي ٽي آءِ کان متاثر هئا، هاڻ جڏهن اهي پي ٽي آءِ کي ڇڏي رهيا آهن ته انهن تي زور بار وڌو پيو وڃي.
ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي وال آف شيم نظر اچي رهي آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ جي لڳ ڀڳ سڀني اڳواڻن جون تصويرون آهن ۽ انهن جي منهن تي ڪارنهن ملي پئي آهي. ان کي جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت يا ڪي سياسي ڌريون سپورٽ ڪن ٿيون ته اها سندن سياسي غلطي هوندي. ڇاڪاڻ ته وال آف شيم ڪنهن به سياستدان لاءِ نه هجڻ گهرجي. اڄ جيڪڏهن حڪومت يا نواز ليگ ان کي سپورٽ ڪري رهي آهي ته سڀاڻي ان ساڳي وال آف شيم تي نواز ليگ جي اڳواڻن جا نالا هوندا ۽ انهن جي منهن تي ڪارنهن ملي پئي هوندي. تنهنڪري جيڪو گند سياست جي ميدان ۾ عمران خان نيازي ڪيو آهي، ان کي نه ورجايو وڃي. پر ان گند کي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button