ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي سياسي بقا لاءِ ضرورت بڻيل اين آر او

Editorial-Article- Allahbux Rathore

هي ڳالهه ريڊار تي اچي وئي آهي ته عمران خان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اين آر او حاصل ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوششن ۾ رڌل آهي. بقول سندس ته واڳ ڌڻي يا عظيم گهوڙيسوار هن کي اين آر او ته پري جي ڳالهه آهي،”صنم سان هڪ ملاقات” ڪرڻ کان به پڙ ڪڍي بيٺو آهي. 9 مئي واري واقعي کانپوءِ ته صورتحال مورڳو ئي تبديل ٿي وئي آهي. اهي جن کيس پنهنجن اکين جو تارو بڻايو هو، هاڻ اهي هڪ هڪ ڪري ڪپتان جي ٻيڙيءَ مان تختا ڪڍي رهيا آهن. جيڪڏهن هي صورتحال برقرار رهي ٿي ۽ ڪريڪ ڊائون به جاري رهيو ته عمران خان جي بارگيننگ پوزيشن زيرو ٿي ويندي ۽ هو اڪيلو ئي سياسي ڪوفي جي ميدان ۾ بيٺل نظر ايندو. هي سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهيون ته اهي جيڪي اسٽيبلشمنٽ سان اک ٽيٽ ڪندي وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏي رهيا هئا، جن ۾ فواد چوڌري ۽ اسد عمر سرفهرست هئا، انهن جنهن انداز ۾ ڊوڙون پائي ڀاڄ جو مظاهرو ڪيو، ان جو ورلي ڪو مثال ملي ٿو. رڳو هي ٻه ڄڻا ناهن، پر اهي به جن عمران خان سان گڏجي پي ٽي آءِ جو بنياد رکيو هو، اهي”رٺا ئي رهن، پر هجن حياتي” جيان پاسيرا ٿي ويا. هينئر هي صاحبان سوشل ميڊيا تي، ٽوئيٽر اڪائونٽ تي عمران خان جي تصوير به لڳائڻ لاءِ تيار ناهن.
پي ٽي آءِ جا اهي اڳواڻ، جيڪي پراڻي اسٽيبلشمنٽ جو حصو هئا يا وري هاڻ انهن لاءِ نرم گوشو موجود هو، اهي به “عتاب” هيٺ آهن. انهن جو بلڊ پريشر معمول تي نه اچي رهيو آهي. جيڪڏهن فوج جي اڳوڻي سربراهه آصف نواز جي ويجهي عزيز کي بنا ايئر ڪنڊيشنڊ جيل جي کولي ۾ هجي ۽ ان جي آزاديءَ لاءِ سمورين ڪوششن کي پٺي ڏني وڃي، ان سان گڏ سنڌ مان اهي اڳواڻ، جيڪي گورنر جي عهدي تائين پهتا، عمران اسماعيل به عمران خان کي خدا حافظ چئي ڇڏي ته باقي ڇا ٿو بچي؟ شيرين مزاري ته پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ڪلاسيڪي مثال آهي، هن قسم جا پڙهيل لکيل اڳواڻ پاسيرا ٿي وڃن ته پي ٽي آءِ لاءِ ٻيو ڇا رهجي ويندو؟ چوڻ وارا چون ٿا ته هاڻ جهانگير ترين پي ٽي آءِ پيٽرياٽ ٺاهيندو يا وري هو پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي گڏ ڪري عمران خان کي ئي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏيندو. جيڪڏهن چوڌري شجاعت حسين جي مثال کي ڏسجي ته شايد عمران خان کي پارٽي چيئرمين طور موڪل نه ڪرائي سگهندا. اليڪشن ڪميشن وٽ مثال موجود آهي، پر جيڪڏهن ڪٿان اشارو اچي ويو، جنهن جا گهڻا امڪان آهن ته پوءِ ڪپتان، بنا ٽيم جي اڪيلو، بي يارومدد گار هوندو.
ميڊيا جي حلقن ۾ 20 برطانوي چونڊيل نمائندن ۽ آمريڪي ڪانگريس ۽ سينيٽ جي 69 ميمبرن ڊڪ ڊوڙ کان ڪنهن کي به انڪار ناهي. هنن ڪوششن ۾ به رنڊڪون پئجي چڪيون آهن، برطانوي نمائندن ۽ عمران خان ۾ جيڪي ڳالهيون زوم تي ٿيڻيون هيون، اهي به انٽرنيٽ رابطي ختم ٿيڻ سبب نه ٿي سگهيون. ان تي برطانوي عهديدار گهڻا ارها به نظر اچن ٿا، پر هو اهو وساري ويهن ٿا ته هاڻ برطانيا، پوڙهو سامراج ٿي ويو آهي. ان جي ماضي جيان هلندي پڄندي ناهي، نه ئي هو پراڻو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن. ايستائين جو برطانوي وزير اعظم به پاڪستان جي حڪومت ۽ عمران خان جي معاملي کي داخلي قرار ڏئي چڪو آهي. ان ڪري عمران خان کي بچائڻ لاءِ برطانيا جي حڪومت اڳيان نه اچي رهي آهي، پر چونڊيل ايوانن جا ڪجهه نمائندا آهن، جن پٺيان گولڊ اسمٿ خاندان يا عمران خان جي اڳوڻي گهرواري، سالو ۽ پٽ آهن، جيڪي اين آر او وٺڻ واري منجهيل سُٽ کي سلجهائي نٿا سگهن. ٻئي طرف انگريزي اخبار ڊان جي واشنگٽن جي نمائندي انور اقبال عمران خان جي لابي جي سرگرمين ۽ اين آر او وٺڻ لاءِ هيل تائين ڪيل ڪوششن جي باري ۾ ٻڌائي چڪو آهي. بقول هن جي ته هيل تائين ان حوالي سان ٽي گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن، پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي. عمران خان جي لابنگ سبب هي سمجهيو پيو وڃي ته واڳ ڌڻين کان معافي يا اين آر او وٺڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ته ٻيو آپشن پرڏيهه روانگي هوندي، ان جو استعمال ڪري سگهي ٿو. ان کان اڳ عمران خان جو سفارتي پاسپورٽ به ضبط ڪيو ويو.
اسان وٽ سياست ۾ اين آر او نه ڏيڻ يا ڏيڻ واري سياست کي عمران خان ئي گهڻو اڇلايو هو، هن پنهنجي دور ۾ مخالفن لاءِ جيڪا ٻولي استعمال ڪئي هئي، اها هينئر به حڪومت نه ڪري رهي آهي. باقي سياست ۾ اين آر او هر دور به موجود رهندو آهي، پر ان حوالي سان جن ڌرين جو ڪردار اهم هوندو آهي، اهي سرگرم نه ٿيون آهن. ائين لڳي ٿو ته اين آر او ڏياريندڙ قوتون سرگرم نه ٿينديون. جن ٻن ملڪن جو ذڪر ٿي رهيو آهي ته اتان جا سياستدان چاهين ٿا ته عمران خان کي سياسي اسپيس ملي، پر اتان جون حڪومتون ميدان کان ٻاهر آهن. حڪومتن کانسواءِ ڪجهه ٿرڊ پارٽيز به آهن، جيڪي ٽياڪڙي ڪنديون آهن، جن ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارتون ۽ ٻيون قوتون موجود آهن. هي سياسي بروڪر آهن. عمران خان پنهنجي دور ۾ انهن ملڪن جي اهم شخصيتن سان نه نڀايو ۽ هنن لاڳاپن کي گهڻو کٽو مٺو ڪري ڇڏيو هو. موجوده حڪومت ۾ اڪثر اهڙيون ڌريون آهن، جن ۾ (ن) ليگ ذڪر جوڳي آهي، ان تي سعودي شاهي خاندان جو واضح اثر آهي. ساڳي ريت عرب ملڪن ۾ گڏيل عرب امارتون به معاملن کي ٺيڪ ڪري سگهن ٿيون، پر اهي سياسي معاملن ۾ گهٽ ٽنگ اڙائينديون آهن. نواز شريف ۽ محترما بينظير ڀٽو جي ڏيهه واپسي ۽ پرويز مشرف تي عالمي قوتن گهڻو دٻاءُ وڌو هو، ان جي باوجود محترما کي شهيد ڪيو ويو. نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي جيل ياترا ڪرائي وئي ۽ پوءِ عالمي قوتن جي ٽياڪڙي سبب هو لنڊن جو اسير ٿيو. هي به ٿيندو آهي ته آمريڪا توڙي برطانيا، سڌي ريت سامهون اچڻ بدران سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چوندا آهن، ان جي باوجود ٽين قوت جو استعمال ڪيو ويندو آهي. موجوده واڳ ڌڻين تي به سعودي عرب توڙي ٻين قوتن جو اثر آهي، پر هن سموري صورتحال ۾ چين جي ڪردار کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي، جنهن وٽ پڻ عمران خان لاءِ سافٽ ڪارنر ناهي. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان پرڏيهه ڪيئن ويندو يا کيس اين آر او ڪير ڏياريندو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button