انهن ماڻهن تي ڪهڙو افسوس ڪجي؟ جيڪي هن صديءَ ۾ به پراڻا تجربا ورجائي نون نتيجن جون اميدون رکن ٿا!!
جي ها! اسان جو موضوع اهوئي آهي، جيڪو گذريل ڏينهن کان وٺي پاڪستان جي ميڊيا جو مک موضوع بڻجي ويو آهي. فواد چوڌري سياست کان ”بريڪ“ وٺڻ جو اعلان ته ڪيو پر هن کي هڪ هفتي ۾ محسوس ٿيو ته هن جا ”بريڪ فيل“ آهن. ان ڪري هو وري هڪ نئين مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ موٽي آيو آهي ۽ هن ڀيري هن حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بدران پي ٽي آءِ جي انهن همراهن سان ملاقاتن ۾ مصروف آهي، جيڪي يا ته دٻاءَ جي ڪري پارٽيءَ کي ڇڏي چڪا آهن يا ڇڏي رهيا آهن يا ڇڏڻ جو سوچي رهيا آهن.
فواد چوڌريءَ جي انهن ملاقاتن کي عمران خان پاران سونپيل ڪم سمجهي سگهجي پيو پر جهڙي طرح شهباز گل پنهنجي وڊيو لاگ ۾ هن جي ڪوششن کي ”مائنس ون“ واري فارمولا کي عملي جامو پهرائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي، ان تناظر ۾ محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ هن مهل تائين پنهنجي افسوس جوڳي ماضيءَ مان ڪنهن به قسم جو سبق سکڻ جي موڊ ۾ بلڪل به ناهي. ڇو ته هن جي نظر ۾ اڄ به مسئلن جو حل صرف انهن چالن ۽ چالبازين ۾ پوشيده آهي، جيڪي صرف ان لاءِ ڪيون وينديون آهن ته جيئن پنهنجي ناپسنديده سياستدانن کي سبق سيکاري سگهجي ۽ پنهنجا نوان وفادار اڳواڻ پيدا ڪري سگهجن.
فواد چوڌريءَ جي ڪراچي ياترا به ان پراڻي تجربي جو ورجاءُ قرار ڏني پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم کي ٽوڙي ٽي ٽڪر ڪيو ويو. هڪ ٽڪر هن وقت لنڊن ۾ آپريٽ ڪري رهيو آهي. ٻيو ٽڪر مصطفيٰ ڪمال جي صورت ۾ ايڪٽو آهي. ٽيون بهادرآباد ۾ دفتر کولي ويٺو آهي. جڏهن ٻه ٽڪر الڳ الڳ ڪو مقصد ماڻڻ جي قابل نه سمجهيا ويا، جڏهن انهن لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ پنهنجي شرمناڪ شڪست جو سوچي اڳواٽ هٿ کنيا. ان وقت وري ٻن ٽڪرن ۽ ٽين فاروق ستار کي گڏ ويهاري وري هڪ ڪوشش ڪئي وئي. ان جو نتيجو ڇا نڪتو؟
ايم ڪيو ايم واري تجربي کان به ان تجربي جو نتيجو تلخ نڪرندو، جيڪو پي ٽي آ جي حوالي سان ڪرڻ جو سوچيو پيو وڃي يا جنهن جو ڀرپور امڪان بيان ٿو ڪيو وڃي ۽ چيو ٿو وڃي ته عمران خان کي پاڪستان جي سياست مان عملي طور تي آئوٽ ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته پي ٽي آءِ جي سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ليڊرشپ يعني ٻين ۽ ٽين صف جي سياسي قيادت تي مشتمل اهڙو پليٽ فارم جوڙيو وڃي، جنهن کي جيئن تيئن ڪجهه سيٽون ڏياري اسيمبليءَ ۾ داخل ڪيو وڃي. پوءِ کٽن هن جا ڀاڳ ته اهو پليٽ فارم حڪومت سان ٿو بيهي يا مخالف ڌر جو ڪردار ٿو ادا ڪري!
ڇا هن وقت اهڙي ڪا به ڪوشش ڪامياب ٿي سگهي ٿي؟ ناڪام ڪوشش ڪرڻ هر احمق جو پيدائشي حق آهي. هن کي اهڙي حق کان دنيا جي ڪا به قوت محروم رکي نه ٿي سگهي پر سوال اهو آهي ته ڇا اهو ڪجهه ڪرڻ سان ملڪ منفي طور تي متاثر نه ٿيندو؟ اسان جي اسٽيبلشمينٽ سدائين پنهنجي هٿ جي وڍيءَ جو شڪار رهي آهي. هن جي ناڪام اسڪيمن جي فهرست تمام گهڻي طويل رهي آهي ۽ اها هن مهل به جاري آهي. سوال اهو آهي ته آخر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو رهندو؟ ڇا اها حيرت جهڙي ڳالهه ناهي ته جنهن حقيقت جو ادراڪ هڪ عام صحافيءَ ۽ هڪ پاڻمرادي جرنلسٽ ۽ سياسي مبصر کي به آهي، اها سمجهه ۽ اها سوچ اسان جي انهن حلقن ۾ داخل ٿيڻ جو شرف حاصل نه ڪري سگهي آهي، جن حلقن جي حوالي اسان ملڪ جون واڳون ڪيون آهن يا جن حلقن پاڻ زوريءَ زبردستيءَ ملڪ جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ ورتيون آهن. اهي هٿ انهن واڳن جو اهو حشر ڪندا رهيا آهن، جو اسان منزل جي ويجهو ٿيڻ بدران مسلسل منزل کان پري ٿي رهيا آهيون. اسان تاريخ جو ابتو سفر ڪري رهيا آهيون. اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ته هر سفر جي مقدر ۾ منزل نه هوندي آهي ۽ ان سفر جي مقدر ۾ ته هرگز به نه جيڪو سفر ابتو ڪيو وڃي.
اهي اڳواڻ جيڪي عمران خان ٻن ڏهاڪن جي دوران تيار ڪيا هئا، انهن کان عمران خان کي محروم ڪيو ويو آهي ۽ هن جي حصي ۾ آيل پيڙا هن جي منهن مان به ظاهر آهي، اهو عمران خان جيڪو ڪالهه تائين عام ڪپڙن ۾ به جام پرڪشش لڳندو هو، سو هاڻي ڪيمرا جي آڏو اچڻ کان اڳ ۾ نوان لباس ۽ ان مٿان ميچ ڪندڙ ڪوٽيون ۽ نهايت سليقي سان سجايل وار کڻي ويهي ٿو ته به هن جي چهري تي پيدا ٿيل اهي گهنج صاف نظر اچن ٿا.
اسان کي ان پراڻي سچائيءَ تي نئين سر اعتبار ڪرڻ گهرجي ته ”برائي پنهنجو پاڻ کي پاڻ ئي ناس ڪندي آهي“ ان ڪري آئين جي مطابق هر قوت کي آزادي ڏني وڃي ته هوءَ پاڻ کي آزمائي ۽ اهو ڪجهه حاصل ڪري جيڪو ڪجهه هوءَ حاصل ڪري سگهي ٿي.