ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڪستان جو معاشي بحران

Editorial- Article- Rauf Nizamani

هن وقت پاڪستان هڪ سنگين معاشي بحران مان گذري رهيو آهي. ملڪ جي سياسي عدم استحڪام ان صورتحال جي نوعيت کي اڃا وڌيڪ شديد ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ ان متعلق روز خبرون اچن ٿيون ۽ خاص طور عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ عام ماڻهن جي زندگي کي نهايت خراب طريقي سان متاثر ڪيو آهي.
حڪومت پاران ان ڳالهه جو وڏي واڪ اعلان ڪيو وڃي ٿو ته انهن ڊيفالٽ نه ڪيو آهي ۽ نه ڪندا. پر تازو نامياري پاڪستاني آمريڪي معيشت دان عاتف ميان پنهنجن ڪجھه ٽوئٽس ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته اها ڪا ايڏي فخر جهڙي ڳالهه ناهي. هن وقت پاڪستان کانسوا ٻه ٻيا ملڪ گھانا ۽ سري لنڪا ان ساڳي بحراني صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا آهن ۽ انهن ٻنهي پنهنجي ڊيفالٽ هئڻ جو باقاعدي اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهين ته پاڪستان ائين نه ڪيو آهي. ڊيفالٽ کانپو گھانا جي ڪرنسي جو قدر اڌو اڌ گھٽ ٿي چڪو آهي جڏهين ته سريلنڪا لا اهو ٽيٽيهه سيڪڙو آهي. پر انهن ٻنهي معيشت جي سڌاري لا جيڪي قدم کنيا آهن انهن جي ڪري ڪرنسي جي قدر ۾ استحڪام آيو آهي جڏهين ته پاڪستان جي ڪرنسي جي قدر اڌواڌ گھٽجڻ باوجود اها عدم استحڪام جو شڪار آهي ۽ سري لنڪا کان وڌيڪ ان جو قدر گھٽجي چڪو آهي. معاشي تنزل جو مثال ڏيندي هو چئي ٿو ته پاڪستان گهانا، ڀارت، بنگلاديش ۽ سري لنڪا کان ويهه کان پنجويهه سيڪڙو گھٽ قيمت تي پيٽرول وڪڻي رهيو آهي جنهن سان ان جي قومي پيداوار متاثر ٿئي ٿي. ساڳي وقت خام مال تي پابندين سان پيداوار ۽ برآمدي واپار متاثر ٿئي ٿو.

حڪومت هن سال ڪوبه معاشي هدف پورو نه ڪري سگھي آهي. قومي پيداوار ۾ واڌ جو ڪاٿو جيڪو پنج سيڪڙو لڳايو ويو هو اهو هاڻي 0.29 سيڪڙو هوندو. معيشت جا گھڻا شعبا ۽ خاص طور وڏي صنعت ۽ زرعي پيداوار ۾ لاٿ ان لا ذميوار آهن. وڏي صنعت ۾ ست سيڪڙو واڌ جو ڪاٿو لڳايو ويو هو جيڪو هاڻي منفي 7.98 سيڪڙو هوندو. اهڙي ريت زراعت 3.9 سيڪڙو جو هدف پورو نه ڪري سگھي آهي. گاڏين موٽرن جي پيداوار ۾ ٻائيتاليهه سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي جڏهين ته پرڏيهي سيڙپ ڪاري ۾ اٺانوي سيڪڙو لاٿ ٿي آهي. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ريڪارڊ گھٽ سطح تي آهن. واپاري ۽ بجيٽ جو خسارو گھڻو وڌي ويو آهي.
پاڪستان معاشي ۽ سماجي لحاظ کان پاڙيسري ملڪن ۽ ٻين ترقي ڪندڙ ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھڻو پوئتي پئجي ويو آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي رپورٽ موجب ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ رڳو سريلنڪا آهي جنهن جي 2023 ۾ قومي پيداوار جي واڌ جي رفتار جو اندازو منفي ٽي سيڪڙو لڳايو ويو آهي جڏهين ته ڀارت، بنگلاديش، مالديپ، نيپال ۽ ڀوٽان وغيره جي قومي پيداوار جي واڌ پاڪستان کان گھڻو وڌيڪ آهي. ساڳي ريت پاڪستان ۽ سريلنڪا علائقي جا ٻه اهڙا ملڪ آهن جتي قيمتن جي واڌ جي رفتار غيرمعمولي طور ٻين سڀني ملڪن کان گھڻو وڌيڪ آهي.
قيمتن ۾ واڌ اٺيتاليهه سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته بجيٽ کانپو قيمتن ۾ اڃا وڌيڪ واڌ ايندي. ملڪ جي سياسي بحران ۽ عدم استحڪام ان صورتحال ۾ اڃا شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي.

ان صورتحال ۾ جن ڳالهين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي انهن ۾ هڪ گذريل سال جي ٻوڏ ۽ غيرمعمولي مينهن آهن. ٻيو اهم عنصر آئي ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه گھڻي عرصي گذرڻ کانپو به ڪنهن نتيجي تي نه پهچي سگھي آهي ۽ ٻين امداد ڏيندڙ ملڪن کان به رقم ملڻ جي ڪا گھڻي اميد نه رهي آهي. ان جو مک ڪارڻ اهو آهي ته ملڪ تي عالمي ادارن ۽ ٻين ملڪن جو اعتماد نه رهيو آهي ته آيا اهي واعدا پورا به ڪندا جيڪي اهي رقم وٺڻ کان اڳ ڪن ٿا. انهن ۾ اهم ڳالهه ملڪ جي معيشت ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ آهي.
پر پاڪستان جي حوالي سان ائين ناهي ٿي سگھيو. هتي ان لحاظ کان جيڪي به معاشي سڌارا تجويز ٿيندا رهيا آهن اهي سڀ ردي جي ٽوڪري جي حوالي ٿي ويا آهن.
انگ اکر هڪ مجموعي صورتحال کي پيش ڪندا آهن جڏهين ته ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اهو ڏٺو وڃي ته آبادي جا مختلف حصا ان سڄي صورتحال کان ڪيئن متاثر ٿيا آهن.
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو ان صورتحال کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن ۽ سندن اها ڪاوڙ پاڻ کي مختلف وقتن تي مختلف روپن ۾ ظاهر ڪري سگھي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button