ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٽرانسجينڊر جو ووٽ ۽ سانگهڙ ميونسپالٽي

Editorial-Article- Ishaq Mangrio

هونءَ جنوري 2023ع تي سنڌ جي صوبائي ڪابينا پاران نيڪ نيتيءَ سان ٽرانسجينڊر کي سماج ۾ اهميت ڏيڻ لاءِ مڪاني ادارن ۾ سندن مخصوص سيٽون مقرر ڪيون ويون آهن. ڏٺو وڃي ته ان فيصلي جو سڌو سنئون اثر سانگهڙ جي ميونسپل ڪميٽيءَ جي چيئرمينيءَ جي چونڊ تي پيو آهي. سانگهڙ ۾ هر ماڻهوءَ جي وات تي آهي ته کدڙو فقير جنهن کي ووٽ ڏيندو اهو ئي چيئرمين ٿيندو. سنڌ جي سڀني مڪاني ادارن ۾ ٽرانسجينڊرز لاءِ 254 مخصوص سيٽون رکيون ويون آهن. خبر ناهي ٻين هنڌن تي انهن مخصوص سيٽن جو ڪهڙو اثر پيو آهي. پر سانگهڙ ۾ فقيرن جي اهميت چٽي طور سامهون اڀري آئي آهي. پهريون ڀيرو سانگهڙ ۾ فقيرن جي مڙهي ۽ گروءَ بابت ڳالهيون سياسي ڪچهرين ۾ ٿيڻ لڳيون آهن. سانگهڙ ميونسپل ڪميٽيءَ جي چيئرمينيءَ لاءِ روايتي حريف پ پ ۽ جي ڊي اي جا اميدوار آمهون سامهون آهن. ٻنهي ڌرين وٽ ڇهه ڇهه ووٽ آهن. ان ڪري مخصوص سيٽ واري هڪڙي ووٽ جي اهميت اڃان وڌي وئي آهي.
اهوئي سبب آهي جو سانگهڙ ميونسپل ڪميٽيءَ ۾ چيئرمينيءَ جي چونڊ ميونسپل ڪميٽيءَ جي تاريخ جي انتهائي انوکي ۽ دلچسپي واري چونڊ بنجي چڪي آهي. ميونسپل ڪميٽيءَ جي 21 ميمبرن مان سڌي چونڊ ذريعي 12 چونڊجي آيل ميمبرن مان هر ڌر وٽ ڇهه، ڇهه ميمبر آهن. هونءَ اجايو کڻي ٽرانسجينڊر واري مخصوص سيٽ جي چونڊ تي سانگهڙ ۾ هل ۽ گوگا ڪيو ويو آهي. پر اصل ۾ 9 ئي مخصوص سيٽن جي چونڊ ٻنهي سياسي ڌرين لاءِ اهم بڻيل آهي. انهن مخصوص سيٽن جي چونڊ کان وٺي سانگهڙ ميونسپل ڪميٽيءَ جي چيئرمينيءَ جي چونڊ جي سلسلي ۾ پ پ پاران ايم اين اي نويد ڏيرو سانگهڙ ۾ ڪئمپ ڪري ويٺو آهي. جڏهن ته جي ڊي اي پاران ايم پي اي خليفو علي غلام نظاماڻي، خدابخش راڄڙ ۽ پير بخش جوڻيجو پنهنجي ميمبرن کي سنڀالي ويٺل آهن. پ پ جي اميدوار کي حڪومتي پٺ هئڻ ڪري مخصوص سيٽن جا فارم ڀرائڻ واري ڏينهن فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ چئن ميمبرن تي دهشتگرديءَ جي ڪيس واري ايف آءِ آر ڪٽيل آهي. جنهن جي عبوري ضمانت ٿي چڪي آهي. هوڏانهن جي ڊي اي ميمبرن جو چوڻ آهي ته فائرنگ به پ پ جي ورڪرن پاران ڪئي وئي ۽ کين گرفتار ڪري ووٽن واري ڏينهن گم ڪرڻ لاءِ ڪوڙي ايف آءِ آر ڪٽائي وئي آهي. ان ڪري عبوري ضمانت هئڻ جي باوجود رات ڏينهن، شام صبح پوليس انهن ميمبرن کي ڳولڻ ۾ مصروف رهي ٿي. ان ريت سانگهڙ ميونسپل ڪميٽيءَ جي چيئرمينيءَ جي چونڊ تي ڪانٽي جو مقابلو هلندڙ آهي. چيئرمين جي چونڊ کان اڳ ۾ 9 مخصوص سيٽن جي چونڊ انتهائي اهم بنجي چڪي آهي. جنهن جي پولنگ 8 جون تي ٿيندي. ٻنهي ڌرين جا ميمبر جيڪڏهن سڀاڻي 2 جون تائين سيٽن بابت پاڻ ۾ فيصلو نه ڪري سگهيا ته ٻي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي قانون موجب ڊي آ ر او (جيڪو ڊپٽي ڪمشنر آهي) لاٽ ذريعي فيصلو ڪندو. )ڪڻن ذريعي هر مخصوص سيٽ جي بيٺل اميدوارن جو فيصلو ٿيندو(. ھوڏانھن پ پ جي نامزد ٽرانسجينڊر ميمبر رفيق گونگي تي جي ڊي اي خواجه سرا نه ھجڻ جو اعتراض واريو آھي. جنھن لاءِ سندس اڳوڻو مرد ھئڻ وارو سڃاڻپ ڪارڊ ظاھر ڪيو ويو آهي. جڏھن ته نادرا کان 23 مئي تي ٺھيل ٽرانسجينڊر وارو ڪارڊ پيش ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مخصوص سيٽن تي فارم ڀرائڻ جي آخري تاريخ 22 مئي ھئي. پر نادرا جي ڏنل ٽوڪن تي رفيق گونگي جو فارم ڀريو ويو آھي. جي ڊي اي پاران اعتراض وارڻ جي باوجود ڊي آر او رفيق گونگي جو فارم بحال ڪيو آهي. ان فيصلي جي خلاف اپيل واري اٿارٽيءَ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سانگھڙ رفيق گونگي جو فارم بحال ڪيو آهي. جڏهن ته عدالت سڳوريءَ پاران ٽي ڀيرا مختلف وقتن تي رفيق گونگي کي عدالت ۾ روبرو پيش ٿيڻ لاءِ سڏ ڪرايو ويو. پر رفيق گونگي جي وڪيل پاران ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته ھن جي زندگيءَ کي خطرو آهي. ان ڪري عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان قاصر آهي. اھڙي ريت سيشن جج رفيق گونگي کي نادرا جي ڪارڊ سول سرجن جي ميڊيڪل رپورٽ جي بنياد تي ٽرانسجينڊر قرار ڏئي فارم بحال ڪري ڇڏيو آھي. جڏهن ته جي ڊي اي پاران ان فيصلي خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي وئي آهي. ان ڪري سانگھڙ ميونسپالٽيءَ ۾ چيئرمين جي چونڊ ۾ ٽرانسجينڊر جو ووٽ فيصلائتو بڻجي سامهون آيو آهي. جڏهن ته ميونسپل جي چيئرمينيءَ لاءِ مخصوص 9 ئي سيٽون آهن. انهن مخصوص سيٽن ۾ چار عورتن جون سيٽون آهن. جيڪي ٻئي ڌريون ٻه ٻه ميمبرياڻيون چونڊائي ويندا. پر هڪ سيٽ اقليت، هڪ سيٽ مزدورن جي، هڪ سيٽ معذور جي، هڪ سيٽ نوجوان جي ۽ هڪ خواجه سرا جي سيٽ تي چونڊ ٿيڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button