ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ اغوا جا واقعا

Editorial

ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي ثمرت ڪمار جي بازيابي کان پوءِ نه رڳو پوليس جي ڪردار کي ساراهيو پيو وڃي پر ثمرت ڪمار جي واپسيءَ کي وڏي ڪاميابي پڻ سمجهيو پيو وڃي. پر سنڌ مان رڳو ثمرت ڪمار ئي اغوا ڪونه ٿيو هو. ٻيا به ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي اڃا تائين پنهنجن مٽن مائٽن کي ڪونه ملي سگهيا آهن ۽ انهن جي بازيابيءَ لاءِ سندن وارث احتجاج پڻ ڪندا پيا اچن. ڪجهه ئي عرصي دوران سنڌ ۾ اغوا جي وارداتن ۾ واڌ ٿي آهي، اها واڌ تقريبن سنڌ جي هر ضلعي ۾ نظر اچي رهي آهي. اغوائن جي وارداتن کي ختم ڪرڻ يا مغوين کي بازياب ڪرائڻ پوليس جو ڪم آهي. پر جڏهن انگن اکرن کي ڏسجي ٿو ته اندازو ٿئي ٿو، هتي ڪوبه شهري محفوظ ڪونهي. ڪوبه ماڻهو ڪنهن وقت به اغوا ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ڏس پتي جي ڪا خبر ڪونه پوندي آهي، نتيجي ۾ اهي ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن اغواڪارن وٽ رهندا آهن، انهن جو ظلم سهندا آهن ۽ ان کان پوءِ ڳرو ڀنگ ڀري واپس ايندا آهن. جتي سنڌ ۾ اڳ ئي غربت ماڻهن جو جيئن ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي، اتي ماڻهو اغوا ٿيڻ کان پوءِ لکين رپيا ڀري پاڻ کي آزاد ڪرائين ٿا.

ڪالهه به اخبارون اغوائن جي وارداتن وارين خبرن سان ڀريون پيون هيون. خانپور ڀرسان ٻن نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن جي تصديق وارثن پڻ ڪئي آهي. ڳوٺ حيات ڀنڀرو واسي شوڪت ڀنڀري ۽ يونس ڀنڀري کي هٿياربند اغوا ڪري ويا. ٻنهي نوجوانن کي محمد پور جي ڪچي ڏانهن کڻي ويا آهن، ان واردات جي تصديق فون وسيلي ٿي آهي. ان کانسواءِ ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم ٻار سميت مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. عظيم ميڻڪ، وڪيل مرزا گولو، واجب گولو، ڪوثر ۽ نازيا کي پوليس بازياب ڪونه ڪرائي سگهي آهي. ان ڪري ڊي سي آفيس کان هٿن جي زنجير ٺاهي احتجاجي ريلي ڪڍي گهنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. جڏهن ته شهدادپور مان 9 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان جو به پتو ڪونه پئجي سگهيو آهي. هٿياربند نوجوان احسن لاشاريءَ کي اغوا ڪري ويا هئا. ٻئي پاسي هڱورجا ۾ مغوي ٻارڙي جي بازيابي لاءِ هڙتال ڪئي وئي ۽ مختلف ڌرين پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. خيرپور پوليس 72 ڏينهن گذرڻ باوجود چار سالن جي جعفر ڀٽي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. اهڙي ريت سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن جون اهڙيون خبرون آهن، جن موجب شهرين کي اغوا ڪيو ويو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ اغوا جا وڌندڙ واقعا ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهن ته سنڌ جا ماڻهو هاڻ ڪٿي به محفوظ ڪونه رهيا آهن. ڇا پوليس انهن ماڻهن کي بازياب نٿي ڪرائي سگهي، ڇا ان کي اهو اندازو ڪونهي ته انهن ماڻهن کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي ۽ اهي ڪهڙا عنصر آهن، جيڪي کين اغوا ڪري سنڌ جو امن امان تباهه ڪري رهيا آهن. تنهنڪري پوليس کي هر سطح تي اغُوا جي وارداتن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ جيڪي ماڻهو به اغُوا جي وارداتن ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾دير نه ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button