پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ فلم آرٽ ۽ ثقافت ۾ ٻھ طفي سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان جرمني جي سفير ايلفرڊ گرناس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ فلم جي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن. جڏهن تھ جرمن سفير کي مريم اورنگزيب فلم اينڊ ڪلچر پاليسي ۽ سهولتن بابت آگاهي بھ ڏني آهي. ملاقات ۾ بيبلسبرگ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ٽيلي ويزن اينڊ فلم ميونڪ سان گڏيل فلم سازي تي بھ غور ڪيو ويو آهي. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو تھ پرڏيهي فلم ميڪرز کي پاڪستان ۾ فلم ميڪنگ ۾ رعايتن مان فائدو وٺڻ کپي. هن چيو تھ پاڪستاني نوجوانن کي فلم ميڪنگ، آرٽ ۽ ڪلچر ۾ فني تربيت لاءِ جرمن ادارن جي سهڪار جي خواهش رکون ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close