شوبز

جوائي لينڊ جي علينا خان مس ٽرانس پاڪستان جو تاج کٽي ورتو

پاڪستان جي ڪيترائي عالمي ايوارڊ حاصل ڪندڙ فلم جوائي لينڊ جي اداڪار علينا خان مس ٽرانس پاڪستان جو تاج کٽي ورتو آهي. ميڊيا مطابق ٽين جنس جي حسن جي مقابلي ۾ علينا خان کي سال 2023ع لاءِ حسين ترين مس ٽرانس جو تاج پارايو ويو آهي. علينا خان جو چوڻ هو تھ ٽرانس ڪميونٽي آڏو حسن جو مقابلو کٽڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ تھ هي انتهائي وڏو اعزاز آهي. هن جو چوڻ هو تھ عورتن ۽ ٻين ڪميونٽيز آڏو مس ٽرانس پاڪستان جو اعزاز ماڻڻ سان وڏو اتساهه مليو آهي. هن چيو تھ هي اسان جو حقيقي پليٽ فارم آهي، جتي اسين کليل نموني سان پرفارم ڪندا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button