شوبز

ڇوڪري ڪجهه نھ ڪري سگهڻ تي گهران ڀڄي ٿي: حرا سومرو

پاڪستان جي مشهور ڊرامي تيري بن ۾ مک ڪردار مرتسم جي ڀيڻ جو ڪردار ڪندڙ اداڪارا حرا سومرو چيو آهي تھ ڇوڪري ڪجهه نھ ڪري سگهڻ تي گهران ڀڄي ٿي. پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ آزادي سان سوچڻ يا ڪم ڪرڻ ۾ رڪاوٽ تي ڇوڪريون گهڻو ڪري گهر ڇڏين ٿيون ۽ اها ئي ڳالهه اسان هن ڊرامي ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو تھ ڊرامي تيري بن ۾ سٺي ڳالهه اها آهي تھ هر ڪردار کليل نموني پرفارم ڪرڻ ڏنو ويو آهي تھ جيئن ان جون فنڪار صلاحيتون سامهون اچي سگهن. حرا ٻڌايو تھ پرڻيل آهيان، تنهنڪري مڙس ۽ ٻن ٻارن جي هوندي ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ننڊ بھ ناهيان ڪندي، پر توازن رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button