هن سال پنجين جون واري عالمي ماحولياتي ڏينهن تي پلاسٽڪ سبب وڌندڙ آلودگيءَ کي بحث ۾ آندو ويو. گڏيل قومن پاران هر سال پنجين جون واري ڏينهن کي ماحوليات واري عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. جنهن ۾ پهريون ڀيرو اسٽاڪ هوم ۾ 1972ع ۾ عالمي سطح تي ماحولياتي مسئلن کي سامهون رکيو ويو هو. ان ڪري هن سال پنجين جون کي گولڊن جوبلي طور ملهائي وئي. هن ڏينهن کي دنيا جي سمورن آلودگي پيدا ڪندڙ مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. آئون سمجهان ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سنڌ لينگويج اٿارٽي ۾ سنڌي نصاب ۾ جديد سائنسي گهرجن موجب بنائڻ واري ڪانفرنس ۾ ماحوليات واري سبق جي اهميت تي ضرور زور ڏنو ويو هوندو.
موسمي تبديلي: سنڌ لاڳيتو مهاٻوڏ، طوفان ۽ ڏڪار واري صورتحال مان گذرندي رهي آهي. ويجهڙائي ۾ ٻن وڏين ٻوڏن مان گذري چڪي آهي. تبديل ٿيندڙ موسمن کان پو ڏڪاري حالتن جي وڌي وڃڻ جو وڏو اثر دنيا جي دريائن تي پوڻ لڳو آهي. جنهن سبب دريائن جا وهڪرا تبديل ٿي رهيا آهن ۽ ڪي دريا سڪي مورهيون ئي گم ٿي وڃن ٿا. سنڌ ۾ هاڪڙو درياءَ، پراڻ دريا، سرسوتي نديءَ جو گم ٿيڻ اسان جي تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي.
پلاسٽڪ جو استعمال: ويجهڙائي وارن سالن ۾ روزمره جي زندگيءَ ۾ پلاسٽڪ جو واهپو تمام گهڻو وڌي ويو آهي. جن ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو گهڻو واهپو پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ ٿيڻ لڳو آهي. شادي مراديءَ کان وٺي مرتيي تائين پيئڻ جو پاڻي پلاسٽڪ جي بوتلن ۾ پيئڻ جو رواج پيو آهي. جڏهن ته صحت جي ماهرن چواڻي ٺڪر جي ٿانون ۾ پيئڻ جو پاڻي رکڻ ۽ استعمال ۾ آڻڻ صحت لاءِ وڌيڪ فائدي مند آهي. جڏهن ته کير، چانهه، گوشت، ڀاڄي ۽ کاڌي جون پارسل ڪرايل سڀ شيون پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ وٺي وڃڻ جو رواج وڌي ويو آهي. روايتي طور اهڙي سامان لاءِ ڪپڙي، کجي ۽ پيش جا ٿيلها ۽ ٻوڙ، کير، جوس ۽ ٻئي پاڻياٺ واري سامان لاءِ گهران ٿانو کڻي وڃڻ جو قديمي رواج موجود آهي. ماحولياتي ماهرن پلاسٽڪ جي ايڏي وڏي استعمال کي انساني صحت ۽ پوري ماحوليات لاءِ سنگين قرار ڏنو آهي. ماحولياتي ماهرن موجب هر سال 400 ملين ٽن پلاسٽڪ تيار ٿئي ٿو. جڏهن ته 10 سيڪڙو ري سائيڪل ٿئي ٿو. ماهرن جي گڏ ڪيل انگ اکرن موجب پلاسٽڪ جو واپار ساليانو هڪ ٽرلين ڊالرز کان به وڌي چڪو آهي. پلاسٽڪ جي ايڏي وڌي ويل واهپي جي نتيجي ۾ ماحولياتي نظام تي انتهائي خراب اثر پوڻ لڳا آهن. جنهن ۾ ورتل انگن اکرن موجب استعمال ڪيل پلاسٽڪ جو فضلو 23 پوائنٽ 19 ملين ٽن سمنڊ، دريائن ۽ ڍنڍن ۾ پهچي ٿو. ان ڪري مڇي ۽ ٻي آبي جيوت جي 400 قسمن جو نسل ئي ختم ٿي ويو آهي. ساڳي ريت مڇين ۽ ٻي آبي جيوت جي گوشت ۾ پلاسٽڪ جا قسم ڳوليا ويا آهن. جنهن جو انساني صحت تي انتهائي خراب اثر پيو آهي. رپورٽ موجب فقط انساني صحت کي ساليانو 300 ارب ڊالرن کان 600 ارب ڊالرن جو نقصان پهچي رهيو آهي. ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته پلاسٽڪ جو ٻيهر استعمال، ري سائيڪل ۽ مرمت ڪرڻ طور استعمال وڌائڻ گهرجي.
مڪاني ادارا ۽ پلاسٽڪ: رڳو پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي وڌندڙ استعمال جي نتيجي ۾ نيڪاسيءَ جي نالين ۾ پوندڙ پلاسٽڪ کي ڏٺو وڃي ته سڄي نيڪاسيءَ جي ناڪامي جو سبب اهي ٿيلهيون آهن. جن جي ڪري گٽر بند ٿي وڃن ٿا ۽ پاڻيءَ ۾ اهي ٿيلهيون ڳرن به نٿيون.
ڌرتي ۽ پلاسٽڪ: سائنسدانن مٽيءَ جي سائنس کي اهم قرار ڏيندي ان کي هڪ جيئري جاڳندي بايوڊئيورسٽي سڏيو آهي. جنهن ۾ هوا ۽ پاڻي به آهي. ساڳي ريت مٽيءَ کي واري، پٿريلي مٽي، چيڪي مٽي ۽ سانپن جو گڏيل جهان سڏيو آهي. ڌرتيءَ جي مٿان پيل پلاسٽڪ سنگين آلودگي پيدا ڪري ٿو. زمين ۾ پوندڙ پاڻيءَ کي پلاسٽڪ روڪي ٿو. پلاسٽڪ جي مٿان پوندڙ ڪوبه ٻج زمين تي ڦٽي نٿو. سائنسدانن مٽيءَ جي اهميت جو ذڪر ائين به ڪيو آهي ته سائنسدانن جي ڪيل هيڏي وڏي ترقي جي باوجود هو هٿرادو طور مٽيءَ جو هڪ انچ به ٺاهي نٿو سگهي. ان ڪري سائنسدانن ڌرتيءَ کي پلاسٽڪ کان بچائڻ لاءِ زور ڏنو آهي. آسٽريليا ۾تعليم حاصل ڪندڙ ماحوليات دوست ۽ ليکڪ منهنجي دوست گووند مينگهواڙ مياڻي ٻيلي ۾ گهمڻ دوران ٻڌايو هو ته آسٽريليا جا سمورا روڊ پلاسٽڪ جي ٻيهر استعمال سان جوڙيا وڃن ٿا. آسٽريليا ايڏو وڏو ملڪ آهي، جتي پنج ڪلاڪ جهاز ان ملڪ جي مٿان گذري ٿو. اتي ڌرتيءَ جو ڪوبه هنڌ وڻن کان خالي نه آهي.