ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ پراجيڪٽ مان سياسي پارٽين ڇا سکيو؟

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

پي ٽي آءِ جي ڪيل تجربي مان هتان جي اسٽيبلشمينٽ ڇا سکيو آهي، اهو ته چٽو نظر اچي رهيو آهي ته ان ڪجهه به ڪونه سکيو آهي پر ان کان به اهم سوال اهو آهي ته پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ آڻي عوام مٿان مڙهي ان جي ڇاتيءَ تي مڱ ڏرڻ کان پوءِ هتان جي سياسي پارٽين ڇا سکيو آهي؟ جڏهن به ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي حڪومت جو خاتمو ٿيڻ وارو هوندو آهي يا وري ان تي ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ته پارٽيءَ ۾ موجود ماڻهو هڪ هڪ ڪري ان کي ڇڏيندا ويندا آهن. ان کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ کي جيڪو سهارو ملندو آهي اهو ميدان ۾ موجود سياسي پارٽين جو ئي ملندو آهي. جنهنڪري ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جا ماڻهو ٽوڙي ڪنهن ٻي سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ ڏکيو ڪونه هوندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽيءَ جا 50 کان 60 اڳواڻ ڪنهن ٻي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي وڃن ته ان لاءِ حڪومت ٺاهڻ ڏکيو ڪونه هوندو آهي بلڪه جنهن پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آڻڻو هوندو آهي، ان ۾ سمورن اليڪٽيبلز کي شامل ڪرايو ويندو آهي.

2008ع وارين چونڊن ۾ جڏهن ڪجهه عرصو اڳ محترما بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته همدردي طور به پيپلز پارٽيءَ کي گهڻو ووٽ پيو هو ۽ پنجاب ۾ کيس گهڻو ووٽ پيو هو. پر 2013ع وارين چونڊن ۾ صورتحال ڪجهه تبديل ٿي وئي هئي. ان کان پوءِ پنجاب پيپلز پارٽيءَ جي هٿن مان نڪري ويو هو ۽ نواز ليگ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ڪري رهي هئي. ڪجهه سالن کان پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حوالي سان اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته هاڻ پيپلز پارٽي پنجاب ۾ پنهنجو ووٽ بئنڪ ڪونه کڻي سگهندي. پر پي ٽي آءِ خلاف جيڪا وٺ وٺان شروع ٿي آهي، ان جو ڀرپور فائدو پيپلز پارٽيءَ کي ملي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ کان ٽٽا آهن، اهي پيپلز پارٽيءَ ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ اڃا به گهڻا ماڻهو پيپلز پارٽيءَ ڏانهن وڃڻا آهن.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن ماڻهن جو هڪ پارٽيءَ کان ٻي پارٽيءَ ۾ وڃڻ ڪو ضمير جو آواز ڪونهي پر اسٽيبلشمينٽ جو پريشر ۽ انهن جي پنهنجي سياسي ڪيريئر جو مسئلو پڻ آهي. هڪ سياسي ماڻهو سدائين ڪنهن اهڙي سياسي پارٽيءَ جي ڳولا ۾ هوندو آهي، جتي ان کي بهتر پوزيشن ملي سگهي يا جتي ان کي وڌ کان وڌ سياسي فائدو ملي سگهي. پي ٽي آءِ جهڙِي ريت پنهنجو پاڻ ۾ ڪا پارٽي نه هئي، ان ۾ اهي ئي ماڻهو شامل ڪيا ويا هئا، جيڪي اڳ ئي ٻين سياسي پارٽين ۾ موجود هئا، پر جيئن ته عمران خان پراجيڪٽ وڏي وقت کان هلندڙ هو، تنهنڪري ان کي عملي طور پيش ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ اقتدار عمران خان نيازيءَ جي پارٽي تحريڪ انصاف حوالي ڪيو پر اها پارٽي لڳ ڀڳ چار سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود به عوام لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي. ايستائين ان کي انتظامي معاملا هلائڻ جو ڪو تجربو ڪونه هو، تنهنڪري اها انتظام ڪاريءَ کي پڻ سمجهي نه سگهي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان سندس ڏند چڪ به پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگيءَ کي خراب ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اقتدار ۾ رهڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهي رکڻ ضروري آهي.
هن وقت اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته عمران خان نيازي ملڪ جو طبيب اردگان ثابت ٿيندو ۽ اهو اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيندو. پهرين ته ان نقطي تي سڀني سياسي پارٽين کي هڪ ٿيڻ گهرجي. گذريل 76 سالن کان سياسي پارٽيون ان نقطي تي گڏ ڪونه آهن. ڪجهه وقت لاءِ سياسي پارٽيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف اڀار اچي ٿو پر اهو چانهه جي پيالي ۾ طوفان مثل آهي. تنهنڪري اهو پنهنجو اثر نٿو ڇڏي. جڏهن سڀئي سياسي پارٽيون اهو طئي ڪنديون ته کين اسٽيبلشمينٽ کان پاسيرو ٿي سياسي معاملا حل ڪرڻا آهن ۽ سياسي مداخلت کي روڪڻو آهي ته پوءِ ئي ڪجهه ٿي سگهي ٿو. پر جڏهن ڪا سياسي پارٽي اسٽيبلشمينٽ مخالف ۽ ڪا حامي هوندي ته اهو ممڪن ڪونهي ته سياسي واڳون سياسي پارٽين جي هٿن ۾ هجن.
هن سڄي ڊرامي ۾ پهريون ۽ آخري سبق سياسي پارٽين لاءِ آهي، جيڪي سدائين هڪٻئي جون ڄنڊا پٽ ڪنديون رهيون آهن ۽ ان ڄنڊا پٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ مضبوط ٿيندي رهي آهي. تنهنڪري ايندڙ وقت ۾ جيڪڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي ٻل تي سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته پوءِ اهي هڪ قوت طور اڀري سگهن ٿيون، نه ته اهي سدائين اسٽيبلشمينٽ جي سهاري کان سواءِ هلي ڪونه سگهنديون ۽ نه ئي پنهنجي طاقت مڃرائي سگهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button