ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻي کوٽ ڀوڳيندڙ بدين، ٺٽو ۽ ابراهيم حيدري

Editorial

سنڌ ۾ ڪجهه عرصي کان عوام پاڻيءَ جي کوٽ کي ڀوڳي رهيو آهي، پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ جو مطلب اهو آهي ته روزمره جا ڪم ڪار نه ٿيڻ. جڏهن ته پاڻيءَ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر جڏهن شهرن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي ته ماڻهو پيئڻ جو پاڻي ٽينڪرن وسيلي گهرائيندا آهن ۽ ان لاءِ کين پئسا ڏيڻا پوندا آهن. اهڙي ريت اهي هڪ پاسي گهر ۾ ايندڙ پاڻيءَ جو بل ڏيندا آهن ته ٻئي پاسي ٽينڪرن وسيلي ايندڙ پاڻي به پنهنجن پئسن مان خريد ڪندا آهن. هن وقت سنڌ جي ٽن شهرن ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ لڳي پئي آهي.

خبر موجب ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پاڻي جي کوٽ، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف شھري ۽ سياسي، سماجي، قومپرست ۽ مذھبي تنظيمن جا اڳواڻ مڪلي قومي شاهراھه تي نٽھڻ اُس ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ان موقعي تي ايس ٽي پي، فنڪشنل ليگ، پي ٽي آءِ ۽ جسم اڳواڻن چيو ته ھڪ طرف ٺٽو ۽ مڪلي ۾ گذريل 3 مھينن کان پاڻي جو سخت بحران آھي، واھن ۾ وارا بندي سبب زمينون پاڻي نه ملڻ ڪري بنجر بڻجي رھيون آھن ته ٻئي طرف بجلي ۽ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ ڪري عوام جو سڪون برباد ڪيو ويو آھي، ان باوجود ضلعي انتظاميا ان طرف ڌيان ڏيڻ لا تيار ناھي ۽ نه ئي واھن جي صفائي توڙي کاٽي ڪرائي وڃي ٿي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ڊي سي ٺٽو کي مسئلا حل ڪرڻ لا ٻن ڏينھن جي مھلت ڏيندي چيو ته جائز مسئلا پو به حل نه ٿيا تہ ٻيھر ان کان به وڏو احتجاج ڪيو ويندو. جڏهن ته بدين ۾ ڏهن ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ رھواسين کي ھينڊ پمپن جا چڪر ڏيڻ ۽ پئسن عيوض پاڻي خريدڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٽٽل مين لائين جي اڃا تائين مرمت نه ڪئي وئي آهي، شھر جي ڪيترن ئي پاڙن جي رهواسين پاڻيءَ جي بحران خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب بدين شھر جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بدترين بحران ھلندڙ آھي. مين لائين ٽٽڻ ۽ مرمت نه ٿيڻ ڪري گذريل 10 ڏينھن کان شھري پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ پريشان آهن پر ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آھي. ان کان سواءِ ابراهيم حيدريءَ جي جت ڳوٺ واسين به پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي جنهن شهر ۾ به پاڻيءَ جي کوٽ آهي، ان کي ختم ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل انتظاميا پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ جتي به واهن ۽ شاخن جي کاٽي توڙي صفائي جي ضرورت آهي، ان ۾ دير نه ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته پيئڻ جو صاف هر شهري جو حق آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نٿي ڪري سگهي. تنهنڪري سنڌ جي شهرين جي احتجاج کي نظرانداز نه ڪيو وڃي پر سندن مطالبن کي ٻڌي انهن تي عمل ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ان ڳالهه کي ڪنهن به ريت برداشت نٿو ڪري سگهجي ته شهري پاڻيءَ جي کوٽ خلاف احتجاج ڪن. اها ته اهڙي ضرورت آهي جيڪا بنا احتجاج ڪرڻ جي شهرين کي بنا رنڊڪ جي ملڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button