شوبز

نواز الدين صديقي جي اڳوڻي زال ٻي شادي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

بالي ووڊ جي منفرد انداز واري اداڪار نواز الدين صديقي جي اڳوڻي زال عاليا صديقي ٻي شادي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق نواز الدين صديقي جي اڳوڻي زال عاليا سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ دوست سان گڏ تصوير بھ شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ هن ان جو نالو کڻڻ بنا ئي اٽلي سان تعلق رکندڙ دوست سان پنهنجو رشتو دوستي کان گهڻو وڌيڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عاليا صديقي تصوير سان گڏ تفصيلي ڪيپشن ۾ لکيو آهي تھ جنهن رشتي کي قيمتي سمجهيو ان مان نڪرڻ ۾ 19 سال لڳي ويا، پر منهنجي زندگي ۾ ٻار ئي ترجيح هئا ۽ ترجيح رهيا آهن. هن چيو تھ ڪجهه رشتا دوستي کان وڌيڪ هوندا آهن، ڇا مون کي خوش رهڻ جو حق ناهي، مان هن ماڻهو سان خوش ۽ زندگي ۾ اڳتي نڪري وئي آهيان. هي دوست اٽلي جو رهواسي آهي، اسان جي پهرين ملاقات دبئي ۾ ٿي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button