شوبز

سوارا ڀاسڪر اميد سان ٿي وئي، جلد ٻار کي جنم ڏيندي

بالي ووڊ اداڪارا ۽ سماج وادي پارٽي جي اڳواڻ فهد احمد سان شادي رچائيندڙ سوارا ڀاسڪر پنهنجي اميد سان هجڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي تھ جلد پهرين ٻار کي جنم ڏيندي. ميڊيا مطابق سوارا ڀاسڪر مڙس فهد احمد سان گڏ تصوير تازي شيئر ڪري مداحن کي زندگي جي وڏي خوشخبري ٻڌائيندي اميد سان هجڻ جي آگاهي ڏني آهي. هن تصويرن جي ڪيپشن ۾ لکيو تھ مان آڪٽوبر ۾ ماءُ بڻجي وينديس، جنهن سبب هن وقت منهنجا احساس بيان ڪرڻ کان بھ ٻاهر آهن. هن چيو تھ اسين هڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، جنهن جو اظهار ڪرڻ ممڪن ناهي تھ ڪيئن محسوس ڪيون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button