اردو ٻوليءَ جي تمام وڏي اديب مشتاق يوسفيءَ لکيو آهي ته “انسان اهو واحد جانور آهي، جيڪو مصيبت اچڻ کان اڳ ۾ پريشان ٿي ويندو آهي.”
اهو حال هن وقت هن قوم جو آهي، جنهن کي محسوس ٿي رهيو آهي ته هن ڀيري پيش ٿيندڙ بجيٽ ۾ قوم کان اڃان وڌيڪ قرباني ورتي ويندي. هن ملڪ مان جيترا فائدا حڪمرانن ۽ بيروڪريٽس ورتا آهن، ايترا فائدا ته ملڪ کي اڏيندڙن به نه ورتا هئا. هن ملڪ کي هلائڻ چلائڻ وارا هٿ انهن حڪمرانن جا ناهن، جن ڪڏهن به ڪوڏر استعمال نه ڪئي آهي ۽ نه وري انهن کي ڪڏهن مزدوري ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي. هن ملڪ کي جيڪا قوت ان حال ۾ به هلائي رهي آهي، اها قوت عوام جي آهي. اهو عوام جيڪو ان اپائي ٿو. اهو عوام جيڪو پنهنجي اجتماعي طاقت سان ملڪ جو ڦيٿو ڦيرائي ٿو. ان عوام جي مٿان ڪهل ڪرڻ بدران اسان جي حڪمرانن تي وڌيڪ بار وڌو آهي.
پاڪستان جي عوام مٿان مهانگائيءَ جو بار ته هر ڏينهن وڌندو رهندو آهي پر ان بار جو جيڪو آفيشل اعلان بجيٽ ۾ ڪيو ويندو آهي، ان جي تڪليف جو اندازو انهن حڪمرانن کي هرگز ٿي نه ٿو سگهي، جن کي اٽي ۽ گيهه جي قيمت جو ڪو به احساس ۽ اندازو نه هوندو آهي، هو ڊالرن ۾ سوچيندا آهن. هو ڊالرن ۾ پئسا ڪٺا ڪندا آهن. هو ڊالرن ۾ هڪ ٻئي کي تحفا ڏيندا آهن. انهن جو ڪهڙو ڪم انهن روپين سان جنهن جو ملهه هر ڏينهن هيٺ وڃي رهيو آهي.
ڇا اها عجيب ستم ظريفي ناهي ته جيڪو طبقو بجيٽ کي پنهنجي سيني تي سهي ٿو، اهو طبقو بجيٽ ۾ نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ ان طبقي جي نمائندگي به اهي امير طبقا ڪن ٿا، جيڪي پنهنجي فطرت ۾ بزدل ۽ بي وفا هوندا آهن. ڪارل مارڪس چوندو هو ته انسان معاشي حالتن جي هٿن ۾ رانديڪو آهي. جيڪڏهن هن جو موقف درست نه هجي ها ته اڄ اسان جي ملڪ جو اهڙو حال ڇو هجي ها؟ اسان جو ملڪ ۾ ڪهڙي ڪمي آهي؟ اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪمي آهي ته صرف دولت جي! اسان جي ملڪ ۾ ڪمي آهي ته صرف ڊالرن جي! اهي ڊالر اسان جي حڪمرانن جي پرڏيهي اڪائونٽن ۾ ڀريا پيا آهن پر اهو انهن کي ملڪ اندر منتقل ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن. ڇو ته انهن کي خطرو آهي. انهن کي خوف آهي. انهن کي نظر اچي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ معاشي حالتون ايتريون ته منديون آهن جو ڪڏهن به انهن جا ڪاروبار ويهجي سگهن ٿا. ان ڪري اسان جي اڳوڻن وزيراعظمن جا ڌنڌا ۽ ڪاروبار ملڪ کان ٻاهر انهن ملڪن ۾ آهن، جن ملڪن ۾ معيشت مضبوط آهي. جڏهن ته اسان جي ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ اهم ڪردار انهن ئي حڪمرانن جو رهندو آيو آهي ۽ هن ڀيري به هيءَ حڪومت پوري سال جي تياريءَ کان پوءِ جيڪا بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ تياري ڪري آهي، ان لاءِ هوءَ اڳواٽ عوام کي تڪليف برداشت ڪرڻ جي تلقين ڪري رهي آهي.
سوال اهو آهي ته سرڪار ڪرڻ جو حق صرف اميرن کي آهي ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ جو فرض صرف غريبن جي حوالي ڪيو ويو آهي. ائين ڇو آهي؟ ڇا اها بي انصافي ناهي؟ ڇا بي انصافيءَ تي ٻڌل سماج ڪڏهن به ترقي ڪري سگهن ٿا؟ هي سماج ڪڏهن به اسري نسري نه ٿا سگهن، جن سماجن ۾ عام ماڻهوءَ جي اهميت ناهي. جن سماجن ۾ عام ماڻهوءَ کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ملڪ حڪمرانن سان نه هوندا آهن. ملڪ سدائين عوام سان هوندا آهن. عام ماڻهن سان هوندا آهن. انهن جي دم قدم سان ملڪ هوندا به آهن ۽ ملڪ ترقيون به ڪندا آهن. پاڪستان ۾ عوام کي ملڪ کان ڪٽي، ملڪ جون واڳون مخصوص هٿن جي حوالي ڪري جنهن طرز جي حڪمراني ڪئي وئي آهي، ان جو نتيجو اهو آهي ته هن ملڪ پاڪستان ڏيوالپڻي جي آخري حد کي ڇهي رهيو آهي. اسان جا معاشي ماهر هر ڏينهن ايترا ته تلخ تبصرا ڪن ٿا جو انهن جون ٻوليون ٻڌي محسوس ٿئي ٿو ته اسان ڪنهن ملڪ ۾ نه پر اهڙي ٻيڙي ۾ آهيون، جنهن جي بچڻ جو ڪو امڪان ڪونهي. پر پوءِ به اهو ٻيڙو عوام جي قوت بازو سبب هن مهل تائين عالمي حالتن جي اٿل پٿل باوجود به نه ٻڏو آهي ۽ ان جي نه ٻڏڻ جو ڪريڊٽ عوام کي ملڻ گهرجي.
عوام پاڪستان جي اصل طاقت آهي پر ان عوام سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي، جهڙو سلوڪ تاريخ ۾ غلامن سان ڪيو ويندو هو. ان عوام جي عزت ۽ ان جو وقار ۽ ان جو جمهوري آزاديون ته پري جون ڳالهيون آهن پر انهن جي مٿان پيل زندگيءَ جو معاشي بار هٽائڻ لاءِ به ڪڏهن سنجيدگيءَ ۽ سچائيءَ سان ڪوششون نه ڪيون ويون آهن. ان جي نتيجي ۾ عوام ايترو ته سوڙهو ۽ ايترو ته سورن ۾ اچي ويو آهي، جنهن جو بيان ڪرڻ به آسان نه آهي.
اردوءَ جو هڪ مشهور شعر آهي ته:
“وعده نه وفا ڪرتي
وعده تو ڪيا هوتا”
پر اسان سان ته اسان جا حڪمران بجيٽ جي سلسلي ۾ اهڙو ڪو وعدو به نه ٿا ڪن، جنهن وعدي ۾ ڪا اميد ۽ ڪو آسرو هجي. هن وقت بجيٽ جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي. ملڪ جي اقتصادي وزير اسحاق ڊار ته اهو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي ته انهن پاران بجيٽ مڪمل آهي. اها پنهنجي مقرر وقت تي پيش ڪئي ويندي پر ان بجيٽ جي حوالي سان عوام کي ڪا اميد بدران انديشو آهي. انديشو به نه پر انديشا آهن. عوام کي انهن انديشن تي ايترو اعتبار آهي جو انهن کي پڪ سان محسوس ٿي رهيو آهي ته انهن مٿان وڌيڪ مهانگائيءَ جو بار وڌايو ويندو ۽ اهوا يترو ته وڌايو ويندو، جو عوام جي چٻي چيلهه اڃان وڌيڪ مڙي ويندي.
انهن حڪمرانن هي هٿن ۾ هن ڀيري به بجيٽ جي اها ڪمان آهي، جنهن ۾ سڀ تير تکا آهن. اهي سمورا تير مسڪين ماڻهن جي سيننن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ تيار آهن. ڇا هن ملڪ ۾ اهو وقت نه ٿو اچي سگهي، جنهن وقت ۾ عوام بجيٽ جي سلسلي ۾ فقط انديشا نه پر اميدون به رکي؟ مهانگائيءَ جا انديشا ته سدائين سچ ثابت ٿيا آهن.
ڪاش! ڪو اهڙو ڏينهن به اچي، جڏهن سهانگائيءَ جون اميدون پوريون ٿين ۽ بجيٽ کي ٻڌي ماڻهن جي اجهاميل چهرن تي مرڪ اچي. هن مهل تائين بجيٽ سبب ماڻهن جا مک وڌيڪ اداسيءَ ۾ ويندا ڏٺا آهن.