اسلام آبادپاڪستان

ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ نان فائلرز لاءِ ٽيڪسن ۾ واڌ جي تجويز

اسلام آباد : ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ نان فائلرز لاءِ ٽيڪسن ۾ واڌ جي تجويز آهي. ذريعن موجب آٽو سيڪٽر لاءِ پاڪستان بزنس ڪائونسل تجويزون ڏنيون آهن ته بجيٽ ۾ نان فائلرز لاءِ گاڏين تي ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ نان فائلرز لاءِ گاڏين تي ايڊوانس انڪم ٽيڪس ۾ ٻيڻي واڌ ڪئي وڃي. جڏهن ته انجڻ ڪيپيسٽي بدران خريداري رسيد تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ بئنڪن مان رقم ڪڍرائڻ تي ود هولڊنگ ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، نان فائلرز تي بئنڪن مان روز 50 هزار رپيا ڪيش ڪڍرائڻ تي ٽيڪس ختم ڪيو ويو هو پر هاڻ بجيٽ ۾ نان فائلرز تي بئنڪ مان ڪيش ڪڍرائڻ تي ٽيڪس ٻيهر لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ايف بي آر ذريعن موجب بجيٽ ۾ ملڪي برآمدن جو هدف 30 ارب ڊالر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ درآمدن جو ڪاٿو 58 ارب 70 ڪروڙ ڊالر لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال واپاري خسارو 28 ارب 70 ڪروڙ ڊالر هوندو. ان کانسواءِ بجيٽ ۾ انڪم ٽيڪس ايڪٽ جي شق 231، 231 اي ۽ 236 پي کي بحال ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حڪومت نان ٽيڪس آمدني 2 ڏهائي 9 ٽريلين تائين وٺي وڃڻ چاهي ٿي.ذريعن موجب پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي 50 رپين مان وڌائي 60 رپيا في لٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت کي 10 رپيا في لٽر ليوي وڌائڻ سان 870 ارب رپيا حاصل ٿيندا ۽ حڪومت ان حاصل ٿيل رقم مان پينشن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ڪرڻ چاهي ٿي، ايندڙ مالي سال ۾ پينشن ۾ واڌ لاءِ 780 ارب رپين جي ضرورت هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button