اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جو ذميوار عمران خان پاڻ آهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جي ڳالهه جو ذميوار عمران خان پاڻ آهي. آمريڪي ملٽري ايڊ روڪرائڻ جي سازش 9 مئي سانحي جي ڪڙي آهي. پاڪ فوج جي قيادت ۽ شهيدن جي خلاف ٻاهرين ملڪ غليظ پيروپيگنڊا ڪيو پيو وڃي. پاڪستان دشمن ايجنڊي ۽ ان جي هٿيارن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي. پاڪستان جي معاشي ۽ دفاعي ۽ قومي مفادن کي نقصان ڏيڻ پي ٽي آئي جو مشن آهي. ڪوئي غدار، سازشي ۽ فارن ايجنٽ پنهنجي ڪوڙ، فريب دوکي ۽ پروپيگنڊا سان هر ڀيري ۽ هر ڪنهن کي هر وقت بيوقوف نٿو بڻائي سگهي. اربع تي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته اربين رپين جي فارن فنڊنگ انهيءَ مشن لاءِ ڪئي وئي، انهي فارن فنڊنگ سان ملڪ اندر ۽ ٻار ميديا مهم هلائي وئي. هن چيو ته فارن فنڊنگ سان سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ جوڙيو ويو جنهن جي ذريعي پاڪستانجي آئيني ۽ دفاعي ادارن ان جي قيادت جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته عوام سياست ۽ ملڪ دشمني ۾ فرق سمجهي چڪو آهي، سائفر ۽ 9 مئي هڪ ئي سازش جا ٻه مرحلا آهن. هن چيو ته سائفر جي نالي تي آمريڪا جي خلاف پروپيگنڊا ۽ 9 مئي کان پوءِ آمريڪا کان مدد جي خيرات عوام سڀ ڄاڻي ٿو. آئي ايم ايف جي پروگرام جا سخت شرط ۽ پوءِ پي ٽي آئي پاران ڀڃڪڙي انهي ايجنڊا جو حصو هو ته جيئن پاڪستان کي اهم قومي مفادن تي جهڪڻ تي مجبور ڪري سگهجي. هن منظم سازشي ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ هڪ ڪٺپتلي کي اقتدار ۾ مڙهيو ويو. هن چيو ته سي پيڪ کي روڪيو ڪشمير جو سودو ڪيو، دهشتگردن کي پناهه ڏني. هاڻي ملٽري ايڊ روڪرائڻ جي مشن تي آهي، انهيءَ ايجنڊا تحت پاڪستان جا ويجها بااعتماد ۽ هميشه ڪم ايندڙ دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button